تازا ترين
  • *ڊپٽي ڪمشنر ملير پاران چئن مهينن کان گلشن حديد ۾ لڳايل لاڪ ڊائون هڪ هفتي لاءِ ختم ڪري ڇڏيو *ڊي سي ملير ايم پي اي ساجد جوکيو ۽ واپاري اڳواڻن سان ڳالهين بعد اهڙو فيصلو ڪيو *ڪورونا ڪيس وڌڻ جي صورت ۾ ٻيهر لاڪ ڊائون ڪيو ويندو: ڊي سي ملير *
  • *لاڙڪاڻي ۾ ڳوٺاڻن جو بااثرن جي مبينا زيادتين خلاف ڌرڻو، ٽائرن کي باهيون *ڳوٺ نهال واسين بااثرن خلاف جناح باغ چوڪ تي ٽائرن کي باھيون ڏئي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو *بااثر گهر ۾ گهڙي عورتن تي وحشياڻو تشدد ڪري ڀڃ ڊاهه ڪئي: مظاهرين *
  • *نواب ولي محمد ويجهو وونئڻن جي فصل کي اسپري ڪرڻ دورن بيهوش ٿي ويل نينگر دم ڏئي ڇڏيو *ڳوٺ حسين بخش چانڊيو ۾10 ڏينهن اڳ نينگر عمران چانڊيو فصل کي اسپري دوران بيهوش ٿي ويو هو *نينگر اڄ نوابشاهه اسپتال ۾ دم ڏنو*
  • *مٽياري: عدالت پاران محب کوسو قتل ڪيس ۾ ٻن جوابدارن جي ضمانت واري درخواست رد *جوابدار علي محمد کوسو ۽ خان محمد کوسو عدالت ۾ وڪيل معرفت ضمانت لاءِ درخواست داخل ڪرائي هئي *2019 ۾ کوسا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران محب کوسو مارجي ويو هو *مقتول جي ڌيءُ عائشه کوسو جي فرياد تي نيو سعيدآباد ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو هو*
  • *سڪرنڊ ۾ آبادگارن پاران پاڻي کوٽ خلاف ايريگيشن آفيس اڳيان ڌرڻو، ٽائرن کي باهيون*
  • *سنڌڙي: هوٽل مان هڪ شخص جو لاش هٿ، اسپتال منتقل *مگسي ھوٽل مان پيرونمل واسي 50ورھين جي شاھنواز ڳاھو جو لاش هٿ *
  • *ٽنڊوغلام علي ويجهو نوجوان ڦاهو کائي آپگهات ڪري ڇڏيو *ديھه واڳھريجي ۾ 26 ورهين جي اشوڪ پٽ اجمل ٺاڪر بيماري کان تنگ اچي زندگي جو ڏيئو اجهايو*
  • *مٺياڻي رورل هيلٿ سينٽر جون 4 ليڊي هيلٿ ورڪرز ڪورونا جو شڪار *ڪورونا ۾ مبتلا ليڊي هيلٿ ورڪرز کي سندن گهرن ۾ آئيسوليٽ ڪيو ويو *مٺياڻي ۾ ڪورونا متاثرن جو انگ وڌي 10 ٿي ويو*
  • *ميرپورخاص ضلعي ۾ ڪورونا وائرس جا وڌيڪ 50ڪيس ظاھر، متاثرن جو انگ 850 ٿي ويو*
  • *ڪوٽ غلام محمد ۾ چوپائي مال جي پڙي لڳائي وئي، مالوندن ۽ واپارين جي پيهه *مال پڙي تي سوين مالوند ۽ واپاري پهچي ويا، سماجي وٿي وارا اصول نظرانداز*
  • *ڪشمور ضلعي ۾ ڪورونا وائرس جا وڌيڪ 26 ڪيس ظاهر، متاثرن جو انگ 489 ٿي ويو *ڪجهه ڏينهن اڳ 169ماڻهن جا سيمپل ورتا ويا هئا، 26ڄڻن ۾ وائرس جي تصديق ٿي: فوڪل پرسن*
  • *ڪرمپور :ڳوٺ عمران خان بجاراڻي وٽ نصير شاخ کي 15فوٽ گهارو پئجي ويو *گهاري سبب سوين ايڪڙن تي پوکيل ساريالو فصل ۽ ٻيجارو پاڻي هيٺ اچي ويو *اطلاع باجود آبپاشي عملو نه پهتو،ڳوٺاڻا پنهنجي مدد پاڻ تحت گهارو بند ڪرڻ ۾ رُڌل *
  • *ڪراچي: ڊيري فارم ائسوسيئيشن جي صدر جو ڪمشنر ڪراچي کي چئلينج *کير جي اگهن ۾ واڌ وارو فيصلو واپس نه ورتو آهي: ڊيري فارم ائسوسيئيشن صدر *دٻاءُ وجهڻ جي ڪوشش ڪئي ته سُپر هاءِ وي ۽ نيشنل هاءِ وي تي مينهون بيهاري ڇڏينداسين: شاڪر عمر گجر*
  • *جوهي ۾ پاڻي کوٽ خلاف آبادگارن پاران احتجاجي ريلي ڪڍي وئي *پڇڙي جي آبادگارن هڪ ڪلو ميٽر ريلي ڪڍڻ بعد علامتي بک هڙتال تي ويهي رهيا *
  • *ڄامشورو ۾ وڌيڪ 17ڪورونا جا ڪيس ظاھر، متاثرن جو انگ وڌي 865ٿي ويو *گذريل ڏينھن 113ماڻهن جا سيمپلز ورتا ويا هئا، 17 ڄڻن ۾ وائرس جي تصديق ٿي *متاثرن ۾ مانجھند، ٿاڻوبولاخان واسي ۽ ڪوٽڙي جا رهواسي شامل آھن *

