تازا ترين
  • *پنوعاقل لڳ پٽڙي ڪراس ڪندڙ نينگر ٽرين جي ٽڪر ۾ فوت ٿي ويو *نينگر فاروق پٽڙي ڪراس ڪري رهيو هو ته ٽرين ٽڪر هنيو،لاش وارثن حوالي*

باڊهه ڀرسان پارڪو جي لائن مان تيل چوري، ٽريڪٽر ۽ ٽانڪي هٿ

باڊھ ( ن پ ا ) باڊھ – نصيرآباد روڊ تي سوئي گيس چوڪي لڳ نامعلوم تيل چورن پاران ڪراچي کان پنجاب ويندڙ تيل جي پارڪو پائيپ لائين ۾ ڪلپ ذريعي لکين رپين جي ماليت جو هزارين ليٽر تيل چوري ڪيو ويو اهڙي اطلاع تي پوليس پهچي هڪ ٽريڪٽر ۽ ٽانڪي لڳل ٽرالي هٿ ڪري ورتي جڏھن ته تيل چور فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا هوڏانهن پوليس پيرين جي مدد سان جوابدارن جا پيرا کنيا جيڪي باڊھ لڳ ڳوٺ خان بهادر ايوب کهڙو ۾ ماڇي برداري جي گهرن ۾ لڳا پوليس شڪ جي بنياد تي 3 جوابدارن امداد گوپانگ ، خان گوپانگ ۽ نثار بروهي کي گرفتار ڪري نامعلوم هنڌ منتقل ڪري ڇڏيو جڏهن ته چوپائي مال جا 6 ڍور پڻ پوليس پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيا آھن هوڏانهن پوليس موجب جوابدارن جن جي هڪ منظم گينگ آھي جن پارڪو پائيپ لائين ڀرسان هڪ خالي پلاٽ مسواڙ تي وٺي سرن جي بٺي جو سامان لهرائي پائيپ لائين ۾ ڪلپ لڳائي 3سئو فوٽ ڊگهي ڳجهي لائين لڳائي اتان تيل چوري ڪندا رهندا هئا هوڏانهن تيل چوري جو ڊي آئي جي لاڙڪاڻو عرفان بلوچ نوٽيس وٺندي باڊھ پوليس کي حڪم جاري ڪيو آھي ته تيل چوري ۾ اصل ملوث گينگ ۾ شامل جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي.

Bookmark the permalink.