تازا ترين
  • *واهي پانڌي: نئن نلي تي ڊيم ٺاهڻ خلاف جمالي ۽ شاهاڻي برادري پاران احتجاجي ريلي، ڌرڻو *مظاهرين اسپتال کان گورک چوڪ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو،ڇتي نعريبازي *نئن نلي جي قدرتي وهڪري تي سمال ڊيم ٺهڻ سان زمينون بنجر ٿي وينديون: مظاهرين *
  • *خيرپورناٿن شاهه ويجهو نوجوان مبينا ڦاهو کائي آپگهات ڪري ڇڏيو *ڳوٺ ڪريم داد لنڊ واسي ساجد جمالي گهر اندر مبينا ڦاهو کائي آپگهات ڪيو *
  • *ڏاهلي تعلقي ۾ ڪورونا وائرس جا وڌيڪ 14ڪيس ظاهر، متاثر گهرن ۾ آئيسوليٽ *ڇاڇرو ۽ ڏاهلي تعلقن ۾ ڪورونا جي متاثرن جو انگ143ٿي ويو*
  • *ٻانڌي ۾ ڪورونا جا وڌيڪ 7ڪيس ظاھر، متاثرن جو انگ وڌي11 ٿي ويو *سمورا متاثرن پنهنجي گهرن اندر آئيسوليٽ *3ڏينھن اڳ رورل ھليٿ سينٽر جي ملازمن سميت 50ماڻھن جا سيمپلز ورتا ويا هئا *7ڄڻن ۾ ڪورونا جي تصديق ٿي آهي: صحت کاتو*
  • *سکر: سرڪاري ڪڻڪ ۾ خرد برد ۽ اسمگلنگ ۾ ملوث جوابدارن خلاف نيب جي ڪارروائي *ڪڻڪ اسمگلنگ جي الزام ھيٺ نوشھرفيروز مان 3 ڄڻا گرفتار: نيب ذريعا *گرفتار ٿيلن ۾ عظيم آرائين، جمعا خان ۽ منور شامل آهن: نيب ذريعا *گرفتار جوابدارن تي ڪروڙين رپين جي ڪڻڪ اسمگل ڪرڻ جو الزام آهي: نيب ذريعا *
  • *جيڪب آباد ۾ مقتول نوجوان اسلم شاهه جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ ڪيل احتجاج تي پوليس جي ڪاهه *پوليس مقتول نوجوان جي وارث عورتن ۽ ٻارڙن کي موبائل ۾ کنڀي کڻي وئي *
  • *ڪي اليڪٽرڪ کي واڌو گئس جي فراهمي باوجود بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جاري *ملير، شاهه فيصل، ڪورنگي، قائد آباد، ناظم آباد، ڊفينس ۽ ٻين علائقن ۾ لوڊشيڊنگ *
  • *قاضي احمد ۾ وڌيڪ19 ڄڻن کي ڪورونا جي تصديق، متاثرن ۾ 5 عورتون به شامل *هڪ ڏينهن اڳ 86 ماڻهن جا سيمپلز ورتا ويا هئا، 19ڄڻن ۾ وائرس جي تصديق ٿي *
  • *نئون ڪوٽ: مٺي روڊ تي ٻن چنگچي رڪشائن وچ ۾ ٽڪر، 4 ڄڻا زخمي *اعواڻ پيٽرول پمپ ڀرسان ٻن چنگچي رڪشائن ۾ ٽڪر ٿيو، زخمي اسپتال منتقل *زخمين ۾ عمران راجپوت، عاقل، دانش راجپوت ۽ صداقت راجپوت شامل *

بلوچستان جي ليويز جي اهلڪار جو ڪوٽڙي مان گولي لڳل لاش هٿ، ڪنهن سان به دشمني ناهي: وارثن جو موقف

فوج علي مري کي مٿي ۾ هڪ گولي لڳل آهي، وڌيڪ جاچ ڪيون پيا: پوليس

مقتول بلوچستان جي علائقي ڪوهلو جو رهواسي ۽ ليويز ۾ حوالدار هو

ڪوٽڙي(رپورٽر) بلوچستان جي ليويز حوالدار جو ڪوٽڙي مان گولي لڳل لاش هٿ. لوڻي ڪوٽ جي جبلن ۾ رهندڙ 50 سالن جي فوج علي مري جو گولي لڳل لاش ٻولهاڙي لنڪ روڊ تان هٿ ڪيو ويو، فوج علي مري کي نامعلوم ماڻهو قتل ڪري لاش ٻولهاڙي لنڪ روڊ تي ڦٽو ڪري فرار ٿي ويا، جنهن جي اطلاع تي سائيٽ پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش کڻائي بلاول ميڊيڪل اسپتال پهچايو، مقتول جي پٽ سليم مري جو چوڻ آھي ته اسان جي ڪنهن به دشمني ناهي، بابا خورشيد ڪالوني ڪم سانگي ويل هو، اسان کي اطلاع مليو ته روڊ تي لاش پيل آهي، اسان پهچي بابا جي سڃاڻپ ڪئي آهي.پوليس موجب مقتول کي هڪ گولي مٿي ۾ لڳل آهي، وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون، هوڏانهن ٻڌايو پيو وڃي ته مقتول فوج علي مري اصل بلوچستان جي علائقي ڪوهلو جو رهواسي آھي، جيڪو ليويز ۾ حوالدار هو، سندس وارث لوڻي ڪوٽ جي جابلو علائقي ۾ رهن پيا، جيڪي پٿر ڪٽي مزدوري ڪندا آهن.

Bookmark the permalink.