تازا ترين
  • لاڙڪاڻي ۾ ڪورونا جو وڌيڪ 36 ڪيس ظاهر،ضلعي ۾ متاثرن جو انگ 283 ٿي ويو*خانپورمھر ۾ ڪورونا ڪيسن ۾ ڌڙا ڌڙ واڌ، وائرس جا 39 نوان ڪيس ظاهر*
  • سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڪٿي تيز ڪٿي هلڪي چوماسي برساتن جو سلسلو شروع ٿي ويو*
  • لاڙڪاڻو: بلاول جي سنڌ ۾ فوتين جا لاش گڏهه گاڏن، رڪشن ۽ ريڙهن تي کنيا پيا وڃن: حليم عادل *لاڙڪاڻو: 2 ارب 20 ڪروڙ رپيا صرف لاڙڪاڻي کي ڏنا ويندا آهن: حليم عادل*لاڙڪاڻو: رتيديري ۾ پاڻي جون ٽينڪون لڳل آهن جن مان پاڻي نه ايندو آ نه ويندو آ: حليم عادل*
  • سنڌ ۾ ڪورونا جو زور برقرار، 24 ڪلاڪن ۾ وڌيڪ 25 ڄڻا فوت*صوبي ۾ وڌيڪ 2222 نوان ڪيس ظاهر ٿيڻ بعد وائرس سٽيلن جو انگ وڌي 94 هزار 528 ٿي ويو*
  • سنڌ جي مختلف شهرن ۾ اڄ رات کان تيز برساتن جو امڪان، موسميات کاتي ڪراچي، ٺٽو، حيدرآباد ۽ بدين ۾ ٻوڏ جو خدشو ظاهر ڪري ڇڏيو*ڪراچي ۽ ٿرپارڪر ڊويزن ۾ ۾ سڀاڻي کان تيز هوائن سان برسات پوندي: موسميات کاتو*لاڙڪاڻو، سکر، گهوٽڪي، سانگھڙ ۽ دادو ۾ اڄ رات کان چوماسي جي برسات جا امڪان*

بدين جي يوسي حاجي سومار ابڙو جي چيئرمين خلاف احتجاج

بدين(ڊر) 2015 ۾  بدين جي پراڻي يوسي محمد خان ڀرڳڙي کي ٽوڙي قائم ڪيل يوسي حاجي  سومار ابڙو کي  ملندڙ  ماهوار فنڊن ۾ مبينا گوٻين خلاف مرزا گروپ سان تعلق رکندڙ يوسي چيئرمين ۽ رهواسين ۾ دنگل جاري آهي. ان سلسلي ۾ معلوم ٿيو آهي ڪافي مهينن کان مرزا گروپ سان لاڳاپيل 17 يوسيز جن جا فند رڪيل هئا هڪ سياسي شخصيت جي مداخلت تي جاري ٿيڻ بعد يوسي ۽ سٽي سطح تي رهواسين احتجاج شروع ڪري ڇڏيا آهن. جنهن تحت چيئرمين تي ڪرپشن جا الزام هڻي سندس خلاف مظاهرا ڪرايا پيا وڃن. ان ڏس ۾ رهواسين غلام رسول سومرو ڪرمي قاضي جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو. هنن الزام هڻندي چيو ته يوسي چيئرمين ۽ وائس چيرمين لکين رپين جي ڪرپشن ڪري پيسا هڙپ ڪيا آھن جن خلاف جاچ ڪري ڪيس هلايا وڃن.

Bookmark the permalink.