بچت جي دعويدار حڪومت آمدني کان 286 ارب رپيا وڌيڪ خرچ ڪري ڇڏيا

ٽن مهينن ۾ آمدني 14 کرب 89 ارب ۽ خرچ 17 کرب 75 ارب رپيا رهيو، بجيٽ خسارو 286 ارب رپيا ٿي ويو

فوج تي 242 ارب ۽ ترقياتي منصوبن تي 142 ارب رپيا خرچ ٿيا، تعليم جي حصي ۾ 15 ارب رپيا اچي سگهيا

اسلام آباد (رپورٽ: ايم بي سومرو) وفاقي ناڻي وزارت هلندڙ مالي سال 20-2019ع جي پهرين ٽن مهينن دوران ٿيل آمدني ۽ خرچن جي رپورٽ جاري ڪري ڇڏي آهي، ناڻي وزارت جولاءِ کان سيپٽمبر تائين ٽن مهينن دوران ٿيل ڪل آمدني 1489 ارب رپين جي ڀيٽ ۾ خرچ آمدني کان وڌيڪ 1775 ارب رپيا ٿيڻ، هلندڙ مالي سال جي پهرين ٽن مهينن ۾ بجيٽ خسارو 286 ارب رپيا تي پهچڻ جو اعتراف ڪندي چيو آهي ته هلندڙ مالي سال جي پهرين ٽن مهينن دوران قرضن تي وياج جي مد ۾ 571 ارب، جڏهن ته دفاعي خرچن جي مد ۾ 242 ارب 63 ڪروڙ، ترقياتي اسڪيمن تي دفاعي خرچن کان به گهٽ 142 ارب رپيا خرچ ٿيڻ جو اعتراف ڪيو ويو آهي، ٽن مهينن دوران صحت تي اڍائي ارب، تعليم تي 15 ارب، مذهبي هم آهنگي تي هڪ ارب 92 ڪروڙ رپيا خرچ ٿيو آهي، ڪل آمدني 1489 ارب 7 ڪروڙ 80 لک رپيا رهي، جن ۾ ٽيڪس آمدني 1142 ارب 93 ڪروڙ 50 لک رپيا رهي، جن مان وفاقي حڪومت هڪ هزار 38 ارب 42 ڪروڙ 60 لک رپين جو ٽيڪس گڏ ڪيو، جڏهن ته صوبن پاران 104 ارب 50 ڪروڙ 90 لک گڏ ڪيا. نان ٽيڪس روينيو طور تي 346 ارب 14 ڪروڙ 30 لک رپيا آمدني ٿي جن ۾ 315 ارب 19 ڪروڙ 90 لک وفاقي حڪومت ۽ 30 ارب 94 ڪروڙ 40 لک صوبائي حڪومتن جي آمدني آهي. ان ۾ بينڪنگ سيڪٽر جو منافعو 185 ارب، سرڪاري ڪارپوريشنن جي بينڪن ۾ پيل اڪائونٽن مان 3 ارب 31 ڪروڙ منافعو، پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي (پي ٽي اي) جو 71 ارب رپيا منافعو به شامل آهي. مجموعي طور تي خرچ 1775 ارب 10 ڪروڙ 20 لک رپيا رهيواهڙي ريت بجيٽ خسارو 286 ارب 2 ڪروڙ 40 لک رپيا رهيو آهي. ٽن مهينن ۾ ٽيڪس آمدني جي ڊي پي جو 3.4 سيڪڙو رهي، جڏهن ته خرچ آمدني کان وڌيڪ جي ڊي پي جو 4 سيڪڙو رهيا، پهرين ٽن مهينن ۾ بجيٽ خسارو جي ڊي پي جو 0.7 سيڪڙو رهيو. سماجي تحفظ لاءِ 54 ڪروڙ، ڪارپوريشنن لاءِ 4 ارب 78 ڪروڙ رپيا خرچ ڪيا.

Bookmark the permalink.