تازا ترين
  • *ڊگهڙي ويجهو ڊاٽسن جو موٽرسائيڪل کي ٽڪر: موٽرسائيڪل تي سوار نوجوان منگل پٽ پارو ڀيل، شريمتي هستو ڀيل، سندس ٻن سالن جي نياڻي منگلي ۽ نينگر دليپ فوت *
  • *ورڪشاپ کان حيدرآباد ويندي گم ٿي ويل نوجوان جي اغوا جي تصديق، عورتاڻي آواز تي هرجکي اغوا ٿيڻ جا چوٻول * ورڪشاپ: نوجوان مختيار شر جو پيءُ راجا خان شر کي فون، اغوا ٿيڻ جي تصديق * ورڪشاپ: پٽ فون ڪري ٻڌايو ته ڌاڙيل اغوا ڪري ويا آهن، بازيابي لاءِ مدد ڪئي وڃي: راجا خان *
  • *ڪريم بخش کوسو واسي بون ميرو جي مرض ۾ مبتلا 13 سالن جو نينگر امتياز بروهي پٽ جاني بروهي سبب فوت *
  • *قاضي احمد ويجهو ڪچي جي ٻن ڌرين وچ ۾ هلندڙ تڪرار جو سن ۾ جرڳو، 2 خون ثابت ٿيڻ بعد ڌرين تي 60 لک رپيا ڏنڊ * قاضي احمد: ايس يو پي اڳواڻ سيد زين شاهه جي سرپئنچي ۾ جرڳو ٿيو، جلال محمود شاهه به شريڪ * قاضي احمد: لاکا ڌر تي اڳرائي جو 10لک رپيا ڏنڊ وڌو ويو، تڪراري زميني ڇڇر واري ڌر حوالي *
  • لکي غلام شاهه ويجهو هٿياربندن هٿان ڳوٺاڻو قربان ڪلوڙ اغوا، ڪجهه دير بعد بازياب
  • *شھدادڪوٽ: ٻن موٽرسائيڪل وچ ۾ ٽڪر: 2 نوجوان ڳوٺ غلام قادر کوسو جو رھواسي صدام حسين کوسو ۽ ڳوٺ ميران خان مگسي جو رھواسي پيربخش مگسي فوت ٿي ويا، نينگري بختاور زخمي*
  • *ڪراچي: قاضي عبدالڪبير سڀاڻي رٽائر ٿيندو، عثمان چاچڙ گهرو سيڪريٽري جي چارج سنڀاليندو*
  • *فريدآباد واسي 22 ورھين جو نوجوان پورهيت قاسم شاهه پٽ حسين شاهه موٽرسائيڪل هلائيندي دل جو دورو پوڻ ڪري فوت*
  • *غوثپور لڳ ٽريڪٽر کڏ ۾ ڪري پوڻ ڪري ڊرائيور ڄام سولنگي هيٺان اچي فوت ٿي ويو*
  • *غوثپور لڳ ٽريڪٽر ٽرالي 9 ورھين جي نينگري اوبيعه ڌيءُ محمد علي اوڳاهي کي چيڀاٽي ماري ڇڏيو*
  • *حيدرآباد: ميرپورخاص ۾ هاءِ ڪورٽ جي بينچ قائم ڪئي وڃي: درخواست تي چيف سيڪريٽري سنڌ سميت لاڳاپيل ڌرين کان 4 ڊسمبر تائين جواب * حيدرآباد: ڏورانهن وارن ضلعن جي ماڻهن کي ٻڌڻين لاءِ هڪ ڏينهن اڳ حيدرآباد اچڻو پوي ٿو: درخواستگذار * حيدرآباد: مان پاڻ صبح 5 وڳي ميرپورخاص مان نڪرندو آهيان، واپس ويندي شام ٿي ويندي آهي: وڪيل *
  • * تلهار ويجهو خوفناڪ حادثو: هڪ ئي ڪٽنب جا 6 ڀاتي فوت * تلهار: ڪار رڪشا کي بچائيندي کاهي ۾ ڪري پئي، فوتي ڀاتين ۾ 2 ٻاررڙيون، 3 عورتون ۽ هڪ نوجوان شامل * تلهار: فوتين مان هڪ عورت ۽ تازي ڄاول ٻارڙِي جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي، ٻين فوتين جي سڃاڻپ تازي ڄاول ٻارڙي جي ماءُ مسمات ميران چانڊيو، مسمات شهناز، سندس معصوم 10 سالن جي ڌيءُ مائزه، نوجوان عبدالستار چانڊيو جي نالن سان ٿي *
  • *بدين ويجهو لڱ ڪانڊاريندڙ واقعو: 3 معصوم ٻار سڙي فوت * بدين :ڳوٺ مامون نوحاڻي ۾ چلهه مان اٿيل چڻنگ تباهي مچائي ڇڏي، ڪکاوان گهر سڙي رک، 3 معصومڙا ۾ هڪ سال جو پوَن پٽ هرچند ڪولهي، ٻن سالن جي ريشما ڌيءُ نانجي ڪولهي ۽ ڌرمي ڌيءُ ڪاجو ڪولهي به اجل جو شڪار *
  • *جيڪب آباد ۾ اجتماعي لڄالٽ جو شڪار نينگري ۽ سندس ڌيءُ جي ڪيس پوليس کي مُنجهائي ڇڏيو: ٻارڙي جي ڊي اين اي رپورٽ اچڻ جو انتظار * جيڪب آباد :ڪيس ۾ 2 اڻڄاتل جوابدارن مان به ڪنهن هڪ سان ڊي اين اي ميچ ٿيو ته پوءِ ڇا ڪجي؟ پوليس لاءِ ڪيس جا قانوني پاسا به چئلينج بڻيل: ذريعا * جيڪب آباد :ڪيس کي گهرائي سان ڏسي رهيا آهيون، هفتي اندر ڊي اين اي رپورٽ اچي ويندي، اُن کانپوءِ ئي جاچ جو رُخ طئه ڪنداسين: ايس ايس پي جيڪب آباد *
  • اي سي ايل مان نالو ڪڍڻ جو اختيارحڪومت کي آهي: نيب جو جواب*نيب طرفان وفاقي گهرو وزات ڏانهن جواب موڪليو ويو (ذريعا) اڳوڻي وزيراعظم لاءِ ايئر ايمبولينس جو انتظام ڪيو ويو*

بابا پرڏيهه وڃي ۽ آئون هتي هجان، ڏاڍو ڏکيو هوندو: مريم نواز

نواز شريف کي علاج لاءِ پرڏيهه وڃڻ گهرجي، بابا کي ڪنهن جي آسري تي نٿي ڇڏيان: عدالت ۾ پيشي دوران ڳالهيون

لاهور (ڊيسڪ رپورٽ)مريم نواز پنهنجي والد جي صحت ڳڻتي جوڳي قرار ڏيندي چيو آهي ته کيس علاج لاءِ پرڏيهه وڃڻ گهرجي. لاهور جي عدالت ۾ پيشيءَ جي موقعي تي مريم نواز کان سوال پُڇيو ويو ته ڇا نواز شريف پرڏيهه وڃي رهيو آهي، جنهن جو مختصر جواب ڏيندي مريم نواز چيو ته نواز شريف جي طبيعت خراب آهي، دُنيا ۾ جتي به علام ممڪن هجي، کيس اوڏانهن وڃڻ گهرجي.
هن چيو ته کيس رڳو نواز شريف جي صحت جو فڪر آهي، اُن تي ڪنهن به قسم جي سوديبازي نٿي ڪري سگهجي. چوڌري شگر ملز ڪيس ۾ مريم نواز لاهور جي عدالت ۾ پيش ٿي، اُن موقعي تي سندس چوڻ هو ته والد جي طبيعت تمام گهڻي خراب آهي، اُن باوجود هو عدالت پهتي آهي، هن وقت سندس سڄو ڌيان والد جي صحت تي آهي ۽ سندس سمورا مامرا پاڻ ڏسي رهي آهي، والد کي نرسز ۽ ملازمن جي آسري تي نٿي ڇڏي سگهي.
سياست لاءِ زندگي پئي آهي
هڪ سوال جي جواب ۾ مريم نواز چيو ته والدين ٻيهر نه ملندا آهن، سياست سڄي زندگي هلندي رهندي، هوءَ 24 ڪلاڪ والد سان گڏ رهندي آهي، ملڪ ۾ جيڪو به علاج مهيا ٿيل هو، اُهو ڪرايو آهي، تنهن باوجود نواز شريف جي بيماريءَ جو پتو نٿو پوي. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ مريم نواز چيو ته هو پرڏيهه جو سفر نٿي ڪري سگهي، ڇاڪاڻ ته سندس پاسپورٽ عدالت ۾ جمع ٿيل آهي. اهو تمام گهڻو ڏکيو ٿي ويندو ته ميان صاحب علاج لاءِ پرڏيهه وڃي ۽ هوءَ نه وڃي، ڇو جو کيس هر وقت والد جي صحت جو فڪر رهندو آهي.

Bookmark the permalink.