تازا ترين
  • ميرپور خاص واقعي جي جاچ شروع: ڊي جي هيلٿ جي سفارش باوجود ايم ايس معطل نه ٿيو: پي ٽي آءِ ايم پي ايز ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ ٿاڻي تي پهتل*ڊي سي طرفان جُڙيل ڪميٽي اسپتال انتظاميا جا بيان رڪارڊ ڪيا، ڊي جي هيلٿ جاچ دوران ايم ايس کي هٽائڻ جي سفارش ڪئي، اُن تي عمل نه ٿيو*اسپتال انتظاميا طرفان ايمبولينس نه ڏيڻ کانپوءِ ٻارڙي جو لاش موٽر سائيڪل تي نيو پئي ويو ته حادثو پيش آيو، جنهن ۾ وڌيڪ 2 ڄڻا فوت ٿيا*
  • ڪراچي ۾ مظاهرو ڪندڙ هيڊ ماسترز تي پوليس ڪڙڪي پئي*مرد ۽ عورت هيڊ ماسترز سي ايم هائوس ڏانهن وڌڻ جي ڪوشش ڪئي، پوليس جي لٺبازي، چڪريون*
  • ميرپور خاص واقعي ۾ ذميوارن خلاف ڪارروائي ٿيندي: وڏو وزير*بلاول ڀٽو جي سخت موقف کانپوءِ سنڌ ورهائڻ جون ڳالهيون ڪندڙ معافيون گهري رهيا آهن: مراد علي شاهه *
  • شهدادڪوٽ پوليس طرفان مبينا مقابلي ۾ هاف فراءِ ڪيل نوجوان اسپتال ۾ فوت: وارثن جو لاش رکي ڌرڻو: مقابلو ڪوڙو قرار ۽ جاچ جو مطالبو*شهدادڪوٽ پوليس 15 ڏينهن اڳ مبينا مقابلي ۾ نوجوان طارق ڌاريجو کي زخمي ڪيو، چانڊڪا اسپتال ۾ نوجوان زخمن جا سور نه سهندي فوت*طارق شهدادڪوٽ سامان وٺڻ ويو ته پوليس مخالفن جي چوڻ تي کيس گرفتار ڪيو (وارث) مٿس 15 مختلف ڪيس داخل ٿيل آهن: پوليس *
  • غوثپور جا2نوجوان عورتاڻي آواز ۾ هرکجي اغوا ٿيڻ کان بچي ويا*نوجوان لياقت ۽ محمد عثمان دستي شاديءَ جي ڏٽي ۾ ڪچي طرف وڃي رهيا هئا ته پوليس کين روڪيو*
  • *ڪراچي ۾ آرٽيڪل 149 لاڳو ڪرڻ ۽ فروغ نسيم خلاف مختلف شهرن ۾ مظاهرا ۽ ريليون*
  • *لمس ۽ چانڊڪا ۾ ميڊيڪل جي داخلا لاءِ انٽري ٽيسٽ ورتي پئي وڃي*
  • *ميهڙ ڀرسان ٻن موٽرسائيڪلن ۾ ٽڪر: 3 سڳا ڀائر زخمي*

بدين ضلعي جون زمينون بنجر، ماڻهو بيروزگار، ڪاٺين جو ڪوئلو وڪڻڻ تي مجبور

نوجوان ديوين جو ڏاڪ وڍي 150 رپيا في مڻ کورن تي کپائي ٻچن جو پيٽ پالين ٿا

پورهيت ديوين جو ڏاڪ ۽ پاڙون وجهي باھ ڏئي ڪوئلو تيار ڪري 7 سئو في مڻ شهرن ۾ کپائن ٿا

