تازا ترين
  • ڪراچي ۾ پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن تي واپاري ۽ شهري کي اغوا ڪرڻ جا 2 ڪيس داخل*
  • ايف بي آر انڪم ٽئڪس ريٽرن جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر 8 ڊسمبر تائين واڌ ڪري ڇڏي*
  • ايف آءِ اي شگر ملز اسڪينڊل ۾ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ جهانگير ترين کي اڄ طلب ڪري ورتو*
  • نيب ڪرپشن الزام هيٺ جليل الزمان کي گرفتار ڪري ورتو*تعلقي ناظم مخدوم حبيب الله پرويز مشرف جي دور ۾ ڪروڙين رپين جي ڪرپشن ڪئي: نيب ذريعا*

ترڪش اداڪارا ايسرا بلجيڪ اردو جي سکيا وٺڻ لڳي

ڪراچي (انٽرٽينمينٽ ڊيسڪ) ارطغرل غازي مان شهرت ماڻيندڙ ترڪ اداڪاره اسريٰ بلجڪ پاڪستان ۾ به  مشهوري ماڻي ورتي آهي جنهن کان پوءِ هاڻ هن اردو  زبان به سکڻ شروع ڪري ڇڏي آهي. ارطغرل ۾ پنهنجي ڪردار حليمه سلطان مان شهرت ماڻيندڙ اسريٰ بلجڪ جي سوشل ميڊيا تي هڪ وڊيو   هلي رهي آهي جنهن ۾ هن اردو ۾ استعمال ٿيندڙ عام لفظ سکندي ۽ ان جو انگريزي ۽ ترڪي زبانن ۾ ترجمو ڪندي ڏسي سگهجي ٿو. وڊيو ۾ هو اردو جا لفظ صحيح نموني چوڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي

بالڪل درست لفظ سان گڏ ادا ڪري حيران ڪري ڇڏيو. ان کان علاوه پنجابي لهجي ۾ آيا تي چها گيا به ادا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.
اداڪاره(بهت اعليٰ) جي ڳالهه ڪئي ۽  جڳاڙ جهڙا لفظ به بهتر طريقي سان ادا ڪيا ۽ لفظ چيتي کي پنهنجو پسنديده لفظ قرار ڏنو. پاڪستاني تهذيب ۽ ڪلچر مان متاثر اداڪاره اسريٰ بلجڪ ٻن منٽن جي وڊيو جي ختم ٿيڻ تي اردو لفظن جي ادائيگي جي مشق سان مزو ماڻيندي نظر آئي. ان کان اڳ هڪ وڊيو ۾ اسريٰ بلجڪ  ڪيترن ئي پاڪستاني کاڌا  آزمايا ۽  مرغي واري برياني کي پاڪستان جي پهرين نمبر جي ڊش جي طور تي چونڊ ڪيو هو.

Bookmark the permalink.