تازا ترين
  • *اڳوڻو آسٽريلين بيٽسمين ڊين جونز دل جو دورو پوڻ ڪري لاڏاڻو ڪري ويو *ڊين جونز 59 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو *ڊين جونز پي ايس ايل ۾ اسلام آباد يونائٽيڊ جو ڪوچ رهيو هو*
  • *بدين ۾ پگهارون نه ملڻ خلاف ميونسپل عملي پاران ڪم ڇڏ هڙتال ڪري آفيس آڏو معصوم ٻارڙن سميت احتجاج *نااهل ۽ ڪرپٽ سي ايم او کي هٽائي فوري طور تي پگهارون جاري ڪيون وڃن: احتجاج ڪندڙ ملازم *
  • *بدين: ڪڍڻ رورل ھيلٿ سينٽر جو ايم ايس ڊاڪٽر شجاعت خواجا ڪورونا وائرس جو شڪار *ايم ايس ڊاڪٽر شجاعت خواجا جي ٽيسٽ پازيٽو اچڻ بعد رورل هيلٿ سينٽر سيل ڪيو ويو *
  • *ڀٽ شاھه: شاھ لطيف فائونڊيشن پاران عالمي مشائخ ڪانفرنس ملتوي ڪرڻ جو اعلان *درگاھ ڀٽائي جي سجاده نشين پاران ميلي جون غيرسرڪاري تقريبون ملتوي ڪرڻ جو اعلان *ڪورونا سبب سنڌ حڪومت جي فيصلي جو احترام ڪريون ٿا: سجاده نشين *رڳو عرس جون رسمون ايس او پيز تحت ادا ڪيون وينديون*
  • *ڪراچي ۾ سنڌي نوجوان جي قتل خلاف جروار ۾ احتجاجي ريلي، ڌرڻو *مختلف سياسي سماجي تنظيمن جي ڪارڪنن ۽ شهرين ريلي ڪڍي مين چوڪ تي ڌرڻو هنيو، نعريبازي *ڪراچي ۾ ڌرتي ڌڻين کي بيگناهه قتل ڪرڻ جو سلسلو جاري آهي: مظاهرين *عبدالحميد گبول جي قتل ۾ ملوث ٻين جوابدارن کي به گرفتار ڪري عبرتناڪ سزا ڏني وڃي: مظاهرين*
  • *سيوهڻ ويجهو ڪارنهن جي مبينا الزام هيٺ سهري هٿان ناري قتل، جوابدار ٿاڻي تي پيش *ڳوٺ بچل چنا ۾ جوابدار گلشير چنا پنهنجي ننهن 25 ورھين جي فائزا چنا کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو *جوابدار قتل ڪرڻ بعد پسٽل سميت گرفتاري ڏيئي ڇڏي، غيرت ۾ اچي قتل ڪيو: گلشير چنا جو اعتراف *پوليس پاران مقتولا ناري جو لاش ضروري ڪارروائي لاءِ سيوھڻ اسپتال پھچايو ويو*
  • رائونتي جي ڪچي ۾ پوليس جي مبينا مقابلي ۾ زخمي ٿيل ڏوهاري اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو *رات دير سان بچاءَ بند وٽ مقابلي دوران ڏوهاري محمد نواز سيال کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو هو: پوليس *زخمي ڏوهاري کي سکر اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي فوت ٿي ويو:پوليس *جوابدار محمد نواز سيال تي سنگين قسم جا ڪيس داخل آهن: پوليس*
  • *دادو ويجهو ٻن موٽرسائيڪلن ۾ آمهون سامهون ٽڪر، يعقوب پٽ ڦوٽو فوت ٿي ويو *
  • *ڪشمور: عدالت پاران3ڄڻن کي بلاجواز گرفتار ڪرڻ تي ٽن اهلڪارن تي ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم *ڪشمور جي عدالت ٽن ڄڻن کي بلاجواز گرفتار ڪرڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي *ڪشمور: عدالت سي سيڪشن ٿاڻي جي ايس ايڇ اوسميت ٽن اهلڪارن تي ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو *
  • *اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ آصف زرداري، نواز شريف ۽ يوسف رضا گيلاني خلاف توشه خانه ريفرنس تي ٻڌڻي *اڳوڻو وزيراعظم يوسف رضا گيلاني احتساب عدالت ۾ پيش *عدالت ٻڌڻي پهرين آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي *
  • *ڪنري ويجهو واپاري کان ڦر دوران هڪ ڦورو سوگهو، مارڪٽ *ڳوٺ شاھ بيگ چانڊيو وٽان ڦورو واپاري کان موٽرسائيڪل ڦر ڪري فرار ٿي رهيا هئا ته ڳوٺاڻا پهچي ويا * ڳوٺاڻن هڪ ڦورو کي پڪڙي مارڪٽ ڪرڻ بعد سندس هٿ پير ٻڌي ويهاري ڇڏيو، پوليس نه پهتي
  • *نوري آباد ويجهو مزدا ۽ ٽرالر ۾ ٽڪر، هڪ ڄڻو فوت *موٽر وي تي حادثي ۾ مزدا ڊرائيور پنجاب واسي محمد اسلم راجپوت فوت ٿي ويو *
  • *ڪنري ويجهو واپاري کان ڦر دوران هڪ ڦورو سوگهو، مارڪٽ *ڳوٺ شاھ بيگ چانڊيو وٽان ڦورو واپاري کان موٽرسائيڪل ڦر ڪري فرار ٿي رهيا هئا ته ڳوٺاڻا پهچي ويا *ڳوٺاڻن هڪ ڦورو کي پڪڙي مارڪٽ ڪرڻ بعد سندس هٿ پير ٻڌي ويهاري ڇڏيو، پوليس نه پهتي*
  • *نواب ولي محمد ڀرسان ملواهه شاخ وٽ نوجوان جو لاش هٿ، سڃاڻپ نه ٿي*لاش جي نِڪ ۽ وات مان رت وهي رهيو هو، لڳي ٿو هڪ ڏينهن پُراڻو آهي: پوليس *
  • *مورو: داد بئراج ۾ ٻڏي ويل ملير واسي محمد فاروق جٽ جو لاش هٿ *ٻڏي ويل ڊرائيور مزدا کي ڌوئي رهيو هو ته پير ترڪڻ سبب داد بئراج ۾ ڪري پيو*

