تازا ترين
  • *گمبٽ ۽ ڀرپاسي ۾ گيسٽرو تي ضابطو نه آيو، وڌيڪ20 مريض اسپتال ڀيڙا *ٻارڙن ۽ عورتن سميت 20 ڄڻن کي گمس اسپتال جي ٽراما سينٽر ۾ داخل ڪيو ويو*
  • *پنوعاقل ويجهو چوپائي مال جي چوري دوران 2 چور سوگھا، مارڪٽ بعد پوليس حوالي *ڳوٺ عبدالرحمان جتوئي ۾ ڳوٺاڻن چوري دوران ٻن چورن کي ڊوڙائي ڊوڙائي پڪڙي ورتو، هڪ فرار *نرڇ واسين عبدالطيف ڀيو ۽ غلام مصطفيٰ جعفري کي پوليس حوالي ڪيو ويو*
  • *ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جوابدار رحمان ڀولا ۽ زبير چريا کي موت جي سزا ٻڌائي ڇڏي*
  • *بلديه سانحي ڪيس جو 8 سالن کانپوءِ فيصلو اچي ويو، متحده اڳواڻ رئوف صديقي شاهديون نه هجڻ تي بري*
  • *ڊگهڙي ويجهو اڌڙوٽ شخص سرفراز واهه ۾ ٻڏي فوت *جيلاني پاڙي واسي40 ورهين جو عبدالحئي عرف پٺاڻ ولد عبدالقيوم قمبراڻي سرفراز واهه ۾ ٻڏي ويو *رهواسين شهري کي پاڻي مان ڪڍي اسپتال منتقل ڪيو جتي ڊاڪٽرن سندس فوتگي جي تصديق ڪئي*
  • *سکر: خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، شاهدن جا بيان قلمبند ڪرڻ جي نيب جي اپيل رد *احتساب عدالت ۾ ريفرنس آهي، شاهدن جا بيان به اتي قلمبند ٿيندا: ڪنزيومر ڪورٽ *خورشيد شاهه جي ملڪيت جي حوالي سان نيب 5 شاهن جا بيان قلمبند ڪرڻ لاءِ درخواست ڏني هئي*
  • *لاهور: آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، شهباز شريف جي گرفتاري جا امڪان *شهباز شريف جي ضمانت واري درخواست تي فيصلو اڄ ٻڌايو ويندو*
  • *سبي: ڪمپڙي پل وٽ ٽرڪ جو ڪار کي ٽڪر، هڪ نينگري فوت، 3 ڄڻا زخمي *حادثي ۾ نينگري مائين خان فوت، زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو*
  • *غوثپور:ڳوٺ شهداد ڀيو جي رهواسين پاران بنيادي سهولتون نه ملڻ ڪري پوليو مهم جو بائيڪاٽ *ڳوٺاڻن ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پيارڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، پوليو ٽيمون واپس روانيون*
  • *باڊهه ۾ ٽائون ڪميٽي جي ملازمن جو پگهارن نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو *ٻن مهينن کان ٽائون آفيسر مقرر ناهي ڪيو ويو، پگهارون نه ملڻ سبب فاقاڪشي ۾ مبتلا آهيون: ملازم *
  • * وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ حيدرآباد ۽ ميرپور خاص ڊويزن ۾ امدادي ڪمن جو جائزو *سانگهڙ، ميرپورخاص ۽ عمرڪوٽ جي 5 لک ايڪڙ ايراضي تي پاڻي بيٺل آهي: بريفنگ *اسان پاڻي نيڪال وارو ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي: سيڪريٽري ايريگيشن *ايندڙ 15 ڏينهن ۾ ضرور پاڻي نيڪال ٿيڻ گهرجي: سيد مراد علي شاهه *
  • *راولپنڊي: بينظير ڀٽو قتل ڪيس ۾ اپيلن جي ٻڌڻي 19 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪئي وئي *ڪيس جي پنجن ئي جوابدارن کي ايندڙ ٻڌڻي تي عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم *سي پي او جي پيش نه ٿيڻ تي عدالت پاران سخت ڪاوڙ جو اظهار *
  • *ڏهرڪي: صفائي عملي پاران پگهارون نه ملڻ ۽ سينيٽري انسپيڪٽر کي هٿڪڙيون لڳڻ خلاف احتجاج *ٻن مهينن کان پگهارون نه ملڻ سبب گهرن ۾ فاقاڪشي واري صورتحال آهي: صفائي عملو *سينيٽري انسپيڪٽر کي بيگناهه هٿڪڙيون هڻايون ويون: صفائي عملو*
  • * جروار:ڪپهه جو فصل تباهه ٿيڻ ۽نقلي زرعي دوائون وڪرو ڪندڙ ڊيلرن خلاف احتجاج *جروار يوٿ فورم جي سڏ تي واجد گبول جي اڳواڻي احتجاجي ريلي ڪري گشت *ڊيلرن نقلي ٻج ۽زرعي دوائون ڏيئي غريب آبادگارن جو فصل تباھ ڪيو آھي: اڳواڻ *
  • *ڪنڌڪوٽ:ڏوهي سرگرمين ۾ ملوث اهلڪارن خلاف ڪريڪ ڊائون جاري *ڪنڌڪوٽ: جوا هلائڻ جي الزام ۾ هيڊ محرر ثناءُالله ڏاهاڻي رورٽ ۽ معطل *ڪنڌڪوٽ: 6پوليس اهلڪارن کي منٿلي اوڳاڙي تان ڪوارٽر گارڊ ڪيو ويو*

بحريه ٽائون جو ڪم پئسا جمع ڪرائڻ آهي، ڪٿي خرچ ٿيندا اهو ناهي: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ بحريه ٽائون جي ادائيگيون ٻن سالن تائين ملتوي ڪرڻ واري درخواست واپس وٺڻ جي بنياد تي اڪلائي ڇڏي. ڪالھه جسٽس فيصل عرب، جسٽس اعجاز ۽ جسٽس منيب اختر تي ٻڌل ٽي رڪني بينچ ٻڌڻي ڪئي. بحريه ٽائون جي وڪيل علي ظفر چيو ته اسان پاران نومبر تائين ايڊوانس ۾ قسطون جمع ڪرايون ويون آهن هن وقت ڪورونا وائرس سبب شديد مالي پريشانيون آهن ان ڪري قسطن جي ادائيگي ٻن سالن ملتوي ڪئي وڃي، جسٽس فيصل عرب چيو ته نومبر جي مهيني تائين ادائيگي ٿيل آهي هاڻي ادائيگي ملتوي ڪرڻ جي درخواست ڏيڻ سمجهه کان ٻاهر آهي، جسٽس منيب اختر چيو ته ڪورونا صرف اوهان کي نه پر سڄي دنيا جي ڪاروبار کي نقصان رسايو پر ان باوجود ڪاروباري ماڻهن کي ڪافي حد تائين ريليف ڏنو ويو آهي. جسٽس اعجاز الحسن چيو ته عدالت جو فيصلو اوهان جي درخواست تي تبديل نٿو ڪري سگهجي، عدالت جو فيصلو ڪو معاهدو ناهي عملدر آمد بينچ وٽ به عدالتي فيصلو تبديل ڪرڻ جو اختيار ناهي، وڪيل چيو ته عملدر آمد بينچ کي جمع ڪيل پيسا حڪومت کي ڏيڻ لاءِ فيصلو ڪرڻو آهي جنهن تي جسٽس منيب اختر چيو ته بحريه ٽائون جو ڪم عدالتي حڪم مطابق پيسا جمع ڪرائڻ آهي خرچ ڪٿي ٿيڻ ٿا اهو ڪم اوهان جو ناهي. علي ظفر چيو ته جيڪڏهن ادائيگيون جاري رهيون ته بحريه ٽائون ڏيوالپڻي جو شڪار ٿي ويندو، جسٽس فيصل عرب چيو ته في الحال اوهان جي درخواست وقت کان اڳ آهي ان کي خارج ڪندا سين جنهن تي وڪيل چيو ته اوهان درخواست خارج نه ڪريو اسان واپس وٺون ٿا ته جيئن ٻيهر داخل ڪري سگهون جنهن تي عدالت درخواست واپس وٺڻ جي بنياد تي اڪلائي ڇڏي.

Bookmark the permalink.