تازا ترين
  • *سنڌ هاءِ پاران لاڪ ڊائون دوران اسڪولن جي فيس ۾ 20 سيڪڙو رعايت برقرار *رعايت جو طريقيڪار واضح ڪرڻ جي لاءِ ڌرين کي مشاورت ڪرڻ جي هدايت *جيڪي 80 سيڪڙو فيس ادا ڪري سگهن ٿا انهن لاءِ 20 سيڪڙو فيس مسئلو ناهي: عدالت *
  • *ميرپورخاص ۾ رولو ڪتن نينگر سميت 2 ڄڻن کي ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو *زخمي 7ورھين جي حاجي ۽ پيرسن ھاشم کي اسپتال منتقل ڪيو ويو*
  • *جمال شاهه ۾ماڪڙ جا ڪٽڪ پهچي ويا، وڻ، فصل ۽ سبزيون کائي چٽ ڪري ڇڏيون *ماڪڙ جا جنتر، جوئر، وونئڻن جي فصلن، ليمن ۽ ڪيلن جي باغن تي حملا جاري *قرض کڻي فصل پوکيا، ماڪڙ سبب لکين روپين جو نقصان ٿي رهيو آهي: آبادگار *
  • *صحافي عزيز ميمڻ جي قتل ڪيس ۾ گرفتار پنجون جوابدار ڪنڊيارو جي عدالت ۾ پيش *سڃاڻپ پريڊ کانپوءِ جوابدار ذوالفقار عرف بگو سهتو 14 ڏينهن جي رمانڊ تي جيل حوالي *
  • *اخبارن ۽ ڪيبل ٽي وي چئنلز تي به قرضي آبادگارن جا اشتهار هلائڻ جي به هدايت*
  • *کدڙا فقير ڊفالٽرز جي گهرن ۾ وڃي سندن نالا وٺن: سمورين برانچز کي ليٽر جاري*
  • *زرعي ترقياتي بئنڪ ڪورونا باوجود ننڍن آبادگارن جي پويان پئجي وئي، آبادگارن کان قرض اوڳاڙي لاءِ کدڙن فقيرن کان خدمتون وٺڻ جو فيصلو*
  • *لاڙڪاڻو: تعلقي ٿاڻي جي حد ۾ انڌي موري وٽ مبينا پوليس مقابلو *لاڙڪاڻو: پوليس پاران ٽن ڏوھارين کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ *لاڙڪاڻو: گرفتار ڪيل ڏوهارين وٽان 2 رپيٽر ۽ ھڪ ڊبل بيرل بندوق ھٿ *لاڙڪاڻو: گرفتار ڏوهاري سنگين ڪيسن ۾ گهربل ھئا: پوليس *
  • *پيٽرول سستو ٿيڻ کانپوءِ اڄ ٽئين ڏينهن به عوام کي رليف نه ملي سگهيو، ڪراچي سميت ڪيترن ئي شهرن ۾ پيٽرول ناياب*
  • *پير وسڻ ڀرسان ڪار ۽ موٽرسائيڪل ۾ ٽڪر، مختيار ميرجت فوت ٿي ويو*
  • *سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڌار ڌار روڊ حادثا: 3 ڄڻا فوت، 8 ڄڻا زخمي*
  • *پيروسڻ ويجهو روڊ حادثو، هڪ ڄڻو فوت، 4 زخمي *مهراڻ هاءِ وي تي پير ٻڍڙيو وٽ ڪار ۽ موٽرسائيڪل ۾ٽڪر *مختيار ميرجت ٿڏي تي فوت، سعيد خاتون، مشتاق، اسماعيل ۽ ٻيا زخمي *
  • *منهڙو : روهڙي ڪئنال ۾ڪريل ڪار ۾سوار زال مڙس جا لاش نه مليا *مقامي ٽوٻن ذريعي ڳولا جاري، سوين ماڻهو واقعي هنڌ پهتل، انتظاميا گم *رات دير سان حادثي بعد غلام رسول ڏاهري کي زندهه حالت ۾ڪڍيو ويو هو *

برازيل ۾ بالڪوني سينيما جي ڌم، سرڪار مختلف هنڌن تي اسڪرينز لڳائي ڇڏيون

ڪراچي (دلچسپ نيوز) برازيل جي شهر ريو ڊي جنيرو ۾ بالڪوني سينيما جي ڌم مچي وئي آهي. شهري پنهنجن گهرن جي بالڪونين ۾ بيهي فلمون ڏسڻ لڳا. چين جي شهر ووهان مان شروع ٿيل ڪورونا وائرس عالمي وبا جي شڪل اختيار ڪري ورتي آهي. موت مار وبا کي پکڙجڻ کان روڪڻ لاءِ سڄي دنيا ۾ ماڻهن کي گهرن ۾ رهڻ جو چيو پيو وڃي. پاڪستان سميت ڪيترن ئي ملڪن ۾ مڪمل يا جزوي طور تي لاڪ ڊائون لاڳو آهي جنهن سبب ڪاروباري مرڪز، شاپنگ مالز،سينما گهر، فٽنيس ڪلب ۽ ٻيا ماڳ مڪمل طور تي بند آهن ۽ رڳو اسپتال فارميسيون کليل آهن. لاڪ ڊائون جي صورتحال ۾ برازيل جي شهر ريو ڊي جنيرو ۾ مقامي حڪومت شهرين کي تفريح فراهم ڪرڻ جو انوکو انداز اختيار ڪيو ۽ بالڪوني سينما ۾ تبديل ڪري ورتي. مقامي حڪومت گاڏين جون وڏيون اسڪرينز لڳايون ۽ شهر جي مختلف ماڳن تي انهن گاڏين تي اپارٽمينٽس سامهون بيهاري ڇڏيو ۽ پوءِ انهن اسڪرينز تي فلمون نشر ڪيون، اهڙي ريت شهرين پنهنجي گهرن جي بالڪونين ۾ بيهي فلمون ڏٺيون ۽ حڪومت جي اهڙي قدم جي واکاڻ به ڪئي آهي.

Bookmark the permalink.