تازا ترين
  • *سانگهڙ جي عدالت ننڍي عمر جي ٻارڙي جي شادي روڪي ڇڏي، ٻارڙي کي وارثن حوالي ڪرڻ جو حڪم*
  • *نيب چيئرمين جاويد اقبال جي صدارت هيٺ نيب هيڊ ڪوارٽرز ۾ وڊيو لنڪ اجلاس *اجلاس ۾ ڊي جي بيورو لاهور، ڊي جي راولپنڊي به شريڪ * اجلا س ۾ ميگا ڪرپشن ڪيسز ۾ اڳڀرائي جو جائزو ورتو پيو وڃي: ذريعا*
  • *سنڌ اندر آپگهات جا واقعا: مقصودو رند ۽ غوثپور ڀرسان ناري ۽ نوجوان حياتيون وڃائي ويٺا*
  • *قمبر: ميراڻي محلي ۾ بجلي جي شارٽ سرڪٽ سبب پنج گهر سڙي رک ٿي ويا *باهه سبب محمد خان، سڪندر، عبدالغني، عمر ۽ گل محمد ميربحر جا گهر سڙي رک *باهه سبب پنج موٽر سائيڪلون، ھنڌبسترا، اناج ۽ ٻيو سامان سڙي ويو: متاثر*
  • *نصيرآباد جي ڊاڪٽر ڪمليش کي ڪورونا وائرس جي تصديق* ڪورونا رپورٽ پازيٽو اچڻ کانپوءِ ڊاڪٽر پاڻ کي گهر ۾ آئسوليٽ ڪري ڇڏيو*
  • *مدئجي ۾ پيراميڊيڪل اسٽاف پاران شڪارپور پوليس خلاف احتجاجي مظاهرو *پيراميڊيڪل اڳواڻ اورنگزيب شر جي موٽرسائيڪل چوري ٿيڻ خلاف احتجاج ڪيو ويو *سول اسپتال شڪارپور مان سازش تحت موٽرسائيڪل چوري ٿي آهي: اڳواڻ *
  • *هالاڻي ويجهو زمين جي معاملي تان مامن ۽ ڀاڻيجن ۾ جهيڙو، 5 ڄڻا زخمي *ڳوٺ احمد خان گوپانگ ۾ جهيڙي دوران ڌرين لٺين ۽ سروٽن جو وسڪارو لائي ڏنو *جهيڙي ۾ زخمي ٿيل 5 ڄڻن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو *
  • *سنڌڙي ڀرسان بااثر پورهيت کي تشدد ڪرڻ کانپوءِ هٿ پير ٻڌي واهه ۾ اڇلائي ڇڏيو، زخمي حالت ۾ اسپتال منتقل*
  • *پي آءِ ڊي بم ڌماڪو: بري ٿيل جوابدار کي ايم پي او تحت بند ڪرڻ خلاف درخواست تي سنڌ پوليس ۽ آءِ جي جيل کان تفصيل طلب*
  • *سرحد واسي پوليس اهلڪار سکر ۾ ڊيوٽي دوران فوت ٿي ويو*
  • *ٺڪراٺو: ڳوٺ جان محمد مهتم واسي عورتن جو پوليس جي مبينا تشدد خلاف احتجاج *زخمي مائي جيوڻ، رخسانه، موران، گل خاتون ۽ ٻين عورتن جي پوليس خلاف نعريبازي *پوليس اسان کي تشدد جو نشانو بڻائي 8 بيگناهه ڳوٺاڻن کي کنڀي وئي: عورتون*
  • *صالح پٽ پوليس پاران عيد ڏهاڙي داد لغاري مان اغوا ٿيل پورهيت بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ*
  • *ڄام نواز علي ۾ ڪارنهن الزام هيٺ جوابدار پنهنجي ڀيڻ ۽ نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو، پني عاقل ۾ به نوجوان قتل*

بلاول ڀٽو کي سمجهائڻ چاهيان ٿو ته پيپلز پارٽي مان وفاق جي خوشبو ايندي آهي، سنڌ ڪارڊ نه پر پاڪستان جي ڳالهه ڪئي وڃي: شاهه محمود قريشي

وزيراعظم آبادگارن کي رليف ڏيڻ لاءِ پيڪيج ڏئي رهيو آهي، هارين کي ڀاڻ جي قيمتن ۾ به رليف پيڪيج ڏنو ويندو: قريشي

ڀارت ڪورونا جي آڙ ۾ پنهنجا عزم پورا ڪري ڪشمير کي مسلم اقليت رياست ۾ تبديل پيو ڪري: پرڏيهي وزير

لاهور ( بيورو رپورٽر) ملتان ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته بلاول هن جو ٻچو آهي هو بلاول کي ننڍپڻ کان سڃاڻي ٿو، بلاول ڀٽو کي سمجهائڻ چاهي ٿو ته پيپلز پارٽي مان وفاق جي خوشبو ايندي آهي، سنڌ ڪارڊ نه پر پاڪستان جي ڳالهه ڪئي وڃي. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته هندستان ڪورونا جي آڙ ۾ پنهنجا عزم پورا ڪري رهيو آهي، ڀارت جي ڪوشش آهي ته ڪشمير کي مسلم اقليت رياست ۾ تبديل ڪيو وڃي . شاهه محمود قريشي چيو ته آر ايس ايس چوي ٿي ته هندستان کي ڪورونا جهاد کان پاڪ ڪرڻو آهي، هندستان ۾ ڪورونا پکڙجڻ جو ذميوار مسلمانن کي قرار ڏنو پيو وڃي.پرڏيهي وزير چيو ته وزيراعظم عمران خان آبادگارن کي رليف ڏيڻ لاءِ پيڪيج ڏئي رهيو آهي، هارين کي ڀاڻ جي قيمتن ۾ به رليف پيڪيج ڏنو ويندو. شاهه محمود قريشي چيو ته آمريڪا ۽ افغان طالبان جي وچ ۾ امن معاهدو تمام وڏي اڳڀرائي هئي، هو ڪابل ۽ ننگرهار ۾ ٿيل دهشتگردي جي واقعن جي مذمت ڪري ٿو . پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته جيڪڏهن صوبا سيلف ڪورنٽائين جي اجازت ڏين ته وڌيڪ پاڪستانين کي ڏيهه آڻي سگهجي ٿو.

Bookmark the permalink.