تازا ترين
  • سنڌ ۾ ٽئين ڏينهن به برسات جو سلسلو جاري، ڪيترن ئي علائقن ۾ روڊن رستن بيٺل پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو*ڪراچي، سيوهڻ، فيض گنج، مورو،جوهي، ڦل خيرپور، گهوٽڪي، حيدرآباد، لاڙڪاڻو، ڪنڌڪوٽ، سکر،ن وشهروفيروز، دادو، سانگهڙ ۽ ٻين شهرن ۾ برسات *يونيورسٽي روڊ، شاهراهه فيصل، کارادر، سنڌ اسيمبلي، سنڌ هاءِ ڪورٽ ۽ ٻين روڊن تي پاڻي بيٺل هجڻ سبب شهرين کي ڏکيائيون پيش*

بينظير چيئر جي ٺيڪيدار کي ورڪ آرڊر کان اڳ چيڪ جاري ٿيا

ٺيڪيدار کان بينڪ ڊپازٽ سميت ضروري سرٽيفڪيٽ نه ورتا ويا

ڪراچي: پبلڪ اڪائونٽس ڪاميٽي ۾ آڊٽ ڊپارٽمينٽ طرفان رپورٽ پيش ڪئي وئي ته شهيد بينظير ڀٽو چيئر جي ترقياتي منصوبي ۾ هڪ خاص ٺيڪيدار کي نوازڻ لاءِ نه رڳو ورڪ آرڊرکان پهرين چيڪ جاري ڪيا ويا پر بينڪ ڊپازٽ سميت سمورا ضروري سرٽيفڪيٽ نه ورتا ويا، جنهن ڪري منصوبي جو رڪارڊ اڻپورو آهي، پي اي سي چيئرمين هدايت ڪئي ته 15 ڏينهن اندر سمورو رڪارڊ آڊٽ ڊپارٽمينٽ کي پيش ڪيو وڃي

Bookmark the permalink.