تازا ترين
  • *اين سي او سي جي هدايت تي سنڌ ۽ پنجاب سرڪار عوامي اجتماعن جي حوالي سان اخلاقي ضابطه جاري ڪري ڇڏيا*
  • *ٻنهي جهانن جَي سردار حضرت محمد ﷺ جن جِي ولادت جو اڄ جشن ملهايو پيو وڃي، عاشقن طرفان دُرود ۽ سلام سان نبي ڪريم ﷺ کي ڀيٽا پيش*

اڳوڻو آسٽريلين بيٽسمين ۽ ڪمنٽيٽر ڊين جونز لاڏاڻو ڪري ويو

سڊني(اسپورٽس نيوز) اڳوڻي آسٽريلين بيٽسمين ۽ مشهور ڪرڪيٽ ڪمنٽيٽر ڊين جونز دل جو دورو پوڻ سبب لاڏاڻو ڪري ويو آهي. ڀارتي ميڊيا موجب ڊين جونز ڪمنٽري جي سلسلي ۾ ڀارت ۾ موجود هو ۽ ڪوورنا وائرس جي ڪري ممبئي جي هڪ سيون اسٽار هوٽل ۾ بائيو سيڪيور ماحول ۾ وقت گذاري رهيو هو. ميڊيا رپورٽ موجب اڳوڻي آسٽريلوي ڪرڪيٽر کي دل دورو پيو، جنهن کائنس حياتي کسي ورتي. 59 سالن جو ڊين جونز آسٽريليا پاران 52ٽيسٽ، 164 ون ڊي ميچز کيڏيون، ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ اسڪور 216 رنز هو، جڏهن ته ون دي ميچز ۾ هن 11 سينچريون ۽ 46 ففٽيون اسڪور ڪيون هيون. ڊين جونز پي ايس ايل جي ٽيم اسلام آباد يونائيٽڊ جي ڪوچ ۽ مينٽور به هو ۽ مختلف ملڪن جي ليگز ۾ ڪمنٽري به ڪري چڪو هو. 30 جنوري 1984ع ۾ پاڪستاسن خلاف ون ڊي ميچز ۾ ڊيبيو ڪندڙ ڊين جونز 6 اپريل 1994 ۾ پنهنجي آخريم يچ ڏکڻ آفريڪا خلاف کيڏي ۽ کيس سرڊان بريڊ مين جي ٽيم جو اهم رانديگر سمجهيو ويندو هو.

Bookmark the permalink.