تازا ترين
  • لاڙڪاڻي ۾ ڪورونا جو وڌيڪ 36 ڪيس ظاهر،ضلعي ۾ متاثرن جو انگ 283 ٿي ويو*خانپورمھر ۾ ڪورونا ڪيسن ۾ ڌڙا ڌڙ واڌ، وائرس جا 39 نوان ڪيس ظاهر*
  • سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڪٿي تيز ڪٿي هلڪي چوماسي برساتن جو سلسلو شروع ٿي ويو*
  • لاڙڪاڻو: بلاول جي سنڌ ۾ فوتين جا لاش گڏهه گاڏن، رڪشن ۽ ريڙهن تي کنيا پيا وڃن: حليم عادل *لاڙڪاڻو: 2 ارب 20 ڪروڙ رپيا صرف لاڙڪاڻي کي ڏنا ويندا آهن: حليم عادل*لاڙڪاڻو: رتيديري ۾ پاڻي جون ٽينڪون لڳل آهن جن مان پاڻي نه ايندو آ نه ويندو آ: حليم عادل*
  • سنڌ ۾ ڪورونا جو زور برقرار، 24 ڪلاڪن ۾ وڌيڪ 25 ڄڻا فوت*صوبي ۾ وڌيڪ 2222 نوان ڪيس ظاهر ٿيڻ بعد وائرس سٽيلن جو انگ وڌي 94 هزار 528 ٿي ويو*
  • سنڌ جي مختلف شهرن ۾ اڄ رات کان تيز برساتن جو امڪان، موسميات کاتي ڪراچي، ٺٽو، حيدرآباد ۽ بدين ۾ ٻوڏ جو خدشو ظاهر ڪري ڇڏيو*ڪراچي ۽ ٿرپارڪر ڊويزن ۾ ۾ سڀاڻي کان تيز هوائن سان برسات پوندي: موسميات کاتو*لاڙڪاڻو، سکر، گهوٽڪي، سانگھڙ ۽ دادو ۾ اڄ رات کان چوماسي جي برسات جا امڪان*

بخشاپور واسي کان سعودي کان واپسي دوران لاهور ايئرپورٽ تي اڻڄاتل ڦورو نشو ڏئي ڦري ويا

بخشاپور (ن پ ا) ڳوٺ سهراب خان جکراڻي جي رهواسي 23 ورهين جي نوجوان شوڪت پٽ جمعو جکراڻي سعودي کان واپسي دوران لاهور ايئرپورٽ تان اڻڄاتل ڦورون نشو ڏئي هزارين روپيه روڪ رقم ۽ ٻيو قيمتي سامان ڦري ڪري فرار ٿي ويا. عبدالغفار موجب سندس ڀاء سعودي کان مزدوري ڪندو هو جيڪو گذريل ڏينهن وطن واپسي دوران لاهور ايئرپورٽ پهتو ته اڻڄاتل ماڻهن کيس ورغلائي نشو ڏئي پاسپورٽ، شناختي ڪارڊ ڊرائيورنگ لائسنس ،ستر هزار روڪ ۽ ٻيو سامان ڦر ڪري فرار ٿي ويا. هنن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري سندن انصاف ڪيو وڃي.

Bookmark the permalink.