تازا ترين
  • *28 سيپٽمبر کان اسڪول کولڻ جو اعلان، ڪراچي واسين ايم ڪيو ايم جي سياست کي رد ڪري ڇڏيو آهي: سعيد غني*
  • *صوبائي وزير سعيد غني پاران ڪراچي جي اسڪولن جو دورو، ايس او پيز تي عمل جي هدايت*
  • *مهانگائي جو نئون طوفان: 94 دوائن جي قيمتن ۾ 264 سيڪڙو واڌ: کاڄرو تيل، کير ۽ ٻارن جو کاڌو به مهانگا*
  • *لياقت آباد، ملير، قائد آباد، گلشن اقبال،گلستان جوهر، ڪلفٽن، کارادر، لياري ۾ بجلي ناياب*
  • *سنڌ ۾بجلي جو بدترين بحران، اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو عذاب جاري*

اڪثر رانديگرن کي پي سي بي جي ڪورونا پاليسي تي اعتراض، خرچ ڀرڻ جو مطالبو

لاهور(اسپورٽس نيوز) اڪثر رانديگرن پي سي بي جي ڪورونا پاليسي تي اعتراض واري ڇڏيا، خرچ ڀرڻ جو مطالبو به ڪيو ويو. پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ پاران ڊوميسٽڪ سيزن لاءِ رانديگرن کي پنهنجن پنهنجن علائقن ۾ ڪورونا ٽيسٽ ڪرائڻ جو چيو ويو آهي ان حوالي سان اڪثر ڪرڪيٽرن جو چوڻ آهي ته رانديگرن کي ٻن مرحلن ۾ ڪورونا جي ٽيسٽ ڪرائڻ ۽ پهرين مرحلي جو خرچ خود ڀرڻ لاءِ چيو ويو آهي. هنن ٻڌايو ته اسان جي علائقن ۾ ڪورونا ٽيسٽ لاءِ اهڙيون سهولتون ناهن، انڪري ٽيسٽ صحيح نه اچڻ جا وڌيڪ امڪان آهن. هنن چيو ته پي سي بي وٽ پنهنجي ميڊيڪل ٽيم آهي انڪري اسان جون ٽيسٽون بورڊ پاڻ ڪرائي ۽ خرچ به کيس ئي ڀرڻ گهرجي. رانديگرن موجب هو ذهني طور ڪرڪيٽ کيڏڻ لاءِ مڪمل طور تيار آهن انڪري فوري طور پي سي بي پنهنجي ڪورونا پاليسي تي نظرثاني ڪري.

Bookmark the permalink.