سيراڻي(رپورٽ: شاهنواز چاوڙو) بدين ضلعي ۾ ڪاٺ مان ڪوئلو ٺاهي وڪڻڻ جو ڪاروبار عروج تي، هزارين ماڻهو سلهاڙيل، نوجوانن کي سهارو ملي ويو ان ڏس ۾ بدين ضلعي جي ڏاکڻي سامونڊي پٽي جي شهر سيراڻي، ڀڳڙاميمڻ، شيخ ڪرهيو ڀانڍاري، گولو منڌرو، روپاماڙي شهيد دودو سومرو، ٻهڊمي، ولاسو، بخشو ديرو، لاکو پير، شيخاڻي گهاڙي، گرهيڙي، احمد راڄو، لنواري شريف ۾ مهاٻوڏن بعد سمنڊ جو زهريلو پاڻي سر سبزشاداب زرعي زمينن ۾ ڇوڙ ٿيڻ کانپوءِ علائقي کي سيراب ڪندڙ واهن ۽ شاخن ۾ پاڻي جي بدترين کوٽ ھئڻ ڪري زرعي زمينن ۾ مٺو پاڻي ڇوڙ نه ٿيڻ ڪري علائقي جون هزارين ايڪڙ سرسبزشاداب زرعي زمينون بنجر بڻجڻ سبب علائقن جا هزارين ماڻهو بيروزگار ٿي ويا آهن علائقن جي ماڻهن لاءِ روزگار جو وسيلو زراعت تباهي جي ڪناري تي پهچي وئي. زراعت تباھ ٿيڻ کانپوءِ علائقي واسين پاران ديوين جي (ڏاڪ) کاٺيون وڍي ڪچين سرن جا کورا ٺاهي، کورن ۾ ديوين جا ڏڪ ۽ ديوين جون پاڙون وجهي کورن کي ٻه ڏينهن باھ ڏئي ڪوئلو تيار ڪري هزارين نوجوان توڙي ننڍڙن ٻارڙن سميت عورتون مزودري ڪري روزگار سان لڳل آهن. ان ڏس ورتل ڄاڻ موجب کورن جا مالڪ علائقي واسين کان ديوين جي ڏاڪ في مڻ 100کان 150سئو روپيه خريد ڪندا آهن ۽ ديوين جون پاڙون 70 روپيه في مڻ خريد ڪندا آهن جڏهن ته هر هڪ کوري ۾ ديوين جي ڏاڪ 20مڻ کان 25 مڻ لڳندي آهي 20 مڻ ديوين جي ڏاڪ مان 6 کان 7 مڻ ڪوئلو ٺهي تيار ٿيندو آهي ڪوئلي جي في مڻ 700 کان 800 روپين تائين واپاري خريد ڪري شهرن ڏانهن کڻي ويندا آهن. چار کان پنج ڏينهن لڳن ٿا هر هڪ کوري تي 3 کان پنج ماڻهون روزگار سان لڳل آهن. علائقي جي رهواسي روزگار جا وسيلا گهٽ ھئڻ ڪري کورن تي مزدوري کي پنهنجي ٻچن جي پيٽ جي بک اجهائن ٿا.
کورن ۾ ڪوئلو ٺاهيندڙ مزدور مختلف بيمارين ۾ ورتل
سيراڻي: کورن تي ڪوئلو ٺاهيندڙ مزدور نٽهڻ اس ۽ دونهون تي ڪم ڪرڻ سبب اکين، ساهه ڌم سميت مختلف بيمارين ۾ وٺجي ويا آهن ڪيترائي مزدور دونهون جي ڪري اکين جو نور وڃائي ويٺا آهن. ان ڏس ۾ ڊاڪٽر اسلم پرهياڙ ٻڌايو ته کورن جو دونهون انساني صحت لاءِ هاڃيڪار آهي کورن جي دونهون مان ڇاتي جي ڪينسر، ساھ جي تڪليف، ڌم ۽ ٻيون خطرناڪ بيماريون ۾ جنم وٺن ٿيون کورا ڳوٺ جي ويجهو نه ٺاهڻ گهرجن ته جيئن خطرناڪ بيمارين کان بچي سگهجن.
کورن جي دونهين تي بيهڻ ڏاڍو ڏکيو آهي: پورهيت
سيراڻي: ڪوئلي جي کورن تي مزدوري ڪندڙ پورهيت ربڏنو، علي بخش، محمد بچل، سليمان، اصغر ملاح، بلاول ملاح ۽ ٻين”پنهنجي اخبار“ سان ڳالهائيندي چيو ته ڪوئلي جي کورن تي هڪ ڏينهن مزدوري ڪندا آهيون ته هڪ ڏينهن آرام ڪندا آهيون کورن جي دونهون تي بيهڻ ڏکيو آهي هر روز ڪم ڪريون ٿا ته اسان بيمار ٿي ٿا وڃون اسان کي هڪ ڏينهن جي مزدوري 200 کان 300 تائين ملندي آهي ۽ هڪ ڏينهن کورن تي ڪم ڪندا آهيون ته هڪ ڏينهن ديوين جي ڏاڪ وڍيندا آهيون ديوين جو ڏاڪ في مڻ 40 رپيا وڍيندا آهيون.مزدوري مان بچن جو گذرسفر ڪندا آهيون
ڪراچي، حيدرآباد سميت ٻين شهرن مان ڪوئلي جا خريدار ايندا آهن
سيراڻي: حيدرآباد، ڪراچي، ٽنڊو محمد خان، ٺٽو ۽ ٿرپارڪار جا واپاري سيراڻي شهر ۽ ڀرپاسي مان ڪوئلو خريد ڪرڻ ايندا آهن جيڪي هتان ڪوئلو خريد ڪري ٽرڪو ۽ ٽريڪٽر ٽرالي ڀرائي ويندا آهن.
ڪوئلو وڌيڪ ٻهراڙين جي هوٽلن ۾ استعمال ٿيندو آهي
سيراڻي: ٻهراڙي جي ڳوٺن ۾ ڪوئلو ڪوئلي واري استري ۾ لڳائي ڪپڙا استري ڪيا ويندا آهن ۽ جن شهرن ۾ گئس جي سهولت نه هئڻ ڪري هوٽلن تي ڪوئلي تي ٽانڊو ٻاري رڌ پچاءُ ۽ چانھه ٺاهيندا آهن.
کورن جي دونهين سبب سمهي به نه ٿا سگهون: رهواسي
سيراڻي: ڪوئلي جا کورا ڳوٺن جي ويجهو هئڻ ڪري کورن جو دونهون ڳوٺن طرف وڃڻ ڪري عام زندگي مفلوج بڻجي وئي آهي دونهون هئڻ ڪري بيمار ماڻهون تڙپڻ لڳا آهن. کورن ڀرسان ڳوٺن ۾ رهندڙ الهڏنو، رحيم بخش، الهبچايو ۽ ٻين چيو ته کورن جو دونهون ڳوٺن طرف اسان جي گهرن ۾ اچڻ ڪري رات جو سمهي به نه ٿا سگهون اسان جي تڪليف ٿئي ٿي رات جي وقت دونهون هئڻ ڪري ساھ به نه ٿا کڻي سگهون.

Bookmark the permalink.