تازا ترين
  • *ڌرڻن دوران اڌ رات جو پيغام مليو ته استعيفيٰ ڏيو نه ته مارشلا لڳي سگهي ٿو، مون چيو استعيفيٰ نه ڏيندس، جيڪو ڪرڻو اٿو ڪيو: نواز شريف*سليڪٽيڊ وزيراعظم کي آڻيندڙ اصل ذميوار آهن، اليڪشن ۾ ڌانڌلي کي لکئي جو ليک سمجهي ماٺ ڪري نٿا ويهي سگهون*اڄ پارليامينٽ کي چونڊيل نمائندن بدران ڪو ٻيو هلائي رهيو آهي: نواز شريف جو لنڊن مان پارٽي جي سي اي سي کي وڊيو خطاب*
  • *نواز شريف هڪ ڀيرو ٻيهر گرفتاري وارنٽس وصول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو*
  • *اسان نواز شريف کي پورو موقعو ڏنو، جوابدار سڄي نظام کي شڪست ڏئي پرڏيهه هليو ويو: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ*هاڻي جوابدار ٻاهر ويهي کلندو هوندو ته ڪيئن سموري نظام کي دوکو ڏنو، هي انتهائي شرمناڪ رويو آهي*

فشر فوڪ فورم ۽ سول سوسائٽي طرفان سنڌ جي ٻيٽن تي نوان شهر اڏڻ واري منصوبي خلاف تحريڪ جو اعلان

سنڌ جا ٻيٽ 8 لک مهاڻن جي روزگار جو ذريعو ۽ صوبي جي ملڪيت آهن: محمد علي شاهه

ڏنگي ۽ ٻُنڊاڙ ٻيٽ تي نوان شهر اڏڻ وارو فيصلو واپس ورتو وڃي: اڳواڻن جي گهر

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) وفاقي سرڪار جي پلان مان لڳي ٿو ته ترقي جي نالي تي ٻيٽن تي قبضو ڪيو پيو وڃي، فشر فوڪ فورم ۽ سول سائٽي جي نمائندن طرفان سنڌ جي ڏنگي ۽ ٻُنڊاڙ ٻيٽ تي نوان شهر اڏڻ واري منصوبي خلاف تحريڪ هلائڻ جو اعلان، محمد علي شاهه، اسد اقبال بٽ، ڪرام علت ۽ ٻين ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس دوران چيو آهي ته سنڌ جا ٻيٽ 8 لک مهاڻن جي روزگار جو ذريعو ۽ صوبي جي ملڪيت آهن، اڳواڻن ڏنگي ۽ ٻُنڊاڙ ٻيٽ تي نوان شهر اڏڻ وارو فيصلو واپس وٺڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته وفاقي سرڪار طرفان پاڪستان آئيلينڊ ڊولپمينٽ اٿارٽي جوڙڻ جو مقصد ملڪ جي هڪ هزار 50 ڪلوميٽرز تي پکڙيل ٻيٽن تي قبضو ڪرڻ آهي.

Bookmark the permalink.