تازا ترين
  • *راڌڻ: ٿرڙي محبت ويجهو ٻٽ ٻڌل جوابدار پاران 8 سالن جي معصوم ٻارڙي آصفه جانوري کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش*
  • *ڪراچي: آصف زرداري ڪراچي جي خانگي اسپتال ۾ داخل*
  • *ڪراچي/حيدرآباد: حڪومت پوليو تي ضابطو آڻڻ ۾ ناڪام: سنڌ ۾ پوليو جا وڌيڪ 2 ڪيس ظاهر، هلندڙ سال انگ 16 ٿي ويو * ڪراچي/حيدرآباد: ميرپورخاص شهر جي نينگر عرفان سيال ۽ ڊگهڙي ويجهو نينگر ريحان کي پوليو جي تصديق *
  • *ڪراچي: اڻڄاتل ماڻهن عزيز آباد جي جناح گرائونڊ ۾ يادگارِ شهداء کي ڊاهي ڇڏيو * ڪراچي: نسل پرست طبقو ان تخريبڪاري ۾ ملوث ٿي سگهي ٿو، شرافت کي بزدلي ۽ ڪمزوري نه سمجهيو وڃي: خالد مقبول صديقي *
  • *ڪراچي: سنڌ اندر ڪاپي ڪلچر جون پاڙون مافيه جيان مضبوط ٿي ويون آهن، امتحاني مرڪزن جي نگراني لاءِ مئجسٽريٽ مقرر ڪيا وڃن: سنڌ هاءِ ڪورٽ جو سيشن ججز کي حڪم * ڪراچي: عدالت سنڌ جي سرڪاري اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ پاليسي موجب جديد تعليم لاءِ 11 رڪني ڪميٽي جوڙي ڇڏي، هر ٽئين مهيني بعد اڳڀرائي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم * ڪراچي: پاليسي لاڳو ڪندڙن جا ٻار سرڪاري اسڪول ۾ نه ٿا پڙهن، تنهنڪري نظر انداز ڪيو ويو، ناڪامي تي توهين عدالت جي ڪارروائي ٿيندي: عدالت *
  • *ٽنڊي آدم ۾ ڀيڻ کي طلاق وٺرائڻ تان ڀيڻيوي تنوير چشتي پسٽل جا فائر ڪري سالَي 35 ورهين جي منور چشتيءَ کي قتل ڪري ڇڏيو * ٽنڊوآدم: جوابدار تنوير گهرواري تي تشدد ڪندو هو، مقتول خلع لاءِ درخواست داخل ڪرائي: وارث * ٽنڊوآدم: واقعو گهرو اڻبڻت جو نتيجو آهي، جوابدار جي گرفتاري لاءِ ڇاپا جاري آهن: پوليس *
  • *گمبٽ: ٽريڪٽر ٽرالي جو موٽرسائيڪل کي ٽڪر: عورت مجاهدان شيخ فوت، نينگري جويه شيخ سميت 3 زخمي*
  • *روهڙي: بيماري ۽ بي روزگاري کان تنگ اچي نوجوان 30 ورهين جي سيد منصور حسين پٽ غلام شاھ درياهه ۾ ٽپو ڏئي ڇڏيو*
  • *لاڙڪاڻو: رتوديرو ڀرسان راولپنڊي واسڻ عورت لاوارث حالت ۾ هٿ، ٽرسٽ حوالي*
  • *ڪنڌڪوٽ واسي نوجوان غلام مصطفيٰ پٽ پير بخش گولو جي اغوا جي تصديق، وارثن سان فون تي رابطو، بازيابي لاءِ ڪوششون وٺڻ تي زور * ڪنڌڪوٽ: مغوي نوجوان غلام مصطفيٰ گولو پنهنجي چاچي کي فون ڪري اغوا بابت ٻڌايو * ڪنڌڪوٽ: نوجوان 15 ڏينهن اڳ عورتاڻي آواز تي هرکجي ڪنڌڪوٽ ڀرسان کنڀجي ويو هو *
  • *لکي غلام شاهه ويجهو اسڪول ۾ شاگردياڻي زيبا ڌيءُ استاد جاويد علي ڪلوڙ بيهوش، اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو*
  • *تنگواڻي ويجهو چوري دوران هٿياربندن هٿان مارجي ويل نوجوان جي خون جو جرڳو: 27 لک رپيا ڏنڊ، ڌريون کير کنڊ * تنگواڻي: سردار محبوب خان بجاراڻي جي سرپئنچي ۾ جرڳو، شاهه محمد جعفري تي الزام ثابت * تنگواڻي: جوابدار ڌر ڏنڊ جي رقم مان 2 لک رپيا ادا ڪري ڇڏيا، رهيل رقم ٽن قسطن ۾ ادا ڪندي *
  • چيف جسٽس طرفان پي آءِ سي ۾ هنگامن تي افسوس جو اظهار*وڪيل ۽ ڊاڪٽرز معتبر پيشا آهن، اُميد ته مستقبل ۾ به وري نه ٿيندو: چيف جسٽس آصف سعيد کوسه*
  • نواز ليگ اڳواڻ احسن اقبال کي سوڙهو ڪرڻ جون تياريون: نيب جا نارووال ۾ ڇاپا*
  • اٽارني جنرل انور منصور کي هٽائڻ لاءِ سُپريم ڪورٽ ۾ درخواست*انور منصور جي عمر 65 سالن کان وڌيڪ آهي: درخوست ۾ صدر، وزيراعظم ۽ ٻين کي ڌُر بڻايو ويو *

