تازا ترين
  • ٻوڏ صورتحال ۾ ڪاڇي واسين کي اڪيلو نه ڇڏينداسين: وڏو وزير*وڏي وزير جي دوري دوران متاثرن لاءِکاڌي پيتي جي شين سوڌو امدادي سامان انتظاميه کڻي وئي*
  • نئن گاج جَي پاڻي ڪاڇي ۾ تباهي مچائي ڇڏي، يوسيز ۾ ڏيڍ سئو کان وڌيڪ ڳوٺ پاڻي ۾ ٻڏي ويا*ڏورانهن علائقن ۾ ڪيترائي خاندان نئن جي پاڻيءَ ۾ پڻ ڦاٿل، محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل نه ٿي سگهيا*ڪيترن شهرن جا رابطا ڪٽيل، پاڪ فوج سميت ضلعي انتظاميه پاران امدادي ڪارروايون جاري*

باڊهه شهر جي بنيادي سهولتن جي کوٽ خلاف احتجاج

باڊھ (ن پ ا ) باڊهه شھر جي بنيادي سهولتن جي کوٽ خلاف رهواسين احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ان موقعي تي مسئلن جي حل لاءِ مظاهرين پاران سخت نعريبازي ڪئي وئي اڳواڻن اصغر ڍڪڻ، مهتاب ۽ ٻين چيو ته تاريخي شھر باڊھ کي پيپلز پارٽي جي 12 سالن جي دور ۾ مسلسل نظر انداز ڪيو ويو آهي رڳو ڪرپشن ڪرڻ ۾ پورا آھن باڊھ شھر ۾ بجلي جي هٿرادو لوڊشيڊنگ سبب هتان جو ڪاروبار سخت متاثر ٿي ويو آھي باڊھ جي شھرين کي صحت ۽ تعليم کان پري رکيو پيو وڃي هنن مطالبو ڪيو ته باڊھ شھر جا سمورا جائز مطالبا حل ڪري شھرين مان بيچيني دور ڪئي وڃي.

Bookmark the permalink.