تازا ترين
  • خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، ٻڌڻي 5 آڪٽوبر تائين ملتوي*
  • آصف زرداري جي اپيلن تي فيصلو 23 سيپٽمبرتي ٻڌايو ويندو*نيب جيڪي الزام لڳايا، انهن سان واسطو ئي ناهي، آصف زرداري جي وڪيل دليل مڪمل ڪري ورتا *

برطانوي راڪ ميوزڪ بينڊ پاران امجد صابري کي ڀيٽا

ڪراچي (شوبز نيوز) برطانوي راڪ ميوزڪ بينڊ ”ڪولڊ پلي“ تازو سامهون آيل البم ”ايوري ڊي لائف“ ۾ پاڪستان جي مشهور قوال امجد صابري کي ڀيٽا پيش ڪئي آهي. ڪولڊ پلي جي هن نئين البم ۾ موجود گاني چرچ ۾ امجد صابري جي قوالي جگا جي لگاني جا ڪجهه ٻول به شامل ڪيا ويا آهن. انٽر ڪام کي ڏنل هڪ انٽرويو ۾ ڪولڊ پلي جي موسيقار ڪرس مارٽن جو چوڻ هو ته چرچ سندن البم جو ٻيون گانو آهي ۽ هي گانو هنن گهڻين شخصيتن جي زندگي مان متاثر ٿي تيار ڪيو آهي. ڪرس مارٽن جو چوڻ هو ته اسان جي هن گاني ۾ پاڪستاني ڳائڻي امجد صابري کي به حصو بڻايو ويو، افسوس ان ڳالهه جو آهي جو کيس قتل ڪيو ويو هو. هيل تائين اها ڳالهه واضح ناهي ٿي سگهي ته ڪولڊ پلي امجد صابري جي هن گاني کي پنهنجي گاني ۾ شامل ڪرڻ لاءِ سندس ڪٽنب کان اجازت ورتي يا نه.

Bookmark the permalink.