تازا ترين
  • *ٽنڊو غلام علي ڀرسان جهڳي کي باهه: 7 مهينن جو ٻارڙو بابو ولد ڪانجهي ڪولهي سڙي فوت*
  • *ميهڙ ٿاڻي اڳيان جهيڙو: 5 ڄڻا زخمي: ڇڏائڻ ۾ اي ايس آءِ کي به سروٽو لڳي ويو*
  • گوشت ڪيڏانهن ويو؟ ڪراچي ۾ گڏهن جون منڍيون ۽ اوجهه هٿ*اڻڄاتل ماڻهو ڪلفٽن ۾ گڏهن جي باقياتي اُڇلي ويا، جاچ ڪريون پيا ته گوشت ڪيڏانهن ويو: پوليس*
  • نئون ديرو: سڱاوتي تڪرار تان سالن هٿان ڀيڻيويو قتل*سئوٽن طاهر کي فائرنگ ڪري قتل ڪيو (نديم ککراڻي) پوليس ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو*

باهه ۾ سڙي فوت 13 ڪڪڙ واسين جي تدفين اڄ اردن ۾ ٿيندي

ڪڪڙ ( رپورٽ: امير ملاح ) اردن باهه واقعي ۾ سڙيل فوت ٿيل هڪ ئي ڪٽنب جي 13 ڀاتين جي وارثن جي گهرن ۾سوڳ ۽ ڏک جي لھر برقرار آھي. تحريڪ انصاف تعلقي ڪي اين شاھ صدر ڊاڪٽر خليل سڪندر کونھارو، سنڌ ملاح فورم ۽ واپاري اڳواڻ اقبال چارڻ ٽي ڏينھن سوڳ جو اعلان ڪيو آھي، واپارين اڄ سوڳ ۾ ڪاروبار بند رکڻ جو پڻ اعلان ڪيو آھي، ڪڪڙ جي جويا محلا ۾ فوتين جي وارث ايڊووڪيٽ نويد علي جويو تڏو وڇايو آھي، جتي تعزيت جو سلسلو هلندڙ آهي، ايڊووڪيٽ نويد علي جويو صحافين کي ٻڌايو ته باهه ۾ سڙي فوت ٿيل 13 ڀاتين جي اڄ جنازي نماز اردن ۾ ادا ڪئي ويندي، سڀني کي اتي ئي مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويندو



Bookmark the permalink.