تازا ترين
  • ميرپور خاص واقعي جي جاچ شروع: ڊي جي هيلٿ جي سفارش باوجود ايم ايس معطل نه ٿيو: پي ٽي آءِ ايم پي ايز ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ ٿاڻي تي پهتل*ڊي سي طرفان جُڙيل ڪميٽي اسپتال انتظاميا جا بيان رڪارڊ ڪيا، ڊي جي هيلٿ جاچ دوران ايم ايس کي هٽائڻ جي سفارش ڪئي، اُن تي عمل نه ٿيو*اسپتال انتظاميا طرفان ايمبولينس نه ڏيڻ کانپوءِ ٻارڙي جو لاش موٽر سائيڪل تي نيو پئي ويو ته حادثو پيش آيو، جنهن ۾ وڌيڪ 2 ڄڻا فوت ٿيا*
  • ڪراچي ۾ مظاهرو ڪندڙ هيڊ ماسترز تي پوليس ڪڙڪي پئي*مرد ۽ عورت هيڊ ماسترز سي ايم هائوس ڏانهن وڌڻ جي ڪوشش ڪئي، پوليس جي لٺبازي، چڪريون*
  • ميرپور خاص واقعي ۾ ذميوارن خلاف ڪارروائي ٿيندي: وڏو وزير*بلاول ڀٽو جي سخت موقف کانپوءِ سنڌ ورهائڻ جون ڳالهيون ڪندڙ معافيون گهري رهيا آهن: مراد علي شاهه *
  • شهدادڪوٽ پوليس طرفان مبينا مقابلي ۾ هاف فراءِ ڪيل نوجوان اسپتال ۾ فوت: وارثن جو لاش رکي ڌرڻو: مقابلو ڪوڙو قرار ۽ جاچ جو مطالبو*شهدادڪوٽ پوليس 15 ڏينهن اڳ مبينا مقابلي ۾ نوجوان طارق ڌاريجو کي زخمي ڪيو، چانڊڪا اسپتال ۾ نوجوان زخمن جا سور نه سهندي فوت*طارق شهدادڪوٽ سامان وٺڻ ويو ته پوليس مخالفن جي چوڻ تي کيس گرفتار ڪيو (وارث) مٿس 15 مختلف ڪيس داخل ٿيل آهن: پوليس *
  • غوثپور جا2نوجوان عورتاڻي آواز ۾ هرکجي اغوا ٿيڻ کان بچي ويا*نوجوان لياقت ۽ محمد عثمان دستي شاديءَ جي ڏٽي ۾ ڪچي طرف وڃي رهيا هئا ته پوليس کين روڪيو*
  • *ڪراچي ۾ آرٽيڪل 149 لاڳو ڪرڻ ۽ فروغ نسيم خلاف مختلف شهرن ۾ مظاهرا ۽ ريليون*
  • *لمس ۽ چانڊڪا ۾ ميڊيڪل جي داخلا لاءِ انٽري ٽيسٽ ورتي پئي وڃي*
  • *ميهڙ ڀرسان ٻن موٽرسائيڪلن ۾ ٽڪر: 3 سڳا ڀائر زخمي*

اڳوڻو ايم اين اي شفقت شاهه جيلاني لاڏاڻو ڪري ويو

ميرپور خاص (رپورٽر) اڳوڻو ايم اين اي شفقت شاهه جيلاني لاڏاڻو ڪري ويو. اڳوڻو ايم اين اي شفقت شاهه جيلاني عرف جاني شاهه 4 مهينا اڳ سعودي عرب ويو، جتي دل جي تڪليف سبب باءِ پاس ڪيو ويو. شفقت شاهه جيلاني ڏيهه واپس موٽيو ته دل جي تڪليف ختم نه ٿي، جنهن کانپوءِ کيس ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو ۽ اڄ اسپتال ۾ هو لاڏڻو ڪري ويو آهي.
شفقت شاهه جيلاني جي لاڏاڻي تي ميرپور خاص ۾ جيلاني هائوس ۾ تڏو وڇايو ويو آهي، جڏهن ته سندس مڙهه سڀاڻي جناز نماز بعد اباڻي قبرستان ۾ دفنايو ويندو.
شفقت شاهه جيلاني ڊگهو عرصو سياست ۾ رهيو، هو ميرپور خاص جو اڳوڻو ناظم ۽ پيپلز پارٽي جي ٽڪيٽ تي ايم اين اي به رهيو. زندگيءَ جي آخري گهڙين تائين هو پيپلز پارٽي سان سلهاڙيل رهيو. مرحوم شفقت شاهه جيلاني پونيئرن ۾ زال ۽ 2 پُٽ ڇڏي ويو آهي.

Bookmark the permalink.