تازا ترين
  • ن ليگ طرفان شهباز شريف جي گرفتاري خلاف احتجاج جو اعلان: شهباز شريف کي ڀاءُ سان وفاداري جي سزا ملي: مريم نواز*
  • *لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ مني لانڊرنگ ڪيس ۾ ضمانت درخواست تي ٻڌڻي دوران اپوزيشن ليڊر شهباز شريف پيش*
  • *نوري آباد سانحي جي وڌيڪ ٻن زخمين دم ڏئي ڇڏيو*فوتين جِي سڃاڻپ لاءِ ڊي اين اي نمونا وٺڻ بعد لاش ايڌي سرد خاني منتقل*
  • *ميگا مني لانڊرنگ ريفرنس ۾ اڳوڻي صدر آصف زرداري، فريال ٽالپر، عبدالغني مجيد ۽ ٻين جوابدارن تي فرد جرم لاڳو*

برطانوي همراهه ڪلاڪ ۾ 12 ڪلو وزني برگر چٽ ڪري ويو

لنڊن (دلچسپ نيوز) برطانيه ۾ هڪ هوٽل سمورن پيٽو ماڻهن کي چيلنج ڪيو آهي ته هو اسان جو وڏو برگر هڪ ڪلاڪ ۾ کائي ڏيکارين ته انهن کان بل نه ورتو ويندو. واضح رهي ته هن برگر جو وزن لڳ ڀڳ 12 ڪلو گرام کان وڌيڪ آهي جنهن ۾ 30 هزار حراري(ڪيلوريز) موجود آهي. برطانيه جي شهر ورڪنگٽن جي علائقي ڪومبريا ۾ واقع مديحه ٽڪ اوي جي مالڪ ڪائل بارلو چيو آهي ته مون کي يقين آهي ته هڪ ڪلاڪ ۾ ڪوبه ماڻهو هي  برگر کائي نه سگهندو. ڇو ته هي پاڻ 56 برگرن جي برابر آهي. جنهن ۾ 24 پائونڊ گوشت ۽ پنير جو وڏو مقدار شامل ڪيو ويو آهي. پر ڌيان سان هن ۾ خنزير جو گوشت به موجود آهي. يعني پنير جا 20 ٽڪڙا ۽ خنزير جي گوشت جا به 20 ٽڪڙا لڳايا ويا آهن. ڪائل موجب هن برگر ۾ 2000 ڪيلوريز جي مقدار ۾ پنير ڀريو ويو آهي ۽ صرف هن کي ختم ڪرڻ ئي هڪ وڏو چيلنج هوندو پر هن اهو ٻڌايو آهي ته ڪيترن ئي ماڻهن طرفان هن برگر کي هڪ ڪلاڪ ۾ چٽ ڪرڻ جون درخواستون ملي رهيون آهن. هوٽل موجب هڪ شخص ان کي کائڻ جي ڪوشش ڪئي پر تصوير کان هٽي جڏهن هن برگر جي اصل شڪل ڏٺي ته سندس همت جواب ڏئي وئي.

Bookmark the permalink.