اڪري ۾ مبينا طور خودڪشي ڪندڙ عورت جي وارثن جو مڙس تي قتل جو الزام، احتجاج

ڪرونڊي/فيض گنج(نمائندن وٽان) فيض گنج لڳ اڪري چودڳي ٿاڻي جي حد ڳوٺ جمعو شر ۾ زهريلي دوا پي خودڪشي ڪندڙ عورت 35سالن جي سسئي شر کي سندس وارثن قتل ڪرڻ جو شڪ ظاهر ڪيو آهي گذريل ڏينهن کان سڄي رات سسئي جو پوسٽ مارٽم ڪرائڻ لاءِ سندس وارث لاش مختلف اسپتالون ۾ رولائنيدا رهيا بعد ۾رات دير سان سسئي شر جو لاش پوسٽ مارٽم لاءِ فيض گنج جي سرڪاري اسپتال آندو ويو جتي اسپتال جي ڊاڪٽرن توڙي ليڊي ڊاڪٽرياڻين رات جو پوسٽ مارٽم نه ڪرڻ جو جواز ڄاڻائي عورت جي وارثن کي جواب ڏيندي صبح تائين انتظار ڪرڻ جو چيو ان ڪري 8ڪلاڪن لاش سرڪاري اسپتال پيل رهيو جنهن بعد سسئي شر جي وارثن سندس پيءُ بچل شر ماءُ ڀرائي خاتون الهيار شر شاهه بيگ شر ۽ ٻين اسپتال اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪندي سرڪاري اسپتال جي ڊاڪٽرن خلاف نعريبازي ڪئي ان موقعي تي هنن دانهيو ته سسئي کي سندس مڙس گل محمد عرف گلڻ شر تشدد ڪري ڌڪ هڻي قتل ڪيو آهي اسان کي اطلاع ڏيڻ بغير گلڻ شر سسئي شر کي ڪرونڊي جي خانگي اسپتال کڻائي آيو، جتان واپس لاش گهر نيو ويو اسان کي بعد ۾ خبر پئي ته سسئي فوت ٿي وئي آهي اسان گل محمد جي گهر پهچي پنهنجي نياڻي جو لاش پوسٽ مارٽم لاءِ ڪرونڊي ۽ پڪا چانگ کڻائي آياسين پر ڊاڪٽرن رات جو جواز ڄاڻائي پوسٽ مارٽم کان انڪار ڪري صبح ٿيڻ جو چيوته هنن چيوته هڪ عورت فوت ٿيل آهي لاش ڪيترائي ڪلاڪ اسپتال پيل رهيو پر ڊاڪٽر توڙي مقرر ليڊي ڊاڪٽرياڻي سسئي جو پوسٽ مارٽم ڪرڻ لاءِ تيار نه هئا جنهن بعد مجبور ٿي احتجاج ڪيو آهي هنن چيوته سرڪاري اسپتال ڪوس گهر بڻيل آهي هتي ڪابه سهولت نه آهي هڪ اسان سان ظلم ڪيو ويو وري هتي ڊاڪٽرن سڄي رات لاش اسپتال رکرائي ڇڏيو ان سلسلي ۾ مبينا طور زال سسئي شر جي قتل الزام هيٺ آيل سندس مڙس گل محمد عرف گلڻ شر ٻڌايو ته سسئي گهرو تڪرار تان پاڻ زهريلي دوا پي خودڪشي ڪئي آهي مون زال مٿان ڪو به تشدد يا هن کي قتل نه ڪيو آهي مون مٿان ڪوڙو قتل الزام لڳايو ويو آهي معاملي جي جاچ ڪرائي وڃي، عورت جو پوسٽ مارٽم ڪندڙ ڊاڪٽرن جي ٽيم موجب سسئي جي جسم جا جزا ورتا آهن جيڪي ليبارٽري موڪليا.آهن اڪري چودڳي پوليس ٻڌايو ته اطلاع مليو ته سسئي زهر پتو آهي خانگي اسپتال مان سندس مڙس لاش جي ضروري ڪارروائي بعد لاش گهر کڻائي ويو هو بعد ۾ عورت جي والد محمد بچل ٿاڻي تي پهچي ڌيءُ کي مڙس پاران قتل جو شڪ ڏيکاريون جنهن بعد سسئي جو لاش فيض گنج جي سرڪاري اسپتال آندو جتان پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو آهي پوليس موجب معاملي جي جاچ هلندڙ آهي پوسٽ مارٽم رپورٽ اچڻ بعد ئي حقيقت سامهون ايندي پوليس موجب ڪابه گرفتاري نه ٿي آهي ان حوالي سان فيض گنج پوليس رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته ڊي آءِ جي سکر معاملي جو نوٽيس ورتو آهي جنهن بعد سسئي جي وارثن کان بيان ورتا آهن پوليس موجب ڳوٺاڻن کان به بيان ورتا آهن جڏهن ته واقعي جو ڪوبه ڪيس داخل نه ٿيو آهي.

Bookmark the permalink.