تازا ترين
  • *28 سيپٽمبر کان اسڪول کولڻ جو اعلان، ڪراچي واسين ايم ڪيو ايم جي سياست کي رد ڪري ڇڏيو آهي: سعيد غني*
  • *صوبائي وزير سعيد غني پاران ڪراچي جي اسڪولن جو دورو، ايس او پيز تي عمل جي هدايت*
  • *مهانگائي جو نئون طوفان: 94 دوائن جي قيمتن ۾ 264 سيڪڙو واڌ: کاڄرو تيل، کير ۽ ٻارن جو کاڌو به مهانگا*
  • *لياقت آباد، ملير، قائد آباد، گلشن اقبال،گلستان جوهر، ڪلفٽن، کارادر، لياري ۾ بجلي ناياب*
  • *سنڌ ۾بجلي جو بدترين بحران، اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو عذاب جاري*

سنڌ ۾ پاڻي جو شديد بحران: مختلف شهرن ۾ مظاهرا، ڌرڻا

ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ ۾ زرعي پاڻيءَ جو بدترين بحران پيدا ٿي ويو، ڪيترن ئي علائقن ۾ پڇڙي تائين پاڻي نه پهچڻ سبب زمينون سُڪي ٺوٺ ٿي ويون، سنڌ جي مختلف شهرن ۾ زرعي پاڻي جي کوٽ خلاف ڌرڻا هنيا ويا، ڳڙهي خيري ۾ بيگاري ڪئنال ۾پاڻي کوٽ خلاف آبادگارن ۽ مختلف ڌرين ڳڙهي خيري ۾سنڌ-بلوچستان دنگ تي ڌرڻو هنيو، بيگاري ڪئنال جي پل تي رڪاوٽون وجهي هنيل ڌرڻي سبب ٽريفڪ معطل ٿي وئي، پاڻي ڏيارڻ لاءِ نعريبازي ڪئي وئي، جڏهن ته پاڻي کوٽ خلاف لڳل ڌرڻي سبب لاش دفنائڻ ويندڙ ڪانڌين کي روڪيو ويو، فوت ٿيل عورت جو لاش وارث مقيم شاھ قبرستان ۾ دفنائڻ لاءِ کڻائي وڃي رھيا ھئا، عيدن واھ پل تي ڌرڻو ھڻندڙ آبادگارن لاش کڻي ويندڙ ماڻهن کي روڪي ڇڏيو، قمبر شهدادڪوٽ ضلعي ۾پاڻي کوٽ خلاف نصيرآباد ۾ جيئي سنڌ محاذ طرفان رياض چانڊيو جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو، هنيو ويو، پڇڙيءَ تائين پاڻي پهچڻ تائين احتجاج جاري رکڻ جو اعلان ڪيو ويو، جاتي ۾ پاڻي جي سنگين کوٽ خلاف آبادگار سراپا احتجاج بڻجي ويا، جاتي مائنر جي ريگيوليٽر تي آبپاشي عملدارن ۽ پاڻي چوري خلاف ڌرڻو هنيو ويو، آبادگارن جو چوڻ آهي ته آبپاشي کاتي جا ڪامورا پئسن عيوض پڇڙيءَ جي آبادگارن جو پاڻي وڪرو ڪري رهيا آهن، پاڻي چورن ۽ آبپاشي عملدارن خلاف ڪارروائي ڪري پڇڙيءَ جي آبادگارن کي پاڻي ڏيڻ جو مطالبو ڪيو ويو. جوهي برانچ ۾ پاڻي کوٽ ۽ چوري خلاف حيدرآباد ۾ ڌرڻو هنيو ويو، آبادگارن جي سڏ تي شهرين، سياسي ۽ سماجي ڌرين پاران ريڊيو چوڪ کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي، ان موقعي تي پاڻي ڏيو، جوهي کي پاڻي ڏيو جا نعرا هنيا ويا، آبادگار اڳواڻن جو چوڻ هو ته 12 سالن کان جوهي برانچ جي 8شاخن ۾ پاڻي بدران واري پئي اڏامي، هر سال بااثر ۽ چونڊيل نمائندا پاڻي چوري ڪندا آهن، اسان سان هٿيارن جي ڏاڍ تي ظلم ٿي رهيو آهي، پاڻي بدران شاخن ۽ واهن ۾ واري اڏامي رهي آهي، وڏو ظلم ٿي رهيو آهي، هي بااثر ماڻهو آهن جيڪي ڪڌي ڪم ۾ ملوث آهن، اسان جو گذر سفر ڏکيو ٿي رهيو آهي، آبادگار احتجاج ڪري ڪري مري ويو پر پاڻي جو مسئلو حل نه ٿي سگهيو، اسان جي جوهي وارن کي جيئڻ ڏيو.

Bookmark the permalink.