تازا ترين
  • *اين سي او سي جي هدايت تي سنڌ ۽ پنجاب سرڪار عوامي اجتماعن جي حوالي سان اخلاقي ضابطه جاري ڪري ڇڏيا*
  • *ٻنهي جهانن جَي سردار حضرت محمد ﷺ جن جِي ولادت جو اڄ جشن ملهايو پيو وڃي، عاشقن طرفان دُرود ۽ سلام سان نبي ڪريم ﷺ کي ڀيٽا پيش*

بڪين خلاف ڪيس ۾ اڳڀرائپ: فيصل چٽا سميت 13 جوابدارن تي فرد جرم لاڳو: شاهد طلب

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) بين الاقوامي گروپ سان تعلق رکندڙ بڪين خلاف ڪيس ۾ اهم اڳڀرائپ، ڪراچي جي بينڪنگ ڪورٽ فيصل چٽا سميت 13 جوابدارن تي فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏي، جوابدارن جو ڏوهه مڃڻ کان انڪار، عدالت شاهدن کي طلب ڪري ورتو. ڪالهه ڪراچي جي بينڪنگ ڪورٽ ۾ پاڪستان سپر ليگ 2020ع ۾ ميچ فڪسنگ ۽ مني لانڊرنگ واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي جنهن دوران عدالت جوابدار فيصل چٽا جي هڪ ڀيرو ٻيهر ضمانت واري درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو، عدالت چيو ته جوابدار فيصل چٽا جي ضمانت واري درخواست تي فيصلو 8 آڪٽوبر تي ٻڌايو ويندو، جڏهن ته عدالت جوابدار فيصل چٽا جونالو ڪيس مان ڪڍڻ جي استدعا رد ڪندي چيو ته ايف آءِ اي هڪ چالان ۾ جوابدار فيصل چٽا خلاف پڪيون ثابتيون ڏنيون، ٻئي چالان ۾ وري جوابدار کي ڪلين چٽ ڏئي ڇڏي، عدالت ڪلين چٽ بابت ايف آءِ اي جو پيش ڪيل چالان رد ڪري ڇڏيو هو. ڪيس ۾ جن جوابدارن تي فرد جرم لاڳو ڪئي وئي آهي، انهن ۾ گرفتار ٿيل مريندر ڪمار، نريش ڪمار، محمد فيصل عرف بوفيلا، احمد الرمغان، حنيف شيخ ۽ محمد ۽ ضمانت تي آزاد ٿيل جبار امين، آفتاب احمد عرف عاطف ڊالر شامل آهن، جڏهن ته وقاص عرف پرنس، طلحه صديقي ۽ نعمان علي به ضمانت حاصل ڪندڙن ۾ شامل آهن ايف آءِ اي موجب پي ايس ايل 2020ع ۾ بڪين هڪ ڪرڪيٽر سان به رابطو ڪيو هو، دبئي ۽ بين الاقوامي بڪين جي گروپ پاڪستان جي بدنامي لاءِ پلان جوڙيو هو، ايف آءِ اي جوابدارن جي قبضي مان موبائل فونز ۽ اهم ثابتيون حاصل ڪيون هيون.

Bookmark the permalink.