تازا ترين
  • *نواز شريف هڪ ڀيرو ٻيهر گرفتاري وارنٽس وصول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو*
  • *اسان نواز شريف کي پورو موقعو ڏنو، جوابدار سڄي نظام کي شڪست ڏئي پرڏيهه هليو ويو: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ*هاڻي جوابدار ٻاهر ويهي کلندو هوندو ته ڪيئن سموري نظام کي دوکو ڏنو، هي انتهائي شرمناڪ رويو آهي*

بيروزگاري جي ڪري به ماڻهو آپگهات ڪن ٿا: نصرت سحر

ٿرپارڪر ۽ عمرڪوٽ ۾ ماڻهو غربت ڪري آپگهات ڪن ٿا: لال مالهي

چڪ: ايم پي اي نصرت سحر عباسي چيو ته سنڌ ۾ خودڪشين جي تيزيءَ سان وڌندڙ واقعن جا سڀ کان وڏا ۽ مُک سبب غربت، بيروزگاري آهي، ڪورونا وائرس ۾ لاڪ ڊائون ضروري هو پر سنڌ سرڪار ان بابت پلاننگ نه ڪري سگهي جنهن ڪري هڪ طرف لکين ماڻهو بيروزگار ٿيا ته پر انهن جي گهرن ۾ فاڪاڪشيءَ واري صورتحال هئي حڪومت وڏا اعلان ته ڪيا پر روز ڪمائي کائيندڙن پورهيتن تائين امدادي سامان نه پهتو جنهن ڪري لاڪ ڊائون دوران بيروزگار بڻيل پورهيت طبقي ۾ تمام گهڻيون خودڪشيون ٿيون.
چڪ: انساني حقن جي پارلياماني سيڪريٽري ايم اين اي لال مالهي پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ ۾ خودڪشين جا ايڏو تيزيءَ سان وڌندڙ واقعا حڪومتي نااهلي ناڪامي جو کليو ثبوت آهن آئون سمجهان ٿو ان کان وڌيڪ بدقسمتي ۽ نااهلي ٻي ڪهڙي هوندي جو پوري ملڪ کي تيل ڪوئلو گئس ۽ ٻي معدنيات ڏيندڙ خوشحال سنڌ جا ماڻهو غربت کان تنگ اچي ڪن منهنجي نظر ۾ خودڪشين جو سڀ کان وڏو سبب غربت آهي باقي سڀ شيون غربت مان ئي ٿين ٿيون، ٿرپارڪر ۽ عمرڪوٽ ۾ وڌندڙ خودڪشين جو هڪ وڏو سبب غربت سان گڏ وياج جو ڪاروبار به آهي جتي وياج مافيا لک تي 30 هزار وياج وٺن ٿيون بنا ڪنهن خوف جي اهي ڪاروبار ٿين ٿا انڪري صوبائي حڪومت جي اها ذميواري آهي ته هو ان طرف ڌيان ڏين. ننڍن ٻارن ۾ آپگهات جي وڌندڙ رجحان بابت هن وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ ٻارن کي بليڪ ميل ڪندڙ ڪيترائي گروهه سرگرم آهن، ٺري ميراهه وارو ته صرف هڪ واقعو سامهون آيو آهي اهڙا ٻيا ڪيترائي واقعا روزانو ٿين ٿا جيڪي رپورٽ ڪرڻَ کان رهجي وڃن ٿا. مان اسيمبليءَ جي ايندڙ اجلاس ۾ ان معاملي تي تفصيلي ڳالهه ڪندس.

Bookmark the permalink.