تازا ترين
  • *گهارو: پ پ ايم پي اي سردارخان چانڊيو جي گھر تي پوليس چڙهائي خلاف سچوا ۽ چانڊيا برادري جو مظاهرو *چانڊيا برداري پنھنجي سردار سان گڏ آھي اھڙو عمل ڪڏھن به برداشت نه ڪيو ويندو: احتجاج ڪندڙ*
  • *نصيرآباد ۾ سردار چانڊيو ۽ برهان خان چانڊيو جي گهرن تي پوليس چڙهائين خلاف ڌرڻو *پ پ ڪارڪنن احتجاجي ريلي ڪڍي ارٿر پل تي ڌرڻو ھنيو، پوليس خلاف نعريبازي *پوليس چانڊيا ڀائرن جي گهرن تي بنا جواز چڙهائي ڪري سندن ساک کي نقصان پهچائي رهي آهي: مظاهرين*
  • *پيرونمل ۽ ڀرپاسي ۾ چڪي مالڪن اٽي جا من پسند اگهه مقرر ڪري ڇڏيا، پورهيت طبقو سخت پريشان *چڪي مالڪن سنڌ حڪومت پاران اٽي جو 41 روپيا 83 پئسا اگهه وارو حڪم به هوا ۾ اڏائي ڇڏيو *اٽو مهانگي اگهه تي ملڻ سبب سخت پريشاني کي منهن ڏيئي رهيا آهيون: شهري*
  • *وڳڻ ۾ سردار چانڊيو ۽ برهان خان چانڊيو جي گهرن تي پوليس چڙهائين خلاف احتجاجي مظاهرو *پوليس جي سردار چانڊيو ۽ برهان چانڊيو جي گهرن تي چڙهائي جي مذمت ڪريون ٿا: مظاهرين *
  • *قاضي احمد ۾ گستاخ خاڪا شايع ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو *سياسي سماجي مذهبي تنظيمن جي اڳواڻن ۽ شهرين پاران ريلي ڪڍي احتجاج ڪيو ويو *فرانس ۾ گستاخ خاڪا شايع ڪري سموري دنيا جي مسلمانن جي دل آزاري ڪئي وئي: مظاهرين*
  • *سکر: دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ ڊاڪٽر خالد محمود سومرو قتل ڪيس جي ٻڌڻي *سکر: عدالت ۾ سرڪاري گواهه سب انسپيڪٽر غلام حيدر بروهي جو بيان رڪارڊ ڪيو ويو *سکر: عدالت گواهه جو بيان رڪارڊ ڪرائڻ بعد ٻڌڻي 14 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي *سکر: ٻڌڻي دوران مولانا عطا محمود سومرو، طارق سومرو، وڪيل اطهر عباس ۽ ٻيا پيش ٿيا*
  • *شيخ ڀرڪيو ۾ توهين آميز خاڪا شايع ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو، فرانس خلاف نعريبازي *فرانس ۾ توهين آميز خاڪا شايع ٿيڻ سبب مسلمانن جي دل آزاري ٿي آهي: مظاهرين*
  • *شهدادڪوٽ ۾ شهري ايڪشن ڪاميٽي پاران اٽو مهانگي اگهه تي وڪرو ڪرڻ خلاف ڌرڻو *شهرين پاران ڪوٽو موٽو چونڪ تي ڌرڻو هنيو ويو ، انتظاميه خلاف نعريبازي *دڪاندار اٽو 70 کان 80 روپيا في ڪلو وڪرو ڪري رهيا آهن، انتظاميه ننڊ سُتل آهي: مظاهرين*
  • *قمبر ۾ سچوا پاران سردار خان چانڊيو ۽ برهان چانڊيو جي گهرن تي پوليس چڙهائين خلاف احتجاج *سردار خان چانڊيو ۽ برھان چانڊيو کي ڪوڙي ڪيس ۾ ڦاسائي سندن ساک کي نقصان پهايو ويو آهي: اڳواڻ*
