تازا ترين
  • *ملڪ ۾ ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ 3 ڄڻا فوت، انگ وڌي 45 ٿي ويو، 28 سئو کان وڌيڪ متاثر*
  • *پاڪستان جي وڏ وڙائي: ڪراچي جي حدن ۾ ڦاٿل ٻن ڀارتي جهازن کي دڳ ڏيکاري ڇڏيو*
  • *گهارو: غريب آباد پاڙي واسي هڪ ئي ڪٽنب جا ٽي ڀاتي ڪورونا وائرس جي شڪ ۾ قرنطينه منتقل*

اڪري چودگيءَ ۾ بااثر پاران بجلي جو تارون لاهڻ خلاف احتجاج

اڪري چودڳي(ن پ ا) ڳوٺ محمد خان شر جي رهواسين عبدالرزاق شر ،وسيم حسن شر ،زعيم الرحمٰن شر ، امام بخش شر نعيم شر احتجاجي مظاهرو ڪندي چيو ته با اثر هدايت علي شر، سڪندر شر، قادر بخش اسان جي گهرن ڏانهن ويندڙ ايل ٽي جون تارون بنا جواز لاهي ڇڏيون آهن، هنن چيو اھڙي دانهن اسان علائقي جي چڱن مڙسن کي به ڏني آهي پر ان هوندي به اسان سان تدارڪ نه ٿيو آهي، هنن اعليٰ اختيارين کان گهر ڪئي ته اسان جي بجلي ڪٽيندڙ با اثرن خلاف ڪاروائي ڪري اسان جي بجلي بحال ڪرائي وڃي، ٻي طرف الزام هيٺ آيل استاد هدايت علي شر چيوته 1988کان بغير ميٽر جي بجلي ٻاري رهيا آهيون پر هاڻي واپڊا وارا بغير ميٽرن جي هلندڙ صارفين جي بجلي ڪٽي رهيا آهن

Bookmark the permalink.