بين الصوبائي سوڌو 4 کاتن جا سيڪريٽري تبديل

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر ) سنڌ حڪومت ڊبل چارج رکندڙ سيڪريٽري تعليم کان سيڙپڪاري کاتي جي اضافي چارج واپس وٺيڇڏي، آءِ ٽي سيڪريٽري نجم شاھ کي بدلي ڪري سيڙپڪاري کاتي ۾ سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو، ان حوالي سان جاري ڪيل نوٽيفڪيشنز موجب پوسٽنگ جي انتظار ۾ ويٺل ڊاڪٽر منصور عباس رضوي کي بين الصوبائي معاملن واري کاتي ۾ سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو آهي، جتي مقرر ٿيل سيڪريٽري اختر غوري 9 ڊسمبر تي رٽائرڊ ٿي رهيو آهي، پوسٽنگ جي انتظار ۾ ويٺل محمد نواز نسيم کي آءِ ٽي سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو آهي، جتان نجم شاھ کي بدلي ڪري سيڙپڪاري کاتي ۾ سيڪريٽري طور مقرر ڪيو ويو آهي، سيڙپڪاري کاتي واري اضافي چارج تعليم کاتي جي سيڪريٽري احسن منگي کان واپس ورتي وئي آهي، اهڙي طرح شريف شيخ کي روينيو کاتي جي سيٽلمينٽ بورڊ جي سيڪريٽري واري عهدي تان بدلي ڪري بهبود آبادي واري کاتي ۾ ايڊيشنل سيڪريٽري طور مقرر ڪيو ويو آهي. اهڙي طرح ٻن اسسٽنٽ ڪمشنرن ۽ ٻن مختيارڪارن کي پڻ بدلي ڪيو ويو آهي. ويسٽ ضلعي جي اسسٽنٽ ڪمشنر مشتاق جتوئي کي بدلي ڪري ملير جي مراد ميمڻ ۾ اي سي مقرر ڪري اتان فياض مهيسر کي بدلي ڪري سندس جاءِ تي اي سي ويسٽ مقرر ڪيو ويو آهي. جڏهن ته پوسٽنگ جي انتظار ۾ ويٺل مختيارڪار برڪت ڪلهوڙي کي سب ڊويزن مراد ميمڻ ۾ مقرر ڪري اتان ستار ڪلوڙ کي هٽائي رپورٽ ڪرايو ويو آهي. ٻئي طرف انساني حقن جي خاص معاون ويرجي ڪولهي سان اختلافن بعد سيڪريٽري لبنيٰ صلاح الدين کي هٽائي سندس جاءِ تي بدر جميل مينڌرو کي مقرر ڪيو ويو ، ان ڏس ۾ رابطو ڪرڻ تي هٽايل سيڪريٽري لبنيٰ صلاح الدين ٻڌايو ته انساني حقن واري کاتي کي قيدين جو قصاص و دعيت ادا ڪرڻ لاءِ مليل 35 ڪروڙ روپين واري رقم حقدار قيدين تائين پهچائڻ واسطي ڪاميٽي جي معاملي تان اختلاف ٿيا، انهي رقم جو پهرين قسط جا تقريبن ساڍا ڪروڙ رپيا جاري ٿي چڪا هئا، خاص معاون کي آفيس جا خرچ هلائڻ لاءِ پئسا گهرجن، مون ڪو به غيرقانوني ڪم ڪرڻ کان انڪار ڪيو هو، انهي ڪري مونکي اتان هٽايو ويو، هاڻي لياري ڊولپمينٽ ۾ رکيو ويو آهي هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي وڏي وزير جي خاص معاون ويرجي ڪولهي ٻڌايو ته سيڪريٽري سان ڪي به اختلاف نه هئا، هن وٽ ٻه چارجون هيون، انهي ڪري سنڌ حڪومت انساني حقن واري کاتي جي سيڪريٽري جي چارج واپس وٺي پوسٽنگ جي انتظار ۾ ويٺل بدر جميل مينڌرو کي مقرر ڪيو ويو آهي، انهي مقررين ۽ بدلين سان منهنجو ڪو واسطو ناهي. سيڪريٽري جا لڳايل الزام بي بنياد آهن.

Bookmark the permalink.