تازا ترين
  • *حڪومت مخالف تحريڪ ۾ استعيفائن جو آپشن آخري هوندو، گرفتاريون معنيٰ نٿيون رکن: يوسف رضا گيلاني*
  • *نيب هٿان گرفتار شهباز شريف لاهور جي احتساب عدالت آڏو پيش*ليگي اڳواڻ ۽ وڏي تعداد ۾ ڪارڪن به عدالت پهچي ويا، پارٽي قيادت جي حمايت ۾ مظاهرو*
  • شهباز شريف جي گرفتاري بعد مخالف ڌر سرگرم: پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جو اجلاس اڄ ٿيندو

بنگلديرو: وارھ بئراج جا ڪپر کاڄي ويا، گهاري جو خطرو

بئراج جي ڪپرن جي خطرناڪ صورتحال باوجود اختيارين نوٽيس نه ورتو

بنگلديرو (ن پ ا) بنگلديرو شھر ڀرسان گذرندڙ وارھ بئراج جا ڪپر ورهين کان پچنگ نه ٿيڻ سبب خطرناڪ حد تائين کاڌ ڪري ويا آھن، گهاري جي صورت ۾ بنگلديرو شھر لاشاري خيروديرو ڦل پوٽا عثمان انڙ ڪيچي انڙ ۽ ننڍن وڏن ڳوٺن ۽ ڳڙھي خدابخش ڀٽو کي پڻ ٻڏڻ جو خطرو آھي وارھ بئراج جي ڪپرن جي خطرناڪ صورتحال باوجوده آبپاشي کاتو لاڙڪاڻو پاران ڪو به نوٽيس نه ورتو ويو، ان سلسلي ۾ مختلف ڳوٺن جي زميندارن آبادگارن ۽ رهواسين نذير احمد ڀٽو، ضمير حسين ، عبدالڪريم، گلاب خان شر ۽ ٻين چيو ته وارھ بئراج جي کاڌ ڪري ويل ڪپرن تي ڪنهن به سياسي ماڻھو چونڊيل نمائندن يا آبپاشي عملدارن توجھه نه ڏنو آھي جنهن سبب وڏي نقصان جو انديشو موجوده آھي هنن چيو ته جيڪڏھن پاڻي جي تمام زور سبب گهاري جو تمام گهڻو انديشو آھي ڪپرن جي جلد کان جلد مرامت ڪرائي نقصان ٿيڻ کان بچايو وڃي .

Bookmark the permalink.