تازا ترين
  • *اين سي او سي جي هدايت تي سنڌ ۽ پنجاب سرڪار عوامي اجتماعن جي حوالي سان اخلاقي ضابطه جاري ڪري ڇڏيا*
  • *ٻنهي جهانن جَي سردار حضرت محمد ﷺ جن جِي ولادت جو اڄ جشن ملهايو پيو وڃي، عاشقن طرفان دُرود ۽ سلام سان نبي ڪريم ﷺ کي ڀيٽا پيش*

تحفي ۾ مليل گاڏيون ڪيس: نوازشريف جي اثاثن جي جاچ شروع

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) توشا خانه ريفرنس ۾ قومي احتساب بيورو (نيب) اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف جي ملڪيتن ۽ مختلف اثاثن جي ڳولا شروع ڪري ڇڏي آهي. نيب طرفان لاهور ڊولپمينٽ اٿارٽي (ايل ڊي اي) ۽ ٻين کاتن کي نوازشريف جي اثاثن ۽ ملڪيتن بابت خط لکيا ويا آهن، جنهن ۾ اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف جي ملڪيتن، گاڏين، بينڪ اڪائونٽن بابت تفصيل طلب ڪيا ويا آهن. نيب طرفان تفصيل ايل ڊي اي، ڊپٽي ڪمشنر لاهور، ايڪسائز ڊپارٽمينٽ ۽ خانگي بينڪ کان گهريا ويا آهن. جڏهن ته اڳوڻي وزيراعظم جي لاهور ۾ هڪ هزار 550 ڪنال کان وڌيڪ ايراضي جا دستاويز به طلب ڪيا ويا آهن. نوازشريف جي استعمال هيٺ مرسڊيز، لينڊ ڪروزر ۽ ٻن ٽريڪٽرن جو رڪارڊ به طلب ڪيو ويو آهي. لاهور جي خانگي بينڪ ۾ اڳوڻي وزيراعظم جي نالي سان  اڪائونٽ جو رڪارڊ به گهريو ويو آهي. ياد رهي ته هلندڙ مهيني جي شروعات تي احتساب عدالت توشا خانه ريفرنس ۾ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري، اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني، عبدالغني مجيد ۽ انور مجيد مٿان فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏيو آهي. جڏهن ته نوازشريف کي اشتهاري قرار ڏنو ويو آهي. توشا خانه ريفرنس جي لکت واري حڪم نامي ۾ عدالت نوازشريف جي گرفتاري لاءِ نيب جاچ ٽيم کي هر ممڪن قدم کڻڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

Bookmark the permalink.