تازا ترين
  • پاڪستان لاءِ هڪ ارب 30 ڪروڙ ڊالرز جو قرض منظور*قرض جي رقم خصوصي بنيادن تي جاري ڪئي ويندي، 30 ڪروڙ گردشي قرضن لاءِ هوندا: ايشيائي ترقياتي بئنڪ*
  • هڪ سال ۾ رڳو پيٽروليم شين جي مد ۾ عوام کان 206 ارب 28 ڪروڙ رُپيا ٽئڪس اوڳاڙيو ويو: وفاقي سرڪار جو اعتراف*قومي اسيمبلي ۾ تيل جي اگهن بابت پيٽروليم وزارت طرفان لکت ۾ جواب جمع، اگهن ۾ 6 ڀيرا اضافو ۽ 11 ڀيرا گهٽتائي ڪرڻ جي دعويٰ*عوام کان پيٽرول تي 35 رُپيا، ڊيزل تي 45 رپيا 75 پئسا ۽ گاسليٽ تي 20 رُپيا في لٽر جي حساب سان ٽئڪس ورتو پيو وڃي: پيٽروليم وزارت*
  • تڪبندين ۽ اليڪٽورل رول ۾ ڪا تبديلي ناهي ڪئي، نيون تڪبنديون 2017ع جي آدم شماري پٽاندڙ ڪيون ويون: اليڪشن ڪميشن*سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ اليڪشن ڪميشن ۽ شماريات کاتي جي رڪارڊ ۾ فرق خلاف درخواست تي ٻڌڻي، اليڪشن ڪميشن جواب جمع ڪرايو*آبادي جي حوالي سان اليڪشن ڪميشن ۽ شماريات کاتي جي رڪارڊ ۾ فرق آهي، اُن بنياد تي ٿيل چونڊون ڌانڌلي سٽيل آهن: درخواستگذار*
  • ڪنڊيارو ڀرسان عورت ٻن معصوم ٻارن سوڌو شاخ ۾ ٽپو ڏئي ڇڏيو*ڪراچي واسڻ انشيلا کوسو ۽ سندس ڌيءُ فوت، لاش هٿ ڪيا ويا، مقامي ماڻهن پُٽ کي بچائي ورتو *
  • *الطاف ابراهيم قائم مقام چيف اليڪشن ڪمشنر بڻجي ويو*
  • *ڪراچي ۾ وقفي وقفي سان هلڪي برسات، موسم خوشگوار، ٿڌ ۾ واڌ*

”بنگلي آڏو ڪار ڇو بيهاري اٿئي“ جيڪب آباد ۾ پ پ سان واڳيل ضلعي ڪائونسل جي ميمبر جو هندو نوجوان تي تشدد، رتورت

سردار زاده قادر خان کوسي تشدد ڪيو ۽ سندس محافظ ڪار جي شيشا ٽوڙيا: متاثر شخص

واقعي جو ڪيس ٻن مک جوابدارن ۽ 8 اڻسڃاتل ماڻهن خلاف داخل، گرفتاري عمل ۾ نه آئي

جيڪب آباد)رپورٽر) جيڪب آباد ۾ بنگلي آڏو ڪار بيهارڻ تان هندو نوجوان تي وحشياڻو تشدد، رتورت، جوابدارن سندس ڪار جا شيشا به ٽوڙي ڇڏيا. جيڪب آباد جي سٽي ٿاڻي جي حد اولڊ ميونسپل روڊ تي پيپلزپارٽي جي ضلعي ڪائونسل جي ميمبر سردارزاده قادر خان کوسو بنگلي آڏو ڪار بيھارڻ تان ھندو نوجوان نڪيش ڪمار کي سخت تشدد جو نشانو بڻايو، جنهن سبب هو زخمي ٿي پيو. جڏهن جوابدار جي محافظ وقار کوسو ھندو نوجوان جي ڪار جا ٽوڙي ڇڏيا، نوجوان کي زخمي حالت ۾ سول اسپتال منتقل ڪيو ويو. جڏهن ته نوجوان نڪيش ڪمار جي فرياد تي ضلعي ڪائونسل جي ميمبر قادر خان کوسو ۽ وقار کوسو ۽ 8 اڻ سڃاتل جوابدارن خلاف سٽي ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو. نڪيش ڪمار موقف اختيار ڪندي چيو ته آئون ڪار تي ويٺو ھئس ته ضلعي ڪائونسل جي ميمبر مون کان پڇيو ته ڪير آهين، تعارف ڪرائڻ بعد ھن مون کي سخت تشدد جو نشانو بڻايو، جڏهن ته گارڊن ڪار جا شيشا ٽوڙي ڇڏيا، ضلع ميمبر سردارزاده قادر خان کوسو رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته مون تي الزام لڳائي سياسي انتقام جو نشانو بڻايو پيو وڃي، مون ڪنهن تي به تشدد ناهي ڪيو، سياسي مخالف پرپٺ وڙھي رھيا آھن. سٽي ٿاڻي جي ايس ايڇ او رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، سمورن جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويندو.

Bookmark the permalink.