تازا ترين
  • *لکي غلام شاهه ۾ ٽائون ڪميٽي جا 11 ملازم ڪورونا جو شڪار ٿي ويا *ٽائون ڪميٽي جي 50 ملازمن مان 11 جي ٽيسٽ رپورٽ پازيٽو اچي وئي *
  • *چوھڙجمالي ۾ ڪورونا جا وڌيڪ 3 ڪيس ظاهر، متاثرن جو انگ 10 ٿي ويو *عورت ۽ پوليس اهلڪار سميت 3ڄڻن جي ڪورونا ٽيسٽ رپورٽ پازيٽو اچي وئي *
  • *وارھه ۾ گهر جي بجلي ٺاهڻ دوران ڪرنٽ لڳڻ سبب نوجوان فوت *سول ڪورٽ ڀرسان بجلي ٺاھيندي نوجوان زاھد چانڊيو ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿي ويو *
  • *حيدرآباد: گرڊ اسٽيشن ۾ لڳل بجلي جي ٽرانسفارمر ۾ فني خرابي سبب4 فيڊرز کي بجلي جي فراهمي بند *اين ٽي ڊي سي انتظاميا کي گرڊ اسٽيشن ۾ فني خرابي بابت آگاهه ڪيو آهي: حيسڪو ترجمان *
  • *خانپور: ڊرينيج جو پاڻي قبرستان ۾ ڇوڙ ڪرڻ خلاف رهواسين جو انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو، ٽائرن کي باهيون *ڌرڻي سبب انڊس هاءِ وي تي مسافر گاڏين جون قطارون لڳي ويون *
  • *پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس سبب 4 هزار 762 ماڻهو فوت ٿي چڪا *ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي مريضن جو انگ 2 لک 31 هزار 818 ٿي ويو *سنڌ صوبي ۾ 94 هزار 528 ماڻهو ڪورونا وائرس جو شڪار ٿيا *
  • *سانگهڙ ضلعي ۾ برساتن سبب سرڪاري گدامن ٻاهران رکيل ڪڻڪ خراب ٿيڻ جو خدشو *سانگهڙ جي مختلف گدامن ٻاهران 4لک کان وڌيڪ ڪڻڪ جون ٻوريون کليل آسمان هيٺ رکيل آهن*
  • *ڪراچي: احتساب عدالت ۾ غيرقانوني ڀرتين بابت ريفرنس جي ٻڌڻي *اڳوڻو وزيراعظم شاهد خاقان عباسي احتساب عدالت ۾ پيش *عدالت شاهد خاقان عباسي کي ريفرنس جي ڪاپي فراهم ڪري ڇڏي *شاهد خاقان عباسي ۽ ارشد مرزا پاران عدالت ۾ حاضري کان ڇوٽ واري درخواست داخل *عدالت ريفرنس تي ٻڌڻي 5آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي *
  • *سنڌ روشن پروگرام اسڪينڊل: مراد علي شاهه اڄ نيب آڏو پيش ٿيڻ کان معذرت ڪري ڇڏي *نيب راولپنڊي وڏي وزير کي 8 جولاءِ تي ٻيهر طلب ڪري ورتو، طلبي نوٽيس جاري: ذريعا *
  • *سکر ۾ ماءُ ڌيءَ جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف وارثن جو مينارا روڊ تي لاش رکي ڌرڻو *جوابدار شڪيل سيال ٻٽو قتل ڪرڻ بعد پنھنجي ڀيڻ شاهينه کي وٺي فرار ٿي ويو آهي:مظاهرين *
  • *نوشهروفيروز ۾وڌيڪ 3ڪورونا ڪيس رپورٽ، انگ 349 ٿي ويو *ضلعي ۾ڪورونا جا 176 مريض گهرن ۾آئيسوليٽ ٿيل آهن: ڊي ايڇ او *ضلعي ۾170 مريض صحتياب ٿي ويا آهن: ڊي ايڇ او *

بجلي جا ايترا ڪنڊا ڪيئن لڳا؟، لڳي ٿو ڊي ايم سي ملوث آهي: عدالت

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ليمو ڳوٺ ۾ ڪي اليڪٽرڪ جي غير قانوني ڪنيڪشن ختم ڪرڻ لاءِ داخل درخواست تي سي اي او ڪي اليڪٽرڪ ۽ يوسي چئيرمين ليمو ڳوٺ کي طلب ڪري ورتو. عدالت ڪي اليڪٽرڪ کي ڊي ايم سي اوڀر سان گڏجي ليمو ڳوٺ ۾ بجلي جا غير قانوني ڪنيڪشن فوري طور ختم ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. جسٽس عمر سيال پڇاڻو ڪندي چيو ته توهان ايترا غير قانوني ڪنيڪشن ۽ ڪنڊا ڪيئن لڳايا آهن؟ لڳي ٿو ته غير قانوني ڪنيڪشن ڏيڻ ۾ ڊي ايم سي اوڀر به ملوث آهي، جنهن تي ڪي اليڪٽرڪ جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته اسان علائقي ۾ ڪنڊا سسٽم ختم ڪرڻ لاءِ آپريشن ڪندا آهيون پر علائقي واسي ڪنڊا هٽائڻ ناهن ڏيندا، درخواستگذار عدالت ۾ دليل ڏيندي چيو ته اسان جي علائقي ۾ 12،12 ڪلاڪ بجلي جي لوڊشيڊنگ ڪئي ويندي آهي، اسان جي فيڊر ۾ غيرقانوني ڪنيڪشن لڳائي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي، بجلي جي فراهمي به صحيح نه پئي ڪئي وڃي جنهن سبب اسان جو اليڪٽرڪ سامان سڙي ويندو آهي. جنهن بعد عدالت درخواست تي وڌيڪ ٻڌڻي 8 جولاءِ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

Bookmark the permalink.