تازا ترين
  • *ڪراچي: تعليم کاتي جا آفيسر ۽ ملازم بنا اجازت سيڪريٽريٽ نه اچن: سرڪيولر جاري*
  • *گمبٽ: گمس اسپتال ۾ غلط ڪئنولا سبب عورت مسمات نجمه ڪوري جو خراب ٿي ويل هٿ ڪينسر جي خدشي سبب ڪٽيو ويو، الزام هيٺ آيل نرس خلاف ڪارروائي نه ٿي * گمبٽ: مسمات نجمه ڪوري جو هٿ ڪٽيو ويو آهي پر انصاف ناهي مليو: عورت جا وارث * گمبٽ: جاچ ڪيون پيا، غلفت ڪندڙ نرس خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي: گمس انتظاميه *
  • *ميرپورخاص ۾ عدالتي ڇاپو: ٿاڻي تي زنجيرن سان ٻڌل شهري بهادر علي بازياب*
  • *اسلام آباد: کنڊ جا اگهه ڇو وڌيا؟ وزيراعظم عمران خان پاران کنڊ جي اگهن ۾ واڌ واري معاملي جي جاچ لاءِ 3 رڪني ڪميٽي قائم * اسلام آباد: ڪميٽي ۾ ڊي جي ايف آءِ اي، ڊي جي اينٽي ڪرپشن پنجاب ۽ آءِ بي جو نمائندو شامل هوندو *
  • *راڄو خاناڻي ڀرسان 55 ورهين جي پيرسن محمد بچل ڪوري وڻ ۾ رسو ٻڌي خودڪشي ڪري ڇڏي*
  • سنڌ سرڪار ڪي سي آر جي بحاليءَ لاءِ نقشو پيش ڪري ڇڏيو*ايندڙ ٻڌڻيءَ تي وري نقشو ٻيو هوندو (چيف جسٽس) نه سر! ساڳيو ئي هوندو: اي جي سنڌ*
  • سوچي ڳالهايو، هتان جيل موڪلي سگهون ٿا، ٻارن وانگر لڳا پيا آهيو ته هي ڪنداسين، هو ڪنداسين: سُپريم ڪورٽ جي سيڪريٽري ريلوي کي ڇنڊ*سُپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ سرڪلر ريلوي جي بحاليءَ واري ڪيس تي ٻڌڻي، ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ ۽ سيڪريٽري ريلوي پيش*لکي ڏيو ته نٿو ٿي سگهي ته جيئن قصو ئي ختم ٿئي، توهان جي ڪهاڻي سنڌ حڪومت هڪ سال اڳ ٻڌائي ڇڏي هئي: چيف جسٽس جا ريمارڪس*

بلاول ڀٽو کي گهرايو نيب ۽ وضاحتون حڪومت پئي ڪري: سنڌ حڪومت

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت جي ترجمان ۽ صلاحڪار مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته بلاول ڀٽو زرداري کي نيب گهرايو هو پر وضاحتون حڪومت ڏئي رهي آهي. هن چيو ته شهزاد اڪبر جي پريس ڪانفرنس سان ثابت ٿي ويو ته نيب کي حڪومت هلائي رهي آهي عدالت ۾ ته ڪجهه به ثابت ناهن ڪري سگهندا. شهزاد اڪبر صرف ميڊيا ٽرائل ڪري سگهندو آهي. هن چيو ته شهزاد اڪبر وانگر هڪ سيف الرحمٰن به آيو هو اڄ اهو گمنام آهي. شهزاد اڪبر جو پنهنجو ڪو ڪردار ناهي، ان ڪري ڪردار ڪشي ڪندو آهي. مرتضيٰ وهاب چيو ته جي وي اوپل جي معاملي ۾ ڪا مني لانڊرنگ ناهي ڪئي وئي. جي وي اوپل جو معاملو 2 پرائيوٽ ڪمپنين وچ ۾ معاهدي جو آهي، جاچ نيب جي دائري ۾ ئي نه ٿي اچي، نيب پي ٽي آءِ طرفان سياسي انتقام وٺڻ وارو ادارو بڻجي چڪو آهي. هن وڌيڪ چيو ته ڪاش حڪومت نيب جي  غير قانوني قدمن جو دفاع ڪرڻ بدران مهانگائي جي خاتمي تي ڌيان ڏئي ها. قوم ڄاڻي ٿي ته عمران خان تنقيد کان گهٻرائي نيب ذريعي بلاول ڀٽو کي الجهائڻ جو ڪوشش ڪري رهيو آهي.

، جنهن ۾ ان کي ناڪامي کانسواءِ ڪجهه نه ملندو.

Bookmark the permalink.