تازا ترين
  • ايف اي ٽي ايف پاران پاڪستان کي فيبروري تائين گري لسٽ ۾ رکڻ جو فيصلو *
  • *وفاقي حڪومت آرڊيننس پاڻ واپس نه ورتو ته سينيٽ ۾ اُن کي رد ڪرايو ويندو، سنڌ حڪومت به آرڊيننس رد ڪرائڻ لاءِ ڪردار ادا ڪندي: وڏو وزير*
  • *وفاقي سرڪار طرفان ڏنگي ۽ ٻُنڊاڙ ٻيٽن تي نئون شهر اڏڻ لاءِ سنڌ حڪومت سان رابطا جاري رهڻ جي دعويٰ*
  • *ڪراچي واقعي ۾ جعلي حڪومت صوبائي خودمختياري سوڌو پاڻ تي به حملو ڪيو آهي: مريم نواز*

اڻ وڻندڙ ڪردارن جي آڇ ٿيڻ سبب 30 فلمون ڇڏي ڏنيون: مليڪا شراوت

پڙهيل لکيل گهراڻي جي آهيان، مون کي رڳو اڻ وڻندڙ ڪردارن جون آڇون ٿينديون رهيون

ممبئي (انٽرٽينمينٽ ڊيسڪ) بي باڪ ۽ بولڊ سين عڪسبند ڪرائڻ بابت شهرت رکندڙ اداڪارا مليڪا شراوت جو چوڻ آهي ته 20 کان 30 فلمن ۾ اڻ وڻندڙ ڪردارن جي آڇ ٿيڻ سبب اهي ٿڏي ڇڏيون. فلم انڊسٽري جي اداڪارا مليڪا شراوت تي تنقيد ٿيندي رهي هئي، ماڻهن جو اداڪارا بابت چوڻ هو ته سندس فلمن ۾ ادا ڪيل ڪردار معاشري ۾ عورتن تي ٿيندڙ تشدد کي وڌيڪ هٿي ڏين ٿا. اداڪارا ڀارتي نجي ٽي وي کي انٽرويو ڏيندي چيو ته هن پنهنجي هيل تائين جي ڪيريئر دوران 20 کان 30 فلمن جون آڇون ٿڏي ڇڏيون آهن. کيس انهن فلمن ۾ جيڪي آڇون ٿي رهيون هيون اهي ڪردار سندس حقيقي زندگي ۽ ذات کان پري آهن. هو حقيقت ۾ اهڙي ناهي جهڙا ڪردار اسڪرين تي ادا ڪندي نظر اچي ٿي. هن وڌيڪ چيو ته هن لاڳيتو فلمون ٺڪرايون ڇو ته هو پنهنجي حقيقي ڪردار کي ڪٿي گم ٿيڻ نه پئي چاهي ۽ نه ئي هو آڇ ٿيندڙ ڪردارن تي يقين ڪري ٿي. هن ڪيريئر جي شروعات ۾ ئي فلمن ۾ ڪردار ادا ڪرڻ بابت هڪ مائينڊ سيٽ ٺاهيو هو جنهن سبب کيس فلمن کي وڃائي نقصان کڻڻو پيو. هن چيو ته هاڻي به خوش آهيان. جيڪو ڪم اڄ حاصل ڪيو يا ڪري رهي آهيان اهو مرضي موجب آهي. ان لاءِ انڊسٽري ۾ اڃان ڪم بابت وڏا موقعا موجود آهن. مليڪا جو فلم انڊسٽري بابت چوڻ هو ته ڪم حاصل ڪرڻ لاءِ وڏي محنت ڪرڻي پئي شايد ٻين فنڪارائون کي نه ڪرڻي پئي هوندي. هن چيو ته هڪ پڙهيل لکيل گهراڻي مان آهيان پر انڊسٽري ۾ خراب روين کي منهن ڏيڻو پيو.

Bookmark the permalink.