تازا ترين
  • *محرابپور ويجهو نوجوان بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت *ڳوٺ ولي آباد ۾ علي ولد رمضان آرائين پکي مان ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿي ويو *
  • *سپريم ڪورٽ ۾ سرڪاري زمين تي پيٽرول پمپس ليز تي ڏيڻ بابت پاڻمرادو نوٽيس تي ٻڌڻي *عدالت ڪمشنر فيصل آباد پاران پيش ڪيل رپورٽ رد ڪري ڇڏي *سپريم ڪورٽ پاران ايندڙ ٻڌڻي تي ڪمشنر فيصل آباد کي ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم *حڪم تي عمل نه ٿيو ته ڪمشنر ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر ٻئي جيل ويندا: سپريم ڪورٽ*
  • *سڪرنڊ ۾ آل پارٽيز الائينس جي سڏ تي بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ خلاف احتجاجي ريلي *مظاهرين صحافي چوڪ کان ريلي ڪڍي حيسڪو آفيس جي گيٽ آڏو ڌرڻو هنيو، ڇتي نعريبازي *سڪرنڊ ۽ ڀرپاسي ۾ 16کان18 ڪلاڪ بجلي جي لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي: مظاهرين *
  • *ڪراچي: سهراب ڳوٺ وٽ پوليس ۽ ڏوهارين وچ ۾ مبينا مقابلو، 2 ڦورو زخمي حالت ۾ گرفتار *موٽر سائيڪل تي سوار ٽن جوابدارن ڦر جي ڪوشش ڪئي ته پوليس پهتي: پوليس *مقابلي ۾ زخمي ٿيل ڦورو فيروز اسپتال ۾ علاج دوران فوت ٿي ويو: پوليس *
  • *ڪراچي: شرافي ڳوٺ ۾ نجي ڪمپني جي لاڪرز مان چوري ڪندڙ جوابدار گرفتار *جوابدار لاڪرز ٽوڙي نجي ڪمپني جا 6 لک رپيا چوري ڪيا هئا: پوليس *سي سي ٽي وي فوٽيجز ۾ هڪ جوابدار ڪمپني اندر نظر آيو آهي: پوليس*
  • *رائونتي ۾ ڳوٺاڻن جو بنيادي سهولتن جي کوٽ خلاف احتجاجي ريلي، ڌرڻو *مختلف ڳوٺن جي رهواسين احتجاجي ريلي ڪڍي اي سي آفيس اوٻاوڙو آڏو ڌرڻو هنيو، نعريبازي *ڳوٺن ۾ اسڪول، پڪن روڊن ۽ اسپتال جهڙي جهڙي ڪا به سهولت نه آهي: ڳوٺاڻا*
  • *ڏهرڪي ۾شهرين ۽ استادن جو اسڪول کولرائڻ لاءِ احتجاجي مظاهرو *پريس ڪلب اڳيان ڪيل احتجاج ۾سياسي سماجي ڪارڪن شريڪ *سنڌ جا اسڪول بند ڪري تعليم تباهه ڪئي پئي وڃي: ڄام فتاح سميجو *7 مهينا اسڪول بند رهيا، حڪومت پنهنجو فيصلو واپس وٺي اسڪول کولرائي: مطالبو*
  • *قمبر ويجهو موٽرسائيڪل ۽ چنگچي رڪشا ۾ ٽڪر، ٻن عورتن سميت 4ڄڻا زخمي ٿي پيا *زخمي حسين علي، حيات خاتون، سرداران خاتون۽ ياسين چانڊيو کي اسپتال منتقل ڪيو ويو*
  • *پنوعاقل لڳ پٽڙي ڪراس ڪندڙ نينگر ٽرين جي ٽڪر ۾ فوت ٿي ويو *نينگر فاروق پٽڙي ڪراس ڪري رهيو هو ته ٽرين ٽڪر هنيو،لاش وارثن حوالي*

بلاول جي ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾شهيدن جي مزارن تي حاضري ڀري

نئون ديرو/ قمبر (نمائندن وٽان) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڳڙهي خدابخش ڀٽو پهچي شهيدن جي مزارن تي حاضري ڀري آهي. بلاول ڀٽو زرداري نئون ديرو هائوس کان ڳڙهي خدابخش ڀٽو پهچي شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو، قائد عوام شهيد ذوالفقار ڀٽو، بيگم نصرت ڀٽو، شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو، شهيد شاهنواز ڀٽو ۽ ٻين مزارن تي حاضري ڀري فاتحه خواني ڪئي ۽ مزارن تي گل رکيا. ان موقعي تي جميل سومرو ساڻس گڏ هو. بلاول ڀٽو جي مزارن تي حاضري ڀرڻ کان اڳ سيڪيورٽي جا انتظام سخت ڪيا ويا جڏهن ته عام ماڻهن کان مزار کي مڪمل طور خالي ڪرايو ويو. هوڏانهن پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري نئون ديرو لڳ ڳوٺ وانڍ علي محمد ڪرٽيو پهچي مرحوم پ پ اڳواڻ نعمت الله ناريجو جي وفات تي سندس وارثن سان تعزيت ڪئي. پ پ چيئرمين پاران مرحوم جي پٽ اظهر ناريجو ۽ ڀاءُ ربنواز سان نعمت الله ناريجو جي وفات تي افسوس جو اظهار ڪندي مرحوم جي روح کي ثواب پهچائڻ خاطر فاتحه خواني ڪئي.ٻئي طرف پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري قمبر پھچي پ پ ايم پي اي نواب سردار خان چانڊيو سان غيبي ھائوس قمبر ۾ سندس جي ڏاڏي امڙ جي وفات تي تعزيت ڪئي جڏهن ته عذرخواهي ۾ سردار واحد بخش مھر ۽ نواب سردار خان چانڊيو جي فيملي جا ميمبر ھئا دعا جي گهڙين بعد بلاول ڀٽو زرداري قمبر کان روانو ٿي ويو

Bookmark the permalink.