تازا ترين
  • ٺٽي ۾ بتيءَ جي باهه گهر اُجاڙي ڇڏيو: ڪکائين گهر کي باهه: ماءُ، ڌيءُ ۽ معصوم پُٽ سڙي فوت: 2 ڄڻا زخمي*ڳوٺ محمد حسن مندو ۾ پورهيت نظام منڇريءَ جي ڪکائين گهر کي بتيءَ مان باهه لڳي، ڏسندي ئي ڏسندي سڄو گهر سڙي ويو* مسمات شبانا، سندس 5 سالن جو پُٽ حسنين ۽ 7 ورهين جي ڌيءُ سهانا سڙي فوت ٿي ويون: مسمات صفوران ۽ سندس پُٽ زخمي*
  • نصيرآباد: نيب طرفان سيل ڪيل ڪڻڪ جي گدام مان سوين ٻوريون چوري، پوليس لاتعلق بڻيل*

اڏيرو لال اسٽيشن ڀرسان گهر کي باهه، سامان سڙي ويو

اوڏيرولال اسٽيشن (ن پ ا )ڳوٺ قادربخش بالادي ۾ پورهيت ڀٽو بالادي جي گهر کي بجلي جي شارٽ سرڪٽ مان باهه لڳڻ سبب گهر اندر پيل هنڌ رليون، بسترا، ٿانون ۽ کٽن سميت سمورو سامان سڙي ويو. متاثرن جو چوڻ هو ته رڳو جانيون بچائي ٻاهر نڪتاسين، باقي الهه تلهه سڙي ويو آهي. سياري جي موسم ۾ کُليل آسمان هيٺ بي يارو مددگار ويٺل آهيون واهر ڪئي وڃي.



Bookmark the permalink.