تازا ترين
  • *حڪومت مخالف تحريڪ ۾ استعيفائن جو آپشن آخري هوندو، گرفتاريون معنيٰ نٿيون رکن: يوسف رضا گيلاني*
  • *نيب هٿان گرفتار شهباز شريف لاهور جي احتساب عدالت آڏو پيش*ليگي اڳواڻ ۽ وڏي تعداد ۾ ڪارڪن به عدالت پهچي ويا، پارٽي قيادت جي حمايت ۾ مظاهرو*
  • شهباز شريف جي گرفتاري بعد مخالف ڌر سرگرم: پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جو اجلاس اڄ ٿيندو

بدين ضلعي کي پاڻي ڏيارڻ لاءِ تحريڪ: وڏي انگ ۾ شهرين جو نئون ڪوٽ موري کان پنگريو تائين پيادل مارچ

بااثرن جون زمينون آباد ڪرڻ لاءِ بدين جي عوام جو پاڻي چوري ڪيو پيو وڃي: شهري

پنگريو (ن پ ا) نئين ڪوٽ موري کان پنگريو شھر ڏانھن بدين بچايو ڪاميٽي جي اڳواڻن عزيز ڏيرو، خليل ڀرڳڙي، مير نور احمد ٽالپر، خدا ڏنو شاهه، بشير کوسو، ميان بشير ڪمبوه جي اڳواڻي ۾ مارچ ڪيو ويو، پنگريو، شادي لارج، کوسڪي، ڪڍڻ، بدين، ٽنڊو باگو، جھڏو، ملڪاڻي شريف، نندو جي علائقن مان به وفد پيادل مارچ ۾ شريڪ ٿيا، يوسي ڏئي جرڪس جو چئرمين چوڌري اسلم ڪمبوه يوسي سمن سرڪار جو چئرمين رضا احمد کوسو قافلن جي صورت ۾ پيادل مارچ ۾شريڪ ٿيندا ويا، مارچ جڏھن ڳوٺ خليفو لال بخش احمداڻي پھتو ته مارچ تي گلن جي ورکا ڪئي ۽ اڳوڻن کي اجرڪن جا تحفا ڏنا ويا وڏي انگ ۾ ماڻهن ڌرڻو هڻي پنگريو، جهڏو ۽ پنگريو نئون ڪوٽ روڊ ٽن ڪلاڪن تائين بند ڪري ڇڏيو. اڳواڻن خطاب ڪندي ۽ پريس ڪلب پنگريو ۾ ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته اسان سيڊا جي جوڙيل ڦليلي جي غير قانوني دڪن، اڪرام واهه تي ناجائز لفٽ مشينن، فلڊ ڪئنالن کي پنھنجي اصل سکر بئراج تان پاڻي ڏيڻ آبپاشي کاتي جي پاڻي وڪرو ڪرڻ ۾ ملوث آفيسرن خلاف قدم کڻڻ لاءِ ناصر شاهه سان ڳالهيون ڪيون پر ڪجهه نه ٿيو، سموري صورتحال جا چونڊيل نمائندا، سيڊا ڊائريڪٽر مير غلام علي ۽ ڍيڪيدار خادم هسين ميمڻ ذميوار آهن، هنن چيو ته 27 اپريل تي ترائي کان بدين ۽ 4 مئي تي خليفه قاسم کان ٽنڊوباگو تائين پيدل مارچ جو اعلان ڪيو ويندو. هنن سنڌ ڪورٽ ۾ ادريس راجپوت جي رپورٽ کي چئلينج ڪرڻ جو اعلان پڻ ڪيو.

Bookmark the permalink.