  • *اسلام ڪوٽ ۾ پورهيتن پاران ٿرڪول ڪمپنين جي مبينازيادتين خلاف ڌرڻو *سياسي سماجي تنظيمن جا اڳواڻ به به ڌرڻي واري هنڌ پهچي ويا، ڇتي نعريبازي*
  • *دادو مان ناري پراسرار نموني گم، وارث سخت پريشاني جو شڪار *دادو: عزيز آباد ڪالوني واسڻ14 ورهين جي حليمان ڌيءَ الهرکيو لاشاري پراسرار نموني گم ٿي وئي*
  • *خانپور مهر ويجهو پوليس جي ڪارروائي، هڪ ڄڻو گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ *ڳوٺ حمل مهر واسي جان محمد پٽ سڄڻ مهر کي پسٽل ۽ گولين سميت گرفتار ڪيو آهي: پوليس*
  • *لاهور: راڻا ثناءُ الله خلاف منشيات اسمگلنگ ڪيس جي ٻڌڻي 21 نومبر تائين ملتوي *اياز صادق جي تقرير دوران ڇا اسپيڪر ستل هو؟:راڻا ثناءُ الله *اسپيڪر اياز صادق جا لفظ ڪارروائي مان حذف ڇو نه ڪيا:راڻا ثناءُ الله*
  • *ميهڙ: ڳوٺ گاهي مهيسر ۾ مينهن ڪاهڻ تان جهيڙو، عورت سميت4ڄڻا زخمي ٿي پيا *زخمي واحد بخش زرداري، محمد صالح تيوڻو، مسمات شمل خاتون تيوڻو ۽ اصغر مهيسر اسپتال منتقل *زخمين کي ميهڙ اسپتال مان طبي امداد ڏيڻ بعد لاڙڪاڻي منتقل ڪيو ويو*
  • *وارهه ۾ پ پ ايم پي اي سردار چانڊيو جي گهرن تي پوليس چڙهائي خلاف شٽربند هڙتال *وارهه: پ پ جي سڏ تي ڪاروباري مرڪز بند رکيا ويا، دڪانن جا شٽر نه کُليا*

اڳوڻي فوجي جي معاملي تي لڳي ٿو ته ايس اي سي پي آزاد ناهي: عدالت

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ايس اي سي پي جي ڊائريڪٽر ارسلان ظفر خلاف ڪارروائي کي روڪڻ جو حڪم ڏيندي ايندڙ ٻڌڻي تائين انڪوائري ڪميٽي کي شوڪاز نوٽيس جو جواب ڏيڻ جي هدايت ڪري ڇڏي، جڏهن ته عدالت گذريل پنجن سالن ۾ ايس اي سي پي اندر ٿيل ڪاررواين جي رپورٽ پڻ طلب ڪري ڇڏي، ڪالهه چيف جسٽس اطهر من الله جي عدالت ۾ درخواست گذار ارسلان ظفر جو وڪيل پيش ٿيو، ايس اي سي پي جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته ڪانفيڊنشنل رپورٽ ليڪ ٿيڻ تي درخواست گذار کي نوٽيس جاري ڪيو، اها رپورٽ ڪمپنين جي شيئر هولڊرز جي هئي، ارسلان ظفر جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته درخواست گذار خلاف بغير شوڪاز نوٽيس جاري ڪرڻ جي انڪوائري ڪئي وئي، انڪوائري ڪاميٽي جو شوڪاز نوٽيس ڏياريو وڃي، چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته ڪمپنيون پنهنجي سموري ڊيٽا پنهنجي ويب سائيٽ تي رکنديون آهن، اهڙي صورت ۾ ايس اي سي پي ۾ موجود اها معلومات ڪانفيڊنشل ڪيئن ٿي سگهي ٿي، چيف جسٽس چيو ته ڪنهن جي ڪمپني جي معلومات ليڪ ٿي آهي جو معاملو حساس بڻجي ويو؟ جنهن تي ايس اي سي پي جي وڪيل چيو ته رٽائرڊ ليفٽيننٽ جنرل عاصم باجوه جي ڪمپني آهي، چيف جسٽس چيو ته ڪمپني عاصم باجوه جي هجڻ ڪري انڪوائري شروع ڪئي وئي، شيئر هولڊنگ جي معلومات پبلڪ ڪرڻ ڪيئن حساس معاملو آهي؟ ڇا اوهان نٿا چاهيو ته هر شخص جو احتساب ٿئي، وزيراعظم ته احتساب چاهيندو آهي يقينن هن معاملي جي کيس ڄاڻ نه هوندي، ايس اي سي پي جي وڪيل جواب ڏيندي چيو ته جنهن ڪمپني بابت الزام لڳايو آهي اها عاصم سليم باجوا جي آهي، ان ڪري درخواست گذار خلاف ڪارروائي شروع ڪئي، چيف جسٽس چيو ته افسوس جي ڳالهه آهي ته ايس اي سي پي پنهنجو آئيني ڪم ڪرڻ بجاءِ هڪ ٻئي ڪيس جي انڪوائري شروع ڪري ڇڏي، سڄي دنيا ۾ قانون آهي ته عوامي مفاد وارين شين کي شيئر ڪيو ويندو آهي، درخواست گذار خلاف انڪوائري ڪرڻ جو حڪم ڪنهن ڏنو، ايس اي سي پي پنهنجي رويي سان معاملي کي شڪ وارو بڻائي رهيو آهي، اڳوڻي فوجي آفيسر جي معاملي تي ايس اي سي پي متحرڪ ٿيڻ مان لڳي ٿو ته ادارو آزاد ناهي، ايس اي سي پي پنهنجي رويي سان پاڻ کي شرمنده ڪري پيو، ايس اي سي پي جو اهڙو رويو درخواست کي ٻڌڻ جوڳو قرار ڏيڻ لاءِ ڪافي آهي، درخواست گذار جي وڪيل چيو ته جنهن شخصيت جي ڪمپني جي حوالي سان الزام لڳايو پيو وڃي ان جي ڪمپني سموري معلومات شيئر ڪري ڇڏي آهي، چيف جسٽس ايس اي سي پي جي وڪيل شاهد انور باجوا کي مخاطب ٿيندي چيو ته اوهان ماضي ۾ جج رهي چڪا آهيو، ڇا اوهان نه ٿا چاهيو ته هر شخص جو احتساب ٿيڻ گهرجي، مون کي يقين آهي ته هن ڳالهه بابت وزيراعظم کي به معلومات نه هوندي،ايس اي سي پي هن ڪيس ۾ سنجيده ڇو آهي، جيڪو اشو ناهي ان کي اشو بڻايو پيو وڃي، في الحال عدالت ايس اي سي پي کي درخواست گذار جي خلاف ڪارروائي ڪرڻ کان روڪڻ جو حڪم ڏئي سگهي ٿي، ايس اي سي پي جي وڪيل عدالت آڏو درخواست ڪئي ته درخواست گذار کي اداري پاران جاري ڪيل شوڪاز نوٽيس ڏيڻ جو جواب جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي وڃي، جنهن کان پوءِ عدالت درخواست گذار کي شوڪاز نوٽيس جو جواب ايس اي سي پي جي انڪوائري ڪاميٽي آڏو جواب جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪندي وڌيڪ ڪارروائي نه ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي، عدالت حڪم ڏنو ته 5 سالن دوران ڪيترين پبلڪ ٿيل رپورٽس تي ڪارروائي ڪئي آهي ان جا تفصيل ڏنا وڃن، ٻڌڻي 12 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪئي وئي.

Bookmark the permalink.