تازا ترين
  • *حڪومت مخالف تحريڪ ۾ استعيفائن جو آپشن آخري هوندو، گرفتاريون معنيٰ نٿيون رکن: يوسف رضا گيلاني*
  • *نيب هٿان گرفتار شهباز شريف لاهور جي احتساب عدالت آڏو پيش*ليگي اڳواڻ ۽ وڏي تعداد ۾ ڪارڪن به عدالت پهچي ويا، پارٽي قيادت جي حمايت ۾ مظاهرو*
  • شهباز شريف جي گرفتاري بعد مخالف ڌر سرگرم: پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جو اجلاس اڄ ٿيندو

بينظيرآباد ضلعي ۾ فيڪٽري انتظاميا پاران ڦٽين جو من پسند اگهه مقرر

نوابشاهه(بيورو رپورٽ) ضلعي شهيد بينظير آباد جي آباد گارن کي ڪورونا، ماڪڙ ۽ تازي پيل برساتن پهريان ئي نپوڙي ڇڏيو آهي انهي کانپوءِ جن غريب ۽ مسڪين آباد گارن جو ڦٽين جو فصل اڀرو سڀرو بچيو انهن مسڪينن لاءِ ڪاٽن فيڪٽرين جي انتظاميا ڪات ڪُهاڙا تيز ڪيو کين ٻنهي هٿن سان ڦُرڻ ۾ مصروف آهي حڪومت پاران اعلانيل ڦٽي جو في مڻ اگهه ڏيڻ بدران ڪاٽن پنهنجي من پسند اگهه تي غريب آبادگارن کان ڦٽي خريد ڪري رهيا آهن جڏهن ته في مڻ ڦُٽي تي 2 کان چار ڪلو ڪڻتو هڻڻ پڻ معمول بڻيل آهي جڏهن ته آباد گارن کي اگهه جي مد ۾ رليف ڏيڻ لاءِ ڦٽيون اماني رکڻ وارو سسٽم پڻ ڪارخاني دارن پاران بند ڪيو ويو آهي دُرست اگهه نه ملڻ ۽ غير قانوني ڪڻتو هڻڻ واري عمل خلاف آباد گارن حاڪم علي مُغيري، هدايت الله رند، همت ڀنگوار، ذوالفقار بروهي ۽ ٻين صحافين آڏو دانهيندي چيو ته حالت اها آهي جو اربين کربين پتي ڦٽي جا ڪارخاني دار قدرتي آفتن جو شڪار ٿيل غريب ۽ مسڪين آباد گارن تي رحم کائي کين رليف ڏيڻ بدران مقامي پيڊي وارن ۽ واپارين کان به گهٽ اگهه ڏئي رهيا آهن هنن چيو ته خاص طور تي نوابشاهه سانگهڙو روڊ تي واقع نيو ڪوهستان ڪاٽن فيڪٽري جي انتظاميا آباد گارن سان ڪلور ڪري ڇڏيا آهن في مڻ ڦُٽي حڪومت پاران اعلانيل بدران 3600 کان 3700 رپيا خريد ڪن ٿا ۽ في مڻ ڦُٽي تي 2 کان چار ڪلو غير قانوني ڪڻتو پڻ هڻن ٿا. آباد گارن سنڌ حڪومت، زراعت جي صوبائي، ڪمشنر ۽ ڊپٽي ڪمشنر شهيد بينظير آباد کان مطالبو ڪيو ته غريب آباد گارن جو معاشي قتل عام ڪندڙ ڪاٽن فيڪٽرين جي انتظاميا خلاف اڻ ڌري جاچ ڪرائي آباد گارن کي اعلانيل اگهه ڏياري غير قانوني ڪڻتو بند ڪرايو وڃي.

Bookmark the permalink.