تازا ترين
  • *ڄامشورو ۾ نوجوان ناري جو پيءُ تي زيادتي جي ڪوشش جو الزام: پوليس ڪيس داخل ڪري جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو * ڄامشورو: پيءُ پاڻي بهاني ڪمري ۾ گهرائي لڄالٽ جي ڪوشش ڪئي: ناري جو الزام * ڄامشورو: جوابدار سومر ملاح کي گرفتار ڪري جاچ شروع ڪئي وئي آهي: پوليس *
  • *ڪشمور پوليس پاران نوجوان عبدالرزاق کوسو کي اغوا ٿيڻ کان بچائڻ ۽ هڪ جوابدار محمد حيات سبزوئيکي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ*
  • *جهول ويجهو باهه لڳي وئي، پورهيتن جا 8 ڪکانوان گهر الهه تلهه سوڌو رک*
  • *گولاڙچي ويجهو ٽرالر موٽرسائيڪل مٿان چڙهي ويو، 2 ڄڻا نواز خاصخيلي ۽ عظيم خاصخيلي فوت*
  • *مانجهند: سن ويجهو وين ۽ سوزوڪي ۾ ٽڪر، هڪ ڄڻو 45 سالن جو چنيسر کوسو فوت، 20 کان وڌيڪ زخمي*
  • *گمبٽ ۾ هڪ عورت حاڪم زادي ڪوري ڪارو پٿر پي ڇڏيو، نازڪ حالت ۾ لاڙڪاڻي ريفر*
  • *گمبٽ ڀرسان استري ڪندي ڪرنٽ لڳڻ سبب هڪ عورت طيبه ڪليري فوت ٿي وئي*
  • *پيرڳوٺ ويجهو هٿياربندن جي حملي ۾ زخمي ٿيل ٻن ڀائرن غلام شبير ڀنگر ۽ محمد قاسم ڀنگر مان هڪ غلام شبير ڀنگر فوت ٿي ويو*
  • *سکر: گهوٽڪي ويجهو مڙس جوابدار علي مراد شيخ پاران ڪارنهن تهمت هڻي زال مسمات ظھران کي قتل ڪرڻ جي ڪوشش، ناري نازڪ حالت ۾ سکر ريفر * سکر: جوابدار علي مراد شيخ زال مسمات ظھران کي ڪهاڙيون ۽ لٺيون هڻي مرڻينگ ڪري ڇڏيو * سکر: جوابدار ڪارنهن جو ڪوڙو الزام مڙهي نياڻي تي حملو ڪيو: وارث*
  • *سکر: پسند جي شادي نه ڪرائڻ تان نوجوان ناري سِمرن ڌيءُ ڪيول مسيح درياهه ۾ ٽپو ڏئي ڇڏيو*
  • *ڪراچي: آءِ جي سنڌ لاءِ وفاق کي وڌيڪ 2 نالا تجويز * ڪراچي: سنڌ سرڪار ثناءُ الله عباسي ۽ انعام غني جا نالا اسٽيبلشمينٽ ڊويزن ڏانهن اماڻي ڇڏيا *
  • *ڪراچي: سنڌ ۾ هوٽلن، ريسٽورنٽس، بيوٽي پارلر، هار سينگار ۽ صحت مرڪزن کي ٽئڪس ۾ رعايت: ڪابينا خدمتن تي ٽئڪس ۾ رعايت جي منظوري ڏئي ڇڏي * ڪراچي: گهريلو ملازمن جي پگهارن ۽ رجسٽريشن لاءِ رولز جي منظوري، موٽر سائيڪلز ۾ ٽريڪرز لڳائڻ لاءِ به ترميمي قانون جي منظوري ڏني وئي * ڪراچي: وڏي وزير طرفان لوڪل گورنمينٽ جي ملازمن جي پگهارن وارو مسئلو جلد حل ڪرڻ جي هدايت، اربن اٿارٽي جوڙڻ جي به منظوري *
  • *ڪراچي: سنڌ سرڪار آءِ جي سنڌ طرفان سول سوسائٽي سان ملاقات تي اعتراض واري ڇڏيا: ڏوهه ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ ڌيان ڏيڻ تي زور * ڪراچي: وزيراعظم جي ڏيهه واپسي کانپوءِ آءِ جي تبديل ٿي ويندو، ڪوبه بحران نه آهي: مرتضيٰ وهاب *
  • امتياز شيخ ايس ايس پي شڪارپور کي قانوني نوٽيس اُماڻي ڇڏيو*هٿ ٺوڪيا الزام لڳائڻ تي رضوان شيخ معافي وٺي: صوبائي وزير طرفان هڪ ارب جي هرجاڻي جي دعويٰ*
  • آءِ جي سنڌ جي مامري ۾ وفاق ۽ سنڌ حڪومت هڪ پيج تي آهن، جلد مسئلو حل ٿي ويندو: وڏو وزير*وفاقي سرڪار سان سنڌ کي پنهنجو حصو نه ملڻ تي اختلاف آهي، ڪڻڪ خريد ڪئي آهي، هڪ ٻن ڏينهن ۾ اٽي جو بحران حل ٿي ويندو*اُميد ته چيف جسٽس زيادتي مامري ۾ ناري سان انصاف ڪندو: عمرڪوٽ ۾ علي مردان شاهه جي پونيئرن سان تعزيت بعد ڳالهيون*

بخشاپور ڀرسان ٻن ڌُرين ۾ جهيڙو دوران لٺين ۽ ڪهاڙين جو وسڪارو: پيرسن قتل: 2 ڄڻا زخمي

ڳوٺ حافظ ڌڻي بخش گولو ۾ گولا برادري جي ٻن ڌُرين ۾ جهيڙو ٿيو

ڌُرين ۾ پُراڻو تڪرار هلندڙ آهي، وڌيڪ جاچ بعد پتو پئجي سگهندو: پوليس

بخشاپور (ن پ ا) بخشاپور ڀرسان ٻن ڌُرين ۾ جهيڙي دوران هڪ ڳوٺاڻو قتل ۽ 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا. ڳوٺ حافظ ڌڻي بخش گولو ۾ گولا برادري جي ٻن ڌُرين ۾ پُراڻي تڪرار ٻيهر ڪر کنيو ۽ وري جهيڙو ٿي پيو، جنهن دوران ٻنهي ڌُرين هڪٻئي تي لٺين ۽ ڪهاڙين جو وسڪارو لائي ڏنو. جهيڙي جي نتيجي ۾ 55 ورهين جو فيض محمد گولو مارجي ويو، جڏهن ته 2 ڄڻا قربان ۽ غلام مصطفيٰ گوليو زخمي ٿي پيا.
اطلاع تي پوليس پهتي ۽ لاش تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪرايو، جڏهن ته زخمين کي به اسپتال نيو ويو آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته ڌُرين ۾ ڪارنهن جو پُراڻو تڪرار هلندڙ آهي، وڌيڪ جاچ بعد معلوم ٿي سگهندو.



Bookmark the permalink.