تازا ترين
  • *اين سي او سي جي هدايت تي سنڌ ۽ پنجاب سرڪار عوامي اجتماعن جي حوالي سان اخلاقي ضابطه جاري ڪري ڇڏيا*
  • *ٻنهي جهانن جَي سردار حضرت محمد ﷺ جن جِي ولادت جو اڄ جشن ملهايو پيو وڃي، عاشقن طرفان دُرود ۽ سلام سان نبي ڪريم ﷺ کي ڀيٽا پيش*

باهو کوسو ۾ ڪارنهن تڪرار جو جرڳو، نوجوان تي 11 لک ڏنڊ

باهو کوسو(ن پ ا) باهو کوسو ٿاڻي جي حد ڳوٺ طوطو ڊومڪي ۾ ڊومڪي ۽ گولا برادري جي ٻن ڌرين ۾ ڪارنهن تڪرار جو جرڳو مقدم محمد صلاح ڊومڪي جي سرپنچي ۾ ٿيو جنهن ۾ ٻنهي ڌرين جون ڳالهيون ٻڌڻ بعد مظفر پٽ غلام عباس ڊومڪي مٿان يارنهن لک ڏنڊ وڌو ويو جڏهن ته ٻهه لک موقعي تي ادا ڪيا ويا ۽ هڪ لک رپيا ڪاري ڌر کي معاف ڪيا ويا باقي اٺ لک ٻن قسطن ۾ نورحسن گولو کي ڏنا ويندا جيئن ته مهينو کن اڳ ۾ هاري نورحسن پنهنجي ڌي کي وڏيري مظفر پٽ غلام عباس ڊومڪي سان ڪارنهن جو تهمت هيو هو فيصلي جي بعد ۾ ٻنهي ڌرين کي ڀاڪر پارايا ويا.

Bookmark the permalink.