تازا ترين
  • ن ليگ طرفان شهباز شريف جي گرفتاري خلاف احتجاج جو اعلان: شهباز شريف کي ڀاءُ سان وفاداري جي سزا ملي: مريم نواز*
  • *لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ مني لانڊرنگ ڪيس ۾ ضمانت درخواست تي ٻڌڻي دوران اپوزيشن ليڊر شهباز شريف پيش*
  • *نوري آباد سانحي جي وڌيڪ ٻن زخمين دم ڏئي ڇڏيو*فوتين جِي سڃاڻپ لاءِ ڊي اين اي نمونا وٺڻ بعد لاش ايڌي سرد خاني منتقل*
  • *ميگا مني لانڊرنگ ريفرنس ۾ اڳوڻي صدر آصف زرداري، فريال ٽالپر، عبدالغني مجيد ۽ ٻين جوابدارن تي فرد جرم لاڳو*

اڪري ۽آسپاس جي 200 ڳوٺن جا رهواسي جديد دور ۾ به ڇيڻا ٻاري رڌپچاءُ ڪرڻ تي مجبور

14 انچ قطر واري گئس پائيپ لائن اڪريءَ کان 2 ڪلوميٽر پري گذري ٿي پر علائقي واسي بنيادي سهولت کان محروم

تڪ جي چونڊيل نمائندن ۽ اقتداري پارٽيءَ جي اڳواڻن جي ڳوٺن کي ته گئس فراهم ڪئي ويئي آهي پر ووٽر نظرانداز

اڪري چودڳي(ن پ ا):اڪري چودڳي ۽آسپاس جي سوين ڳوٺن جا هزارين رهواسي جديد دور ۾ به گئس جهڙي سهوليت کان محروم، عورتون جديد دور ۾ به روايتي طريقن سان ڪاٺيون ۽ ڇيڻا ٻاري رڌ پچاءُ ڪرڻ لاءِ مجبور، 14 انچ قطر واري گئس پائيپ لائن اڪري چودڳي کان 2 ڪلوميٽر پري گذري ٿي. اڪري چودڳي گئس، ڪوئلي، ڪرومائيٽ ۽ ٻين معدني ذخيرن سان مالامال هوندي به مقامي رهواسي پٿر جي دور واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهن. اڪري چودڳي، محب شاھ، جاني ميرجت، خان محمد ڏاهري، حاجي پيروز شر، الهداد اعواڻ سميت تقريبن 200 ڳوٺ گئس جي سهولت کان محروم آهن. 14 انچ قطر واري گئس پائيپ لائين اڪري کان 2 ڪلوميٽر پري گذري ٿي پر اڪري ۽ آس پاس جا ڳوٺ انهيءَ سهوليت کان محروم بڻيل آهن. ظلم جي انتها اها آهي ته تڪ جي چونڊيل نمائندن ۽ اقتداري پارٽي جي اڳواڻن جي ڳوٺن کي چونڊي گئس فراهم ڪئي ويئي آهي پر جيڪي سندن ووٽر آهن انهن جي ڳوٺن کي گئس جهڙي نعمت کان محروم رکيو ويو آهي. ٻهراڙين ۾ رهندڙ ماڻهو مينهن جي مند ۾ ڪاٺيون ۽ ڇيڻا آلا ٿي وڃڻ سبب ٻٽي عذاب ۾ مبتلا ٿي وڃن ٿا ۽ رڌ پچاء ڪرڻ مشڪل بڻجي وڃي ٿو. ڪيترائي دفعا احتجاج ڪيا ويا پرچونڊيل نمائندن توڙي انتظاميا جي ڪن تي جونءِ به نه چري آهي. پڪاچانگ جي شهرين 100 ڏينهن کان وڌيڪ بک هڙتالي ڪئمپ قائم ڪئي. جي ڊي اي ڊاڪٽر رفيق ٻانڀڻ تعلقي فيض گنج کي گئس ڏيارڻ جو بل سنڌ اسيمبلي مان پاس ڪرايو پر هن مهل تائين نه ان تي عمل ٿيو، نه ئي گئس جي سهولت ملي سگهي آهي. هتان جي سياسي، سماجي اڳواڻن ۽ علائقي واسين مطالبو ڪيو آهي ته گئس سندن بنيادي حق آهي، اها سهوليت بنا دير فراهم ڪئي وڃي، ٻي صورت ۾ چونڊيل نمائندن جي گهرن ۽ بنگلن اڳيان احتجاجي ڪئمپون هڻي گئس ملڻ تائين ڌرڻن جو سلسلو شروع ڪيو ويندو.

Bookmark the permalink.