تازا ترين
  • *ڏاهلي تعلقي ۾ ڪورونا وائرس جا وڌيڪ 14ڪيس ظاهر، متاثر گهرن ۾ آئيسوليٽ *ڇاڇرو ۽ ڏاهلي تعلقن ۾ ڪورونا جي متاثرن جو انگ143ٿي ويو*
  • *ٻانڌي ۾ ڪورونا جا وڌيڪ 7ڪيس ظاھر، متاثرن جو انگ وڌي11 ٿي ويو *سمورا متاثرن پنهنجي گهرن اندر آئيسوليٽ *3ڏينھن اڳ رورل ھليٿ سينٽر جي ملازمن سميت 50ماڻھن جا سيمپلز ورتا ويا هئا *7ڄڻن ۾ ڪورونا جي تصديق ٿي آهي: صحت کاتو*
  • *سکر: سرڪاري ڪڻڪ ۾ خرد برد ۽ اسمگلنگ ۾ ملوث جوابدارن خلاف نيب جي ڪارروائي *ڪڻڪ اسمگلنگ جي الزام ھيٺ نوشھرفيروز مان 3 ڄڻا گرفتار: نيب ذريعا *گرفتار ٿيلن ۾ عظيم آرائين، جمعا خان ۽ منور شامل آهن: نيب ذريعا *گرفتار جوابدارن تي ڪروڙين رپين جي ڪڻڪ اسمگل ڪرڻ جو الزام آهي: نيب ذريعا *
  • *جيڪب آباد ۾ مقتول نوجوان اسلم شاهه جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ ڪيل احتجاج تي پوليس جي ڪاهه *پوليس مقتول نوجوان جي وارث عورتن ۽ ٻارڙن کي موبائل ۾ کنڀي کڻي وئي *
  • *ڪي اليڪٽرڪ کي واڌو گئس جي فراهمي باوجود بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جاري *ملير، شاهه فيصل، ڪورنگي، قائد آباد، ناظم آباد، ڊفينس ۽ ٻين علائقن ۾ لوڊشيڊنگ *
  • *قاضي احمد ۾ وڌيڪ19 ڄڻن کي ڪورونا جي تصديق، متاثرن ۾ 5 عورتون به شامل *هڪ ڏينهن اڳ 86 ماڻهن جا سيمپلز ورتا ويا هئا، 19ڄڻن ۾ وائرس جي تصديق ٿي *
  • *نئون ڪوٽ: مٺي روڊ تي ٻن چنگچي رڪشائن وچ ۾ ٽڪر، 4 ڄڻا زخمي *اعواڻ پيٽرول پمپ ڀرسان ٻن چنگچي رڪشائن ۾ ٽڪر ٿيو، زخمي اسپتال منتقل *زخمين ۾ عمران راجپوت، عاقل، دانش راجپوت ۽ صداقت راجپوت شامل *

بدين ۾ پاڻي بحران برقرار: فصل سُڪي ويا: رهواسي پاڻي ڍڪ لاءِ دربدر: اختياريون آرامي!

سامونڊي پٽي جا واهه ۽ شاخون هڪ مهيني کان سُڪل: سکر بئراج جو پاڻي سم نالن ۾ ڇوڙ ٿيڻ ڪري ضايع

احمد راڄو، ڀڳڙا ميمڻ، سيراڻي، روپاماڙي ٻهڊمي ۽ ٻين علائقن ۾ پاڻي کوٽ سبب رهواسين جا مٿي تي هٿ

بدين(رپورٽ: حميد سومرو) بدين ۾ پاڻي بحران بدستور برقرارم، فصل سُڪي ويا، رهواسي پاڻي ڍڪ لاءِ دربدر،اختياريون آرامي. ان ڏس ۾ سامونڊي پٽي مير واھ، مورجھر، سومرا شاخ سميت ٻين واھن ۽ شاخن ۾ هڪ مهيني کان پاڻي ڇوڙ نه ٿيڻ ڪري واري اڏامي رهي آهي.آبپاشي عملدار سکر بئراج جو واڌو پاڻي سم نالي ۾ ڇوڙ ڪري ضايع ڪرڻ کي ترجيح ڏين ٿا پر بدين جي واهن ۽ شاخن ۾ پاڻي ڇوڙ نٿو ڪيو وڃي. احمد راڄو، ڀڳڙا ميمڻ، سيراڻي، روپاماڙي ٻهڊمي ۽ ٻين علائقن ۾ پاڻي کوٽ سبب رهواسين جا مٿي تي هٿ اچي ويا آهن، جڏهن ته واهه سڪل هئڻ ڪري ڍور اڃ مرڻ شروع ٿي ويا آهن. رهواسين مجيد مهراڻوي، جاويد چانگ، شبيرملاح ۽ ٻين دانهيو ته آبپاشي عملدارن هٿرادو کوٽ ڪري نقصان پهچايو آهي، جر کارو ٿي ويو آهي، ڍور توڙي پکي به اڃ مرڻ شروع ٿي ويا آهن. هنن چيو ته شهرن ۾ به پاڻي ڍڪ ملڻ مشڪل آهي، مسجدن ۾ وضوع جيترو پاڻي نه بچيو آهي، جڏهن ته فوت ٿيلن جي لاش کي غسل ڏيڻ لاءِ به ملهه پاڻي وٺڻ تي مجبور آهيون. هنن الزام هنيو ته آبپاشي عملدار پاڻي وڪرو ڪن ٿا، چونڊيل نمائندا پاڻي بحران جي ڳالهه ته ڪن ٿا پر مسئلو حل ڪرڻ لاءِ ڪير قدم نٿو کڻي. هنن چتاءُ ڏنو ته جيڪڏهن 2 ڏينهن اندر پاڻي مسئلو حل نه ٿيو ته ڌرڻا هڻنداسين.

Bookmark the permalink.