تازا ترين
  • خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، ٻڌڻي 5 آڪٽوبر تائين ملتوي*
  • احتساب عدالت آصف زرداري جي اپيلن تي فيصلو اڄ ٻڌائيندي*نيب جيڪي الزام لڳايا، انهن سان واسطو ئي ناهي، آصف زرداري جي وڪيل دليل مڪمل ڪري ورتا *

بدين واسي کي پني عاقل ۾ قتل ڪرڻ جو خدشو، وارثن جو احتجاج

بدين(رپورٽر ) بدين جي رھواسي جو پنوعاقل مان لاش ھٿ کان پوءِ وارثن پاران قتل جو خدشو ظاھر ڪيو ويو آهي. بدين جي ڳوٺ شيرخان چانگ جي رهواسي 30 ورهين جي نوجوان پنهون پٽ هاشم چانگ جو لاش پنوعاقل جي ڪچي واري علائقي ۾ سنڌو دريا مان مليو هو ۽ مقامي ماڻهن دريا مان لاش ڪڍي پنو عاقل اسپتال پهچايو هو. نوجوان جي والد  هاشم  چانگ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته اسان جو پنهنجي برادري سان زمين جي تڪرار تان جهيڙو هلندڙ آهي. ٻه ڏينهن پهرين پٽ حيدرآباد جي ڪورٽ ويو هو، جنهن کان پوءِ سندس موبائل فون بند ٿي ويو. هاڻ سوشل ميڊيا ذريعي خبر پئي آهي ته سندس لاش پنو عاقل لڳ مليو آهي هن خدشو ظاهر ڪيو ته پٽ کي اغوا ڪرڻ بعد قتل ڪيو ويو آهي. هن مطالبو ڪيو ته منهنجي پٽ جي موت جي جاچ ڪري انصاف ڪيو وڃي. ٻئي پاسي وارثن جي شڪ بعد فوتي نوجوان جي لاش جو پوسٽ مارٽم ڪيو ويو. نوجوان جو لاش وصول ڪرڻ لاءِ سندس وارث پنو عاقل روانا ٿي ويا آهن.

Bookmark the permalink.