تازا ترين
  • *ڌرڻن دوران اڌ رات جو پيغام مليو ته استعيفيٰ ڏيو نه ته مارشلا لڳي سگهي ٿو، مون چيو استعيفيٰ نه ڏيندس، جيڪو ڪرڻو اٿو ڪيو: نواز شريف*سليڪٽيڊ وزيراعظم کي آڻيندڙ اصل ذميوار آهن، اليڪشن ۾ ڌانڌلي کي لکئي جو ليک سمجهي ماٺ ڪري نٿا ويهي سگهون*اڄ پارليامينٽ کي چونڊيل نمائندن بدران ڪو ٻيو هلائي رهيو آهي: نواز شريف جو لنڊن مان پارٽي جي سي اي سي کي وڊيو خطاب*
  • *نواز شريف هڪ ڀيرو ٻيهر گرفتاري وارنٽس وصول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو*
  • *اسان نواز شريف کي پورو موقعو ڏنو، جوابدار سڄي نظام کي شڪست ڏئي پرڏيهه هليو ويو: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ*هاڻي جوابدار ٻاهر ويهي کلندو هوندو ته ڪيئن سموري نظام کي دوکو ڏنو، هي انتهائي شرمناڪ رويو آهي*

بس مالڪ 5 سالن کان بنا ڪنهن نوٽيفڪيشن جي ڀاڙو پيا وٺن: سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان سيڪريٽري ٽرانسپورٽ کي نوٽيس جاري

سال 2015ع کانپوءِ ڀاڙن ۾ هوش خطا ڪندڙ اضافو ٿيو آهي: درخواستگذار

ٻڌايو وڃي ته حڪومت پبلڪ ٽرانسپورٽ کي ڪيئن ڪنٽرول ٿي ڪري: عدالت

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ عوامي ٽرانسپورٽ جي ڀاڙن ۾ ڳاٽي ٽوڙ اضافي تي ٽرانسپورٽ کاتي جي سيڪريٽري کان جواب طلب ڪندي چيو آهي ته بسن وارا 5 سالن کان بنا ڪنهن نوٽيفڪيشن جي ڀاڙو وٺي رهيا آهن، ٻڌايو وڃي ته حڪومت پبلڪ ٽرانسپورٽ جي ڀاڙن کي ڪيئن ڪنٽرول ڪندي آهي؟
سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ٽرانسپورٽ جي ڀاڙن ۾ اضافي خلاف درخواست تي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران عدالت ٽرانسپورٽ کاتي جي سيڪريٽري کي نوٽيس جاري ڪندي 20 جنوري تائين جواب طلب ڪري ورتو آهي. عدالت پنهنجي ريمارڪس ۾ چيو آهي ته بسن وارا 5 سالن کان بنا ڪنهن نوٽيفڪيشڻ جا ڀاڙو اوڳاڙي رهيا آهن. عدالت اسسٽنٽ ايڊووڪيٽ جنرل کي هدايت ڪئي ته جواب ۾ ٻڌايو وڃي ته سرڪار پبلڪ ٽرانسپورٽ جي ڀاڙن کي ڪيئن ڪنٽرول ڪندي آهي.
درخواستگذار موقف رکيو ته سال 2015ع کانپوءِ ڀاڙن ۾ هوش خطا ڪندڙ اضافو ٿيو آهي، سرڪاري نوٽيفڪيشن کانسواءِ ڀاڙا وڌايا ويندا آهن، رڳو 4 سالن ۾ بس مالڪن کوڙ ڀيرا ڀاڙا وڌائي ڇڏيا. درخواست ۾ ٽرانسپورٽ کاتي، ڊي آءِ جي ٽريفڪ ۽ ٻين واڳيل اختيارين کي ڌُر بڻايو ويو.

Bookmark the permalink.