تازا ترين
  • *ڪوئيٽا: ملڪ ۾ ڪورونا متاثرن جا ڪيس وڌي رهيا آهن: وزيراعظم *ڪورونا کان بچڻ لاءِ بلوچستان حڪومت اثرائتا قدم کڻي رهي آهي: عمران خان * مختلف ملڪن ۾ هن وقت لاڪ ڊائون ختم ٿي رهيو آهي: عمران خان *
  • *اسلام ڪوٽ ويجهو نوجوان ناري جو مبينا ڦاهو کاڌل لاش هٿ *ڳوٺ چوٿيو ڪولهي واسڻ ناري آنٻو زال موهن ڪولهي جو جهنگ مان مبينا ڦاهو کاڌل لاش مليو *لاش پوسٽ مارٽم لاءِ اسلام ڪوٽ منتقل، ناري اولاد نه ٿيڻ سبب پريشان هئي، پن لاهڻ جو بهانو ڪري جهنگ ۾ آپگهات ڪري ڇڏيو: وارث *
  • *پنوعاقل لڳ ڪچي ۾ ڪارنهن تهمت هيٺ عورت قتل، پوليس ڪارروائي ڪندي سندس ڀاءُ کي گرفتار ڪري ورتو *ڳوٺ بکو مهر ۾ ميلائو مهر پنهنجي ڌيءَ واجده کي اياز عرف اجو مهر سان ڪاري قرار ڏيئي قتل ڪري ڇڏيو *مقتولا جي ڀاءُ ادريس مهر کي گرفتار ڪري لاش اسپتال منتقل ڪيو پيو وڃي: ايس ايڇ او رضا ڳوٺ *
  • *ميرواهه گورچاڻي ۾ هاري گهرواري ۽ ماءُ تي زميندار جي تشدد خلاف ٿاڻي تي پهچي ويو *ڳوٺ کنڀڙي واسي هاري موهن ڪولهي زميندار اڪبر خاصخيلي جي پٽ حبدار خاصخيلي خلاف پوليس وٽ دانهيو *زميندار اڪبر خاصخيلي جي پٽ حبدار خاصخيلي قرض نه ڏيڻ تان منهنجي گهرواري ۽ ماءُ تي تشدد ڪيو: موهن ڪولهي *پوليس هاري کي تشدد جي تصديق لاءِ رورل هيلٿ سينٽر ميرواهه گورچاڻي جو ليٽر جاري ڪري ڇڏيو *
  • *پاڪستان کي ڪورونا وائرس جو علاج ڳولڻ وارن ملڪن ۾ شامل ڪيو ويو * آمريڪي صحت کاتي جي دوائن واري لائبريري ايوب ميڊيڪل ڪمپليڪس ايبٽ آباد جي ٽيم کي اهل قرار ڏنو *25 مريضن جا 3 گروپ ٺاهي انهن تي ايٿرو مائيسين، ڪلورو ڪوئين ۽ روايتي طريقي سان علاج ڪيو ويندو:ڊاڪٽر عمر فاروق *
  • *ڪورونا وائرس بابت ٽوئيٽر تي 60 سيڪڙو ڄاڻ غلط شيئر ٿي رهي آهي:رپورٽ*
  • *ميرپورماٿيلو ڀرسان گهر ٻاهران راند ڪندي معصوم ٻارڙي واٽر ڪورس ۾ ٻڏي فوت*
  • *لاڙڪاڻي ماڻ ٻيهر کنڀي گم ڪيل پروفيسر غلام شبير ڪلهوڙو 9 مهينن بعد آزاد ٿي گهر پهچي ويو*
  • *سکر جي قرنطينه ۾ وڌيڪ 56 مريض صحتياب ٿيا آهن، ٻيهر ٽيسٽ ڪليئر اچڻ بعد کين گهر موڪليو ويو آهي: صوبائي وزير*
  • *لاڪ ڊائون سبب سنڌ جي مختلف شهرن ۾ راشن نه ملڻ خلاف پورهيتن طرفان احتجاجي مظاهرا*
  • *افغان حڪومت 100 طالبان قيدين کي آزاد ڪري ڇڏيو *گهٽ خطري وارن سئو قيدين کي آزاد ڪيو پيو وڃي:افغان حڪومت *
  • *سڄي سنڌ ۾ لاڪ ڊائون جي اڄ 18 ڏينهن به جاري، شاپنگ مالز، ننڍيون وڏيون مارڪيٽون توڙي پبلڪ ٽرانسورٽ مڪمل طور بند*
  • *پاڪستاني فوج فوري جوابي ڪارروائي ڪندي ڀارتي ڊرون کي نشانو بڻائي هيٺ ڪرايو:آءِ ايس پي آر*
  • *ڀارت سرحدي ڀڃڪڙي کان نه مڙيو، پاڪ فوج لائن آف ڪنٽرول تي ڀارتي ڊرون کي تباهه ڪري ڇڏيو*
  • *خانپور جي ڪچي ۾ جوابدار ڪارنهن تهمت هيٺ پنهنجي زال ۽ پاڙيسري نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو*

بکر جمالي ڀرسان 300 ايڪڙ زمين تي قبضي جي ڪوشش، چڪريون، فائرنگ، رتوڇاڻ جو خدشو

مٽياري (رپورٽر) صوبائي وزير امتياز شيخ جي ويجهي ساٿيءَ جي ڳوٺ تي ڪاھ، نيو سعيدآباد ڀرسان ڳوٺ تي هٿياربند ساڻ فائرنگ، ڳوٺاڻن کي موتمار ڌمڪيون ڏنيون ويون، رپورٽ موجب نيو سعيدآباد ٿاڻي جي حد ڳوٺ پاهڙ خان جمالي ۾ بااثر سهيل جمالي ڊبل ڪيبن گاڏيءَ ۾ سوار ٿي ڳوٺ تي چڙهائي ڪري ڇتي فائرنگ ڪري ڏني. بکر جمالي ڀرسان کتيرو ٻيلو ۾ سرڪاري ۽ غير سرڪاري 300 ايڪڙ زمين تي قبضي جي ڪوشش دوران سوين ڳوٺاڻا موقعي تي پھچي ويا. ياد رھي ڳوٺ پاھڙ جمالي ۾ ان وقت فوتگي ٿيل هئي ۽ ڳوٺاڻا ۾ جنازي جي نماز پڙھي رھيا ھئا. عورتن ۽ ٻارن جي رڙين تي ڳوٺاڻا ٻاھر نڪتا ته سھيل جمالي جي گارڊن ۽ ڳوٺاڻن جي وچ چڪريون شروع ٿي ويون، جنھن تي سھيل جمالي جي گارڊن ڳوٺاڻن تي فائرنگ شروع ڪري ڏني. علائقي ۾ خوف ۽ حراس ڇائنجي ويو. ڳوٺاڻن موجب سهيل جمالي سرڪاري زمين تي قبضي جي لاءِ ڳوٺاڻن کي مختلف وقتن تي ڌمڪيون ڏيندو رهيو هو پر اڄ ڳوٺ تي ڪاهه ڪري فائرنگ ڪئي وئي. ڳوٺاڻن موجب بااثر صوبائي وزير امتياز شيخ جو ويجهو ماڻهو سڏائي زيادتي ڪري رهيو آهي. هوڏانهن رابطي ڪرڻ تي سهيل جماليءَ جو چوڻ آهي ته ڄاڻايل ڳوٺ ڀرسان منهنجو 12 سئو ايڪڙن تي فش فارم آهي جنهن ۾ ڪجهه ماڻهن ٻيڙين ذريعي داخل ٿيا جن کي ڀڄائڻ جي ڪوشش ڪئي. ان لاءِ آئون اتي ويس ته قيصر جمالي نالي همراھ مون ي چانهه جي صلاح ڪئي جنهن بعد ڪجهه ماڻهن اسان جو گهيراءَ ۽ پٿراءَ ڪيو جنهن تي منهجي گارڊن اسان کي بچائڻ لاءِ هوائي فائرنگ ڪئي باقي ٻيو ڪو به اشو نه آهي.

Bookmark the permalink.