تازا ترين
  • *ڪراچي: سنڌ سرڪار جي 6کاتن ۾ 3 سيڪريٽريز مقرر ٿيل *اهم کاتا من پسند سيڪريٽرين کي اضافي چارج طور حوالي ڪيا ويا *تعليم، لائيو اسٽاڪ ۽ فاريسٽ کاتو مستقل سيڪريٽري کان محروم *زراعت جي سيڪريٽري رحيم سومروکي فاريسٽ جي سيڪريٽري جي اضافي چارج مليل *ثقافت کاتي سيڪريٽري اڪبر لغاري وٽ لائيو اسٽاڪ کاتي جي سيڪريٽري جي اضافي ذميواري *سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ جي چيئرمين احمد بخش ناريجو کي سيڪريٽري تعليم جي اضافي چارج مليل *20هين گريڊ جا ڪامورا بحران باوجود سائيڊ پوسٽن تي ويهاريل*

اڏيرو لال ويجهو معصوم نينگر واٽر ۾ ٻڏي فوت

اڏيرولال (ن پ ا) اڏيرو لال ويجهو معصوم نينگر پاڻي جي واٽر ۾ ٻڏي فوت ٿي ويو خبر موجب ڳوٺ ڍالو خاصخيلي ۾ 5 سالن جو حبدار علي پاڻي جي واٽر ۾ فوت ٿي ويو، اطلاع تي وارثن پهچي نينگر جو لاش واٽر مان ڪڍي ورتو. نينگر جو لاش گهر آندو ويو ته ڪهرام مچي ويو. نينگر جي والد جان محمد مڻڱهار ٻڌايو ته نينگر جو ذهني توازن صحيح نه هو، جيڪو گهران نڪري واٽر ۾ ڪري فوت ٿي ويو.

Bookmark the permalink.