تازا ترين
  • اتر وزيرستان ۾ دهشتگردن خلاف آپريشن ۾ 4 دهشتگرد مارجي ويا، فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ چار فوجي جوان شهيد*
  • *حيدرآباد ڀرسان مبينا قتل ڪيل نوجوان جي وارثن لاش شيخ ڀرڪيو روڊ تي رکي ڌرڻو*
  • *ڏهرڪي لڳ ڊاٽسن جو ٽرالر سان ٽڪر، 3 واپاري زخمي،8 ٻڪريون مري ويون*
  • *ڄامشوري مان 18 ڏينهن اڳ کنڀي گم ڪيل قومپرست اڳواڻ جاويد شورو آزاد ٿي گهر پهچي ويو*
  • *پني عاقل ويجهو خوفناڪ باهه لڳڻ سبب 4 گهر سڙي ويا، اطلاع باوجود فائر برگيڊ عملو نه پهتو*
  • *بخشاپور: روهڙي کان پٿر کڻي ايندڙ ٻه ڊمپر ڊرائيورز ۽ ڪلينر اغوا*
  • *سيراڻي ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ برسات، نانگ ۽ بلائون ٻرن مان نڪري آيون*

بلاول سان شاهزين بگٽي جي ملاقات: قومي معاملن تي گڏ هلڻ تي اتفاق

اسلام آباد ( بيورو رپورٽ) بجيٽ اجلاس بعد پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان حڪومت کان ناراض جمهوري وطن پارٽي جَي سربراهه شاهزين بگٽي زرداري هائوس ۾ ملاقات ڪئي. ان موقعي تي بلاول ڀٽو زرداري ۽ شاهزين بگٽيءَ قومي معاملن تي گڏ هلڻ تي اتفاق ڪيو. پ پ چيئرمين، 18هين آئيني ترميم ۽ اين ايف سي ايوارڊ تي شاهزين بگٽي جي موقف جي واکاڻ ڪئي. ان موقعي تي شاهزين بگٽي جو چوڻ هو ته اڳوڻي صدر آصف زرداري جَي دور ۾ بلوچستان کي خاص پيڪيج مليو، پيپلزپارٽي بلوچن جَي زخمن تي مرهم رکيو. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، بلوچستان جي صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته بلوچستان کي نظرانداز ڪرڻ سليڪٽڊ حڪومت جِي هڪ وڌيڪ سنگين نااهلي آهي، پيپلزپارٽي بلوچستان جَي حقن تي سوديبازي ٿيڻ نه ڏيندي.

Bookmark the permalink.