تازا ترين
  • *ٽنڊو غلام علي ڀرسان جهڳي کي باهه: 7 مهينن جو ٻارڙو بابو ولد ڪانجهي ڪولهي سڙي فوت*
  • *ميهڙ ٿاڻي اڳيان جهيڙو: 5 ڄڻا زخمي: ڇڏائڻ ۾ اي ايس آءِ کي به سروٽو لڳي ويو*
  • گوشت ڪيڏانهن ويو؟ ڪراچي ۾ گڏهن جون منڍيون ۽ اوجهه هٿ*اڻڄاتل ماڻهو ڪلفٽن ۾ گڏهن جي باقياتي اُڇلي ويا، جاچ ڪريون پيا ته گوشت ڪيڏانهن ويو: پوليس*
  • نئون ديرو: سڱاوتي تڪرار تان سالن هٿان ڀيڻيويو قتل*سئوٽن طاهر کي فائرنگ ڪري قتل ڪيو (نديم ککراڻي) پوليس ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو*

بينظير ميڊيڪل ورسٽي ۾ مالي گهوٽالي ۽ اسٽي باوجود 19 ڪامورا ڀرتي

وي سي پاران جوڙيل سليڪشن ڪاميٽي 17 گريڊ ۽ ان کان مٿي جا 19 آفيسر چونڊي ورتا

لاڙڪاڻو(رپورٽ : نثار کوکر) ساهه سيباڻي لاڙڪاڻي ۾واقع شهيد بينظير ڀٽو ميڊيڪل ورسٽي مالي خساري ۽ عدالتي منع نامي باوجود ڀرتيون جاري. سترهين گريڊ کان مٿي جا 19 آفيسر ڀرتي ٿي چڪا. ان ڏس ۾ گڏ ڪيل معلومات موجب اتر سنڌ جي واحد ميڊيڪل يونيورسٽي ۾ مالي خساري ۽ عدالتي منع نامي جي باوجود ڀرتيون ڪيون ويون آهن،ذريعن موجب وي سي پاران جوڙيل سليڪشن ڪاميٽي تحت 17 گريڊ ۽ ان کان مٿي جا لڳ ڀڳ 19 آفيسر ڀرتي ڪيا ويا آهن، جن کي آفر آرڊر پڻ جاري ڪيا ويا آهن. جڏهن ته ميڊيڪل يونيورسٽي ۾ ڀرتين بابت اڳم ئي عدالتن ۾ ڪيس هلندڙ آهي، جن تي اسٽي آرڊر پڻ جاري ٿيل آهي. ذريعن موجب وي سي پاڻ يونيورسٽي ۾ 300 ملازمن جي ڀرتي خلاف نيب ۽ اينٽي ڪرپشن آفيسن ۾ دانهڻ وئي هئي ته اهي ڀرتيون ضرورت کان وڌيڪ ٿيل آهن.ان ڏس ۾ ميڊيڪل يونيورسٽي جي هڪ پروفيسر ٻڌايو ته مادرعلمي ۾ مالي خسارو ۽ عدالتي منع نامو هوندي من پسند ڀرتيون ڪيون ويون آهن. ان ڏس ۾ مادعلمي جي وي سي ڊاڪٽرانيلا ميمڻ پنهنجي اخبار پاران رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته يونيورسٽي جو ڪاروهنوار هلائڻ لاءِ آفيسرن جي سخت ضرورت هئي،اسان قاعدن ضابطن تحت سليڪشن ڪاميٽي جوڙي ان هٿان انٽرويو ڪرايا، گهربل آفيسر ميرٽ تي ڀرتي ڪرايا آهن.هن چيو ته مالي بحران ضرور آهي پر آفيسرن کانسواءِ يونيورسٽي ڪيئن هلائجي؟ .وي سي چيو ته عدالتي اسٽي صرف فيڪلٽي ( پروفيسرن جي ڀرتي) بابت آهي



Bookmark the permalink.