تازا ترين
  • *ٺل: ايس يو پي ڪارڪن قائم سرڪي قتل ڪيس جو مک جوابدار بلوچستان مان گرفتار * ٺل: پوليس اوستا محمد لڳ جڳهه تي ڇاپو هڻي ربنواز عرف ربو کي گرفتار ڪيو * ٺل: جوابدار کي بس اسٽيڊ کان وچ شهر مان گشت ڪرائي ٿاڻي تي آندو ويو *
  • * دادو اسپتال ۾ عورت شمشاد ڌي ارباب شاھه فوت: غفلت جو الزام: ڊاڪٽرن کي مبينا مارڪٽ *
  • *جيڪب آباد تعليم ۽ ناڻي کاتي جي 17 ملازمن خلاف ڪرپشن جا 18 ڪيس داخل * جيڪب آباد: اڳوڻو ڊي او صادق ڪٽوھر، جبار دايو، غزالا ٿھيم، شڪور، ٽي اي او قمر ٻرڙو نامزد * جيڪب آباد: ٺل جي موجوده ٽي اي او ٺل ياسمين، گل حسن انڙ، مرتضيٰ جکرو ۽ ٻيا جوابدار ڄاڻايل *
  • *سجاول اسپتال انتظاميا جو ايمبولينس ڏيڻ کان انڪار: نينگري 2ڪلاڪ تڙپندي رهي: عملو ٽهڪ ڏيندو رهيو! * سجاول: ڳوٺ نودو ٻارڻ واسي پورھيت اصغر ملاح جي 12 سالن جي مسڪان کي طبيعت خراب ٿيڻ ڪري اسپتال آندو ويو * سجاول: ڊاڪٽرن نينگري کي ٺيڪ قرار ڏنو، نينگري جي پيشاب جي نالي بند آهي: خانگي اسپتال جي رپورٽ *
  • *ڄامشورو: بجلي ڏيو ڪونه، مٿان وري ڳرا بِل ٿا موڪليو: ڄامشوري ۾ عورتون حيسڪو جي آزار خلاف رستن تي نڪري آيون * ڄامشورو: حيسڪو زيادتيون بند نه ڪيون ته انڊس هاءِ وي بند ڪنديون سين: مظاهرين *
  • هاڻي شاگردن کي استاد ۽ ڪلارڪ پاڻ امتحاني فارم ڀري ڏيندا*پرائمري ۾ شاگرد جو نالو ۽ پيدائشي تاريخ صحيح لکو: عدالت طرفان داخلا فارم ڀرڻ لاءِ مڪينزم جوڙڻ جو حڪم*
  • راڻا ثناءُ الله خلاف شاهدن جي زندگيءَ کي خطرو آهي: شهريار آفريدي طرفان منشيات ڪيس پنڊي منتقل ڪرڻ جو مطالبو*سياسي ڊرگ ڊيلرز ۾ هٿ وجهڻ تي اي اين ايف جو ميڊيا ٽرائل ڪيو ويو، شاهدن کي به ڌمڪيون ملي رهيون آهن: مملڪتي وزير*راڻا ثناءُ الله خلاف ثبوت ۽شاهديون موجود آهن، جيل ۾ روزانو بُنيادن تي ٽرائل جي اجازت ڏني وڃي: اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهيون*
  • اسٽي باوجود ڪيفي سنڌ کي ڇو ڊاٺو؟ ڪي ايم سي جي انڪروچمينٽ انتظاميا کي توهين عدالت جا نوٽيسز جاري*سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪي ايم سي اختيارين کان جواب طلب ڪري ورتو*
  • گُٽڪي ۽ مين پُڙي جي ڪاروبار خلاف ڪريڪ ڊائون جو اعلان*گهرو کاتي طرفان خوراڪ کاتي، فوڊ اٿارٽي ۽ آءِ جي سنڌ کي لکيل خط ۾ ڪريڪ ڊائون ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي*
  • ٺل جي ميڊيڪل سينٽر ۾ گئس نه ملڻ سبب 4 تازا ڄاول ٻارڙا فوت: وارثن جي احتجاج بعد سينٽر سيل: ڊاڪٽرز ۽ عملو فرار*ميڊيڪل سينٽر انتظاميا جي سنگين لاپرواهي واري مامري جي جاچ لاءِ ڪميٽي جوڙي وئي*
  • مردان ۾ زمين جي تڪرار تان فائرنگ، امڙ ۽ 3 ڀائرن سوڌو 5 ڄڻا قتل*

بينظير هيومن ڊولپمنٽ بورڊ ۾ ڊيپوٽيشن تي مقرر 9 آفيسر نه هٽايا ويا، فهرست طلب

يونيورسٽيز اينڊ بورڊز جي ماتحت اداري ۾ مقرر بااثر عملدارن کي اصل کاتن ۾ بدلي نه ڪيو ويو

چيف سيڪريٽري بينظير بورڊ ۾ ڊيپوٽيشن تي مقرر آفيسرن جي لسٽ طلب ڪري ورتي

حيدرآباد (رپورٽ: فيض کوسو) بينظير ڀٽو شهيد هيومن رسورس، ريسرچ اينڊ ڊولپمينٽ بورڊ ۾ ڊيپوٽيشن تي رکيل آفيسر هٽي نه سگهيا، چيف سيڪريٽري پاران ڊيپوٽيشن تي مقرر آفيسرن جي لسٽ طلب، اوپي ايس تي مقرر آفيسر هٽايا ويا. سنڌ حڪومت جي يونيورسٽيز اينڊ بورڊز ڊپارٽمينٽ جي ماتحت ڪم ڪندڙ اداري بينظير ڀٽو شهيد هيومن ريسورس ريسرچ اينڊ ڊولپمينٽ بورڊ (بي بي ايس ايڇ آر آر بي بي) ۾ مختلف کاتن جا 9 کان وڌيڪ آفيسر ڊيپوٽيشن تي مقرر ٿيل آهن پر بااثر هجڻ جي ڪري انهن آفيسرن کي اڃا تائين واپس پنهنجن اصل کاتن ڏانهن نه موڪليو ويو آهي. سنڌ جي چيف سيڪريٽري جيتوڻيڪ ڊيپوٽيشن تي مقرر آفيسرن جي لسٽ طلب ڪري ورتي آهي پر ان جي باوجود ڄاڻايل آفيسر اڃا تائين ڊيپوٽيشن تحت پنهنجن عهدن تي ڪم ڪري رهيا آهن. ذريعن موجب تعليم کاتي جو مقصود احمد چاچڙ ڄاڻايل کاتي ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر ايڊمن مقرر ٿيل آهي جنهن کي ڊپٽي پراوينشل ڪوآرڊينيٽر پرائيويٽ سيڪٽر ٽريننگ جي چارج به ڏنل آهي. اهڙي ريت هڪ نامعلوم ڊپارٽمينٽ مان سڪندر علي ڀٽي کي بي بي ايس ايڇ آر آر بي بي ۾ ڊيپوٽيشن تي ڊپٽي پراوينشل ڪوآرڊينٽر پبلڪ سيڪٽر مقرر ڪيو ويو هو جيڪو پڻ ڊيپوٽيشن تي ڄاڻايل عهدي تي ڪم ڪري رهيو آهي. ڄاڻايل کاتي جي پراوينشل ڪوآرڊينشن يونٽ (پي سي يو) ۾ تعليم کاتي جو آصف مهر ۽ صحت کاتي جو ڊاڪٽر شفقت ميمڻ پي او جي عهدي تي مقرر ٿيل آهن. تعليم کاتي جو خان محمد زنگيجو جيڪو ڊيپوٽيشن تي ڄاڻايل اداري ۾ آيل آهي تنهن کي ڊسٽرڪٽ مانيٽرنگ آفيسر حيدرآباد مقرر ڪيو ويو هو جنهن وٽ مٽياري ضلعي جي چارج پڻ آهي. اهڙي ريت لوڪل گورنمينٽ جو عبدالحڪيم زنگيجو سکر، تعليم کاتي جو سعيد سانگري گهوٽڪي، مائنز کاتي جو حفيظ احمد جتوئي ڊي ايم سي شڪارپور، ۽ تعليم کاتي مان آيل عبدالوحيد گاڏهي ڄامشوري ۾ ڊي ايم سي طور مقرر ٿيل آهن. چيف سيڪريٽري سنڌ جي حڪم تحت جيتوڻيڪ او پي ايس تي مقرر ڪيل ڊسٽرڪٽ مانيٽرنگ آفيسر بدين فاروق احمد ڪشميري، ڊي ايم سي ٽنڊو محمد خان حق نواز دستي، ڊي ايم سي سانگهڙ ارشد بالادي، ڊي ايم سي شهيد بينظير آباد نعمان قيوم صديقي ۽ عمرڪوٽ ۾ ڊي ايم سي طور غلام مرتضيٰ راٺوڙ کي پنهنجن عهدن تان هٽايو ويو آهي پر ڊيپوٽيشن تي مقرر ٿيل آفيسر اڃا تائين پنهنجن عهدن سان چهٽيل آهن.

Bookmark the permalink.