تازا ترين
  • خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، ٻڌڻي 5 آڪٽوبر تائين ملتوي*
  • آصف زرداري جي اپيلن تي فيصلو 23 سيپٽمبرتي ٻڌايو ويندو*نيب جيڪي الزام لڳايا، انهن سان واسطو ئي ناهي، آصف زرداري جي وڪيل دليل مڪمل ڪري ورتا *

اڻ رجسٽرڊ بلڊ بينڪن خلاف قدم کڻو: صحت کاتي کان جواب طلب

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪاري اسپتالن جي ڀرپاسي ۾ اڻ رجسٽرڊ بلڊ بينڪن خلاف درخواست تي سنڌ سرڪار، صحت کاتي ۽ ٻين کان 8 آڪٽوبر تائين جواب طلب ڪري ورتو. ڪالهه ٻڌڻي دوران ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل درخواست تي جواب جمع ڪرائڻ لاءِ مهلت طلب ڪندي چيو ته اسان هن درخواست تي اڄ ئي جواب جمع ڪرائي ڇڏينداسين، جنهن بعد عدالت درخواست تي وڌيڪ ٻڌڻي 8 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي. درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو هو ته ڪراچي ۾ جناح، سول ۽ عباسي شهيد اسپتال ڀرسان واقع اڻ رجسٽرڊ بلڊ بينڪون غير معياري رت جو ڪاروبار ڪري رهيون آهن، انهن بلڊ بينڪس ۾ اسڪريننگ لاءِ غيرمعياري ڪٽس رکيل آهن، درخواست ۾ چيو ويو ته بلڊ ٽرانسفيوزن اٿارٽي پاران بلڊ بينڪس جي ڪا نگراني نه پئي ڪئي وڃي،

Bookmark the permalink.