تازا ترين
  • ڪراچي ۾ پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن تي واپاري ۽ شهري کي اغوا ڪرڻ جا 2 ڪيس داخل*
  • ايف بي آر انڪم ٽئڪس ريٽرن جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر 8 ڊسمبر تائين واڌ ڪري ڇڏي*
  • ايف آءِ اي شگر ملز اسڪينڊل ۾ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ جهانگير ترين کي اڄ طلب ڪري ورتو*
  • نيب ڪرپشن الزام هيٺ جليل الزمان کي گرفتار ڪري ورتو*تعلقي ناظم مخدوم حبيب الله پرويز مشرف جي دور ۾ ڪروڙين رپين جي ڪرپشن ڪئي: نيب ذريعا*

باڊهه ۾ پارڪو جي لائين مان تيل چوري ڪرڻ جو ڪيس داخل

باڊھ ( ن پ ا ) ملڪ جي اهم سرڪاري ادارن پاڪ فوج، پي آئي اي، پاڪستان ريلوي ۽ ٻين ادارن کي تيل جي رسد پهچائڻ لاءِ پاڪ عرب آئل ريفائنري“پارڪو “پائيپ لائين جيڪا ڪراچي کان لاهور ۽ فيصل آباد تائين وڃي ٿي اهڙي لائين ۾ گذريل ڏينهن باڊھ ٿاڻي جي حد ۾ جوابدارن پاران ڪلپ لڳائي هزارين ليٽر تيل چوري ڪرڻ واري واقعي جو ڪيس پارڪو آفيس شڪارپور جي سيڪورٽي آفيسر نديم احمد باڊھ ٿاڻي تي 12 جوابدارن صفر ماڇي، امداد گوپانگ، مزن ڦلپوٽو سميٿ ڏھ سڃاتل ۽ 2 اڻسڃاتل خلاف داخل ڪرائي ڇڏيو آھي هوڏانهن باڊھ پوليس تيل چوري ڪندڙ جوابدارن مجيد ماڇي ،ظفر ماڇي، نثار بروهي ،امداد گوپانگ جن کي پارڪو سيڪورٽي واران جاءِ واردات تان پڪڙي پوليس حوالي ڪيو هو انهن کي وڌيڪ جاچ لاءِ ڏوڪري جي سول جج ۽ جڊيشل مئجسٽريٽ ٽو جي عدالت پيش ڪيو عدالت سڳوري گرفتار جوابدارن کي ٽن ڏينهن جي جسماني ريمانڊ تي باڊھ پوليس حوالي ڪيو.

Bookmark